Sunday 17 July 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (17th July) By: Dr. Pathan



** 1854ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ميونسپالٽي جي
 پهرين سالياني رپورٽ پڌري ڪئي وئي، جنهن ۾ ڄاڻايو
 ويو هو ته ميونسپالٽي جي سالياني آمدني 13514 رپيا رهي،
 جنهن مان ترقياتي ڪم ڪرايا ويا، انهن ترقياتي ڪمن
 ۾ نوان کوهه کوٽڻ، واٽر سپلاءِ اسڪيم شروع ڪرڻ،
 هڪ اسڪول جي تعمير ڪرائڻ
 ۽ اسپتال لاءِ پلاٽ حاصل ڪرڻ شامل هئا.
** 1909ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ هندو سڀا جي صدر
 هرچند راءِ وشنداس هندستان جي وائسراءِ کي ٽيليگرام
 موڪلي ريفارمڊ ليجسليٽو ڪائونسلن ۾ سنڌ جي
مسلمانن کي نمائندگي ڏيڻ واري مطالبي جي مخالفت ڪئي،
 هن ٽيليگرام ۾ لکيو ته مسلمانن جو اهو
 مطالبو ٻين ڪميونٽيز لاءِ ڳڻتي جو سبب آهي.
** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي منشي الهه بخش،
 مولوي محمد عظيم، قاضي عزيز الله،
 وڏيري محمد امين ۽ حاجي غلام محمد هڪڙو کي
 رتوديرو جي ڊپٽي ڪليڪٽر آڏو پيش ڪيو ويو،
 انهن سڀني ماڻهن جو تعلق بٺي ڳوٺ سان هو،
 هنن کان عدم تعاون تحريڪ جي حوالي سان پڇاڻو ڪيو ويو،
 هنن جو چوڻ هو ته اهي حڪومت جا اسلام مخالف
 يا وري عوام مخالف حڪم قبول ڪرڻ جا پابند ناهن.
** 1928ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مسلمان، هندو ۽ ٻين
 ڪميونٽين جي اهم اڳواڻن سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي کان ڌار
 ڪرڻ واري معاملي تي اتفاق ڪري ورتو ۽ ان 
حوالي سان هڪ سمجهوتي تي راضپو ظاهر ڪيو.
** 1934ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي تعلقي قمبر جي ڳوٺ هسل
 ۾ عوامي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ مولوي محمد ابراهيم بٺوي
 ۽ مولوي عبدالڪريم بٺوي عوام کي صلاح ڏني ته اهي
 حاجي عبدالله هارون ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي کي ووٽ ڏين،
 جيڪي بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي سيٽن تي اميدوار هئا.
** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي قلات اسٽيٽ نيشنل پارٽي 
کي غير قانوني قرار ڏنو ويو،
 اها جماعت 1930ع ۾ ٺاهي وئي هئي.
** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي خان عبدالغفار خان ون يونٽ
 خلاف تحريڪ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
** 1976ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جون 159 جننگ
 فيڪٽريون، 35 فلور ملون ۽ 675 رائيس ملون قومي تحويل ۾ ورتيون ويون.

No comments:

Post a Comment