Thursday 8 June 2023

Sindh in history today (9th June). By.Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {9th June} and my Good Day Wish. ************ “ سنڌ جي واقعاتي تاريخ-(9 جون)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". [ڪي خاص واقعا] 9.6.1809 ايسٽ انڊيا ڪمپنئ جو سنڌ لاء نمائندو اين.ايڇ.سمٿ پنهنجي چيف سيڪريٽرئ کي خط ذريعي ٻڌائي ٿو ته آگسٽ کان اڳ اسان جا سامونڊي ٻيڙا ڪراچي ڇڏي نه سگھندا. مان ڪراچي ڇڏي حيدرآباد وڃي رهيو آھيان ۽ اوھان کي هر نئين صورتحال کان باخبر رکندو ايندس. هن پنهنجي سامونڊي ٻيڙن کي ڪراچئ ڇڏڻ لاء ان ڪري ٿي زور ڀريو جو کيس ڊپ هو ته سنڌي ماڻھون اهي ٻرڙا به لٽيندا ۽ انھن جي عملي کي به ماريندا. 9.6.1855 سنڌ ڪمشنر جي ڪوششن سان سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ڌرم شالائن, مسافر خانن ۽ قافلا سرائين ٺاهڻ جي شروعات ٿي. انهن جي اڏاوت تي ايندڙ اڌ خرچ ميونسپل فندن مان ڪرڻ جو فيصلو ٿيو. هنن ڪوششن جو اصل مقصد واپارين کي سهولتون پهچائڻ ھو. 9.6.1947 مسلم ليگ ۽ ڪانگريس برطانيه سرڪار جون ورهاڱي بابت ڳالهيون مڃي ورتيون. اهو مڃيو ويو ته بنگال ۽ پنجاب ورهائبو ۽ ٻئي قائم ٿيندڙ ملڪ ڊومينن اسٽيٽ Dominion Status به قبول ڪندا. 9.6.1954 پنجاب سرڪار جڊيشل ڪيميٽي جوڙي ته جيئن پناهگيرن جي مسئلن جي خبر به پئي ۽ انهن کي حل ڪرڻ ۾ آساني به ٿئي. 9.6.1958 ايوب خان جي ڪمانڊر ان چيف واري عهدي ۾ ٻن سالن جي واڌ ڪئي وئي. مطلب رڌڻ وارو به پاڻ, ورهائڻ وارو به پاڻ ته کائڻ وارو به پاڻ. 9.6.1960 ايويڪيو پراپرٽي به اولھ پاڪستان سرڪار پنهنجي ڪنٽرول ۾ ورتي. 9.6.1970 پاڪستان مسلم ليگ-ڪيو جي مرڪزي اڳواڻ ٿو چئي ته "اگرتله سازش“ جنرل ايوب ۽ شيخ مجيب جي ذھني هم آھنگئ وارو منصوبو هو, جيڪو اوڀر پاڪستان کي الڳ ڪرڻ لاء ٺاهيو ويو هو. 9.6.1992 سنڌ جي چيف منسٽر سيد مظفر شاه اهو مڃيو ته آپريشن ڪلين اپ جي نالي ۾ ٽنڊو بهاول ۾ ماريل 9 ڄڻا دهشتگرد نه پر بي گناه هاري هئا. [هن واقعي تي پهرين ڏينھن کان وٺي ويندي ميجر ارشد جي ڦاهئ چڙھڻ تائين پريس ڪلپنگس جو سمورو مواد گل حيات ۾ موجود آھي.] [9 جون تي ٿيل ولادتون ۽ وفاتون] جنم ڏينهن: ليکڪ شام فتناڻي 1919 , ليکڪا ڀڳونتي پي چاندواڻي (شڪارپور / بمبئي) 1927 , اسٽيج ڊرامن جو هدايتڪار ڀرت ڪُمار ڍنگرا (حيدرآباد / بمبئي)1945 , ليکڪ خالد لغاري 1952 , ليکڪ مشتاق عباسي 1957, وفاتون شاعر مير خير محمد ”ضياء“ 1930 , شاعر حاجي پير بخش فاروقي 1951 , مذهبي عالم ۽ سياسي اڳواڻ مخدوم غلام حيدر 1953, شاعر دلدار احمد اديب 1968 , شاعر مختيار گهُمرو 2009. Dr.Pathan wishes you Good Day. اٿ ! اڀارج سج، سرت سونهن سندو، منجهيو آھ هتي بره سواء بندو، ڪنڌ کڻي ڪڏي پيو محبت جو مندو، تو کي جو پسندو، سو ساري سلام ڪندو. [ Rise as a Sun in terrible situation of Darkness. Be rainbow in our cloud. Be light, so as Human love and respect is visible in our Society. Be an Ideal and set trend of sincerity and selflessness. Be mirror, as we can see our real face ] ************ SINDH (including Pakistan)IN HISTORY TODAY {9th JUNE} EVENTS: 1910: Prof. T.L.Vaswani leaves for Barlin to participate in 'World Congress of the Free Christianity and Religious progress'.

No comments:

Post a Comment