Wednesday 21 June 2023

Sindh in history today (22nd June) By.Dr.Pathan

22.6.2023 @@@@@@@@ Good Day Wish By.Dr.Pathan @@@@@@@@ Sindh in history {in English| By. My Son Mumtaz Ali Pathan @@@@@@@@ Sindh in history {in Sindhi} By.Dr.Pathan@@@@@@@@ SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {22nd June} and Good Day Wish with English Translation. ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [Only to pose like religious-minded, but to work against religious teachings, is worst act of exploitation of people and to defame and deny religion. Common teaching of all religions is to love & respect, serve & support human beings and to be cause of peace & progress and beauty of society] ڪرين ياترا ڪاشئ مٿرا ھنگلاج جي، یا وڃین من ڌوئڻ لاء ڪعبي یا ڪربلا، جي ماري نہ سگھین جا اٿئي من اندر، نفرت بغض متڀید پرماريت جي ڏائڻ بلا،‏ تنھنجا ورت وظیفا روزا يا تپسيا ۽ چلا، ڪم جا ناھن سرت سونھن سلام سواء.‏ ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {22nd JUNE} EVENTS: 1836: Colonel Pottenger sends report to the Government of India appraising it of the health condition of Mir Noor Muhammad Khan who was ill since days. (Source: His letter No.56). 1948: India introduces permit-system for who so ever from Pakistan will visit India. It was to curb the return of Indian Muslim migrants to India. (Source: Newspapers) 1949: NWFP Government impose ban on migration of Pathans to Sindh (Source: Newspapers). 1950: Khan M.Akram and Shaikh Muzaffar, both editors from Multan resign from Journalist Association headed by Pir Ali Muhammad Shah Rashdi. Pakistan journalism was the first sector that accepted and promoted ‘provincialism’ and other negative influences.(Source: Interview with Pir Ali Muhammad Shah Rashdi, by Dr.Pathan). 1966: Z.A.Bhutto gets unprecedented welcome as a Hero at Lahore Railway station. He had left Government due to differences with President Ayub on Tashkent Agreement. (Source: “Source-Material on Bhutto family”, compiled by Gul Hayay Institute). 1969: Pakistan Democratic Party is formed with the merger of four parties namely Awami League (Nasrullah Group), National Democratic Front, Nizam-i-Islam and Justice Party. (Source: Newspapers). 1972: In protest against economic policy of PPP Government, Stock Market start starts strike that will be observed for two days. (Source: Newspapers). 1978: Z.A.Bhutto appoints his daughter Benazir Bhutto as PPP Chairperson (Source: ‘Source-Material on Bhutto family”, Compiled by Gul Hayat Institute). “سنڌ جي واقعاتي تاريخ. 22 جون“. ************* 22.6.1836: ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت جي سنڌ واري سفارتڪار ڪرنل پاٽينجر اڄ خط لکي پنهنجئ سرڪار کي خبر ڏني ته سنڌ جو حڪمران مير نور محمد خان سخت بيمار آھي ۽ سندس بچڻ جي اميد گهٽ آھي. {فرنگي نمائندا ۽ جاسوس پنهنجئ سرڪار کي سنڌ ۽ حڪمرانن جي ذري ذري جي خبر ڏيندا هئا ته جيئن ان جي روشنئ ۾ سندن حڪومت سنڌ سان لاڳاپن وارئ حڪمت عملئ ۾ ڦير گهير ڪري سگهن}. 22.6.1948: انڊيا حڪومت پاڪستان مان ايندڙ ماڻھن لاء پرمٽ سسٽم جاري ڪيو ته جيئن انهن مان مستقل طور انڊيا ۾ رهي نه سگهي. انهئ حڪمت عملئ انڊيا ڏانهن لڏپلاڻ جا دروازا بند ڪري ڇڏيا. ليڪن پاڪستان ڏانهن لڏپلاڻ وارا در ايئن بند نه ڪيا ويا. ان ڪري ڪو به انڊيا مان پاڪستان آيو ته ان جو واپس موٽڻ ناممڪن ٿي پيو. 22.6.1949: سرحد صوبي اڄ پابندي لڳائي ته ڪو به پٺاڻ سنڌ ڏانهن هجرت نه ڪري. سنڌ جي حڪومت سنڌي هندن جي لڏپلاڻ لاء اهڙو حڪم نامو جاري ڪري پئي سگهي, پر اهڙئ سياسي دانشمندي ڪانه ڏيکاري وئي. 22.6.1950: پاڪستان قائم ٿئي اڃا ڪي سال مس گذريا هئا جو صوبائي ۽ لساني تعصب پرستي وڌي وڻ ٿي وئي. پير علي محمد شاه ”پاڪستاني ايڊيٽرن جي انجمن“ جو صدر هو. هن خلاف پنجاب ۾ مخالفت شروع ٿي. اڄ ملتان جي ٻن ايڊيٽرن خان محمد اڪرم ۽ شيخ مظفر احتجاج ڪندي ”پاڪستان جي ايڊيٽرن وارئ انجمن“ تان ان ڪري استعيفا ڏني جو هڪ سنڌي (پير علي محمد شاه) ان انجمن جو صدر هو. 22.6.1966: ايوب-حڪومت مان استعيفا ڏيڻ کان پوء ذوالفقار علي ڀٽو پهريون دفعو لاهور پهتو ته هن جو شاندار ۽ تاريخي استقبال ڪيو ويو. 22.6.1969: چئن سياسي پارٽين, هر هڪ ”عوامي ليگ (نصرالله گروپ)“, ”نئشنل ڊيموڪريٽڪ فرنٽ“, ” نظام اسلامي“ ۽ ”جسٽس پارٽئ“ گڏجي ”پاڪستان ڊيموڪريٽڪ پارٽئ“ نالي سياسي اتحاد قائم ڪيو. 22.6.1972: پيپلز پارٽي حڪومت جي اقتصادي حڪمت عملئ کان تنگ ايندي اڄ ملڪ جي اسٽاڪ مارڪيٽ ٻن ڏينهن جي هڙتال شروع ڪئي. 22.6.1978: ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجئ ڌئ بينظير ڀٽو کي پارٽئ جو چيئرپرسن مقرر ڪيو ۽ ملڪ ۾ خانداني/موروثي سياست واري نظام کي هٿي ڏني. ************ اڄوڪي ڏينهن 22 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 22 جون 1860ع شاعر سوامي گنگارام ڀاونداس (چڪ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 جون 1906ع شاعر، تاريخدان، سياستدان ۽ اڳوڻي ميئر ڪراچي جي الانا جو جنم ڏينهن آهي. 22 جون 1924ع صحافي قائم الدين منگي (پنجو ديرو) جو جنم ڏينهن آهي. 22 جون 1925ع تعليمي ميدان ۾ ڪاوشون ڪندڙ نظام الدين ميمڻ (شڪارپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 جون 1926ع ليکڪ قلب علي ٽڪلو جو جنم ڏينهن آهي. 22 جون 1932ع باليووڊ جي مشهور اداڪار امريش پوري جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 جون 1956ع سياستدان شاهه محمود قريشي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 جون 1957ع ليکڪ سڪندر سرواڻ (شڪارپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 جون 1964ع ليکڪ ۽ سماجي اڳواڻ رئوف پارس دايو (گهوٽڪي) جو جنم ڏينهن آهي. 22 جون 1978ع ليکڪ ارباب پلهه جو جنم ڏينهن آهي. 22 جون 1983ع شاعر ساحل سيتائي جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 22 جون 1947ع هاري تحريڪ جي شهيد بختاور خاصخيلي جي شهادت جو ڏهاڙو آهي. 22 جون 1969ع شاعر، سماجي اڳواڻ ۽ مذهبي اسڪالر سيد علي اڪبر شاهه (ميهڙ) جو لاڏاڻو ٿيو. 22 جون 1982ع مذهبي اسڪالر مولوي الله بخش تنيو انتقال ڪري ويو. 22 جون 1992ع مشهور لوڪ فنڪار ڍول فقير جو انتقال ٿيو. 22 جون 2012ع اردو جي مشهور ليکڪ، ناول نگار ۽ ڪالم نويس عبيد الله بيگ جو انتقال ٿيو. .

No comments:

Post a Comment