Thursday 21 July 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (22nd July) By: Dr. Pathan



** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ميرو خان تعلقي جي ڳوٺ
 بٺي ۾ خلافت ڪاميٽي جي عوامي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي،
 جنهن جي صدارت قاضي ابوالحسن عزيز الله ڪئي، 
ان موقعي تي خلافت تحريڪ جي اڳواڻن حاجي غلام رسول، 
وارهه جي گل محمد، باڊهه جي دين محمد  ۽ ٻين اهو اعلان 
ڪيو ته اهي پنهنجن اسڪولن، مدرسن ۽ مڪتبن لاءِ
 مستقبل ۾ انگريز حڪومت کان ڪابه امداد يا گرانٽ نه وٺندا.
** 1939ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مسلم ليگ طرفان بٺي
 هڪڙا ڳوٺ ۾ اجلاس ڪوٺايو ويو، جنهن جي 
صدارت مولانا شاهه محمد ڪئي، اجلاس ۾ حيدرآباد
 دکن جي ناظم خلاف شروع ڪيل تحريڪ جي مذمت 
ڪئي وئي ۽ لاڙڪاڻي ضلعي مان چونڊيل سنڌ اسيمبلي
 جي ميمبرن کي اها اپيل ڪئي وئي ته اهي مسلم ليگ ۾ شامل ٿي وڃن.
** 1946ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ اسيمبلي جي
 چونڊن جا نتيجا پڌرا ڪيا ويا، مسلم ليگ 27 سيٽون،
 ڪانگريس 21، جي ايم سيد گروپ 4، 
مسلم نيشنلسٽس 4، يورپينس 3 سيٽون حاصل ڪيون.
**1949ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ممبئي ۾ سر شاهنواز ڀٽو
 جي ملڪيت تي قبضو ڪيو ويو، 
ان وقت هو حيدرآباد دکن جو ناظم پڻ هو.
** 1953ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ابراهيم رحمت 
الله کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو.
** 1964ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مخالف ڌر
 جي جماعتن سي او پي نالي سان اپوزيشن
 اتحاد ٺاهي ورتو، جنهن ۾ ڪائونسل مسلم ليگ،
 جماعت اسلامي، نيشنل عوامي پارٽي ۽ نظام اسلام پارٽي شامل هيون.
** 1988ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جنرل ضياءُالحق
 سينيٽ ۾ خطاب ڪندي قوم سان واعدو ڪيو ته عام 
چونڊون 16 نومبر تي ضرور ڪرايون وينديون.

No comments:

Post a Comment