Friday 15 July 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (15th July) By: Dr. Pathan



** 1921ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ ڪانگريس ڪاميٽيءَ 
جي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ هڪ ٺهراءُ پاس ڪري سنڌ
 جي واپارين کي اپيل ڪئي وئي ته اهي ڪپڙن سميت ٻاهرين
 ملڪن جون ڪي به شيون امپورٽ نه ڪن، ٻاهرين ملڪن 
۾ ٺهندڙ شين کي پنهنجي ملڪ ۾ نه گهرايو وڃي.
** 1940ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پنجاب ليجسليٽو اسيمبلي
 جو پهريون ان ڪئميرا اجلاس ٿيو، سر سڪندر حيات خان 
جي پيش ڪيل تحريڪ تي ووٽنگ ڪرائي وئي،
 جنهن ۾ 91 مان 48 ميمبرن حمايت ڪئي.
**1950ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جماعت اسلامي چونڊن
 ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو، ان حوالي سان جماعت
 جي سربراهه مولانا مودودي پنهنجي پارٽي جي 14
 نقاطي منشور جو اعلان ڪرڻ سان گڏ 
چونڊ وڙهڻ جو به باضابطا اعلان ڪيو.
**1957ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڊاڪٽر خان صاحب
 ويسٽ پاڪستان جي وزيراعليٰ طور عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي.
** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مخدوم محمد زمان
 طالب الموليٰ باضابطه طور پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويو.
** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آمريڪي صدر نڪسن 
اعتراف ڪيو ته پاڪستان چين ۽ آمريڪا
 جي لاڳاپن ۾ بهتري آڻڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو.
** 1999ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گڊو ويجهو هڪ
 ئي ڪٽنب جي 8 ڀاتين سوڌو 56 مسافرن کي اغوا ڪيو ويو،
 جن مان بعد ۾ 37 ڄڻن کي آزاد ڪري باقي ماڻهن
 کي ڌاڙيل پاڻ سان گڏ وٺي ويا، اهو واقعو گڊو بئراج
 پل تي ڪشمور صادق آباد روڊ تي پيش آيو، جتي
 ڌاڙيلن هڪ بس ۽ ٻين گاڏين جي مسافرن کي اغوا ڪيو،
 اغوا ٿيلن ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا 8 ڄڻا ٺل جا رهواسي هئا،
 ڌاڙيلن 15 منٽن تائين فائرنگ به ڪئي ۽ روڊ کي هڪ
 ٽرڪ بيهاري بلاڪ رکيو پر پوليس ڪابه ڪارروائي 
نه ڪئي ۽ ڌاڙيل ٻيلي ۾ لهي هليا ويا، پوليس ڌاڙيلن 
جي وڃڻ بعد يرغمالين جي آزادي لاءِ آپريشن ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
** 2002ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آمريڪي صحافي ڊينئل
 پرل قتل ڪيس ۾ خاص عدالت جوابدار عمر شيخ کي
 موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي، حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ قائم 
خاص عدالت جي جج ٽن جوابدارن کي جنم ٽيپ ۽ 40
 لک ڏنڊ جي سزا به ٻڌائي، 55 صفحن تي ٻڌل فيصلي ۾
 شيخ عمر کي مک جوابدار قرار ڏيندي موت جي سزا ڏني وئي،
 جوابدار سزا جو فيصلو ٻڌي کلندا رهيا،
 سندن وڪيل هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

No comments:

Post a Comment