Thursday 1 June 2023

Sindh in history today (2nd June). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {2nd June} and Good Day Wish with English translation. ************ Sindh in History Today (2nd June). Research by Dr.Pathan. چريا به اسان وانگر ٿين ٿا. پر, هو جڏهن حافظو وڃائي ويهندا آھن ته پوء ڇا منجهان ڇا ڪري ڇڏيندا آھن. ھڪ ماڻھوء جو حافظو ويو ته هو چريو ٿي پئي ٿو. تاريخ قوم جو " اجتماعي حافظو" ٿيندو آھي ۽ اسان اجتماعي حافظي ۾ بنھ ڪمزور آھيون. تاريخ اسان جو حافظو جاچڻ گهري ٿي. ھن وڊيو ٽاڪ ۾ واقعن, ادارن ۽ افراد بابت ٻڌي ڏسو ته اسان کي ڇا ڇا ياد آھي. اڄ جا ڪي واقعا آھن: 2.6.1838 پنجاب کان ايندڙ فرنگين جي ٻيڙين کي خيرپور جي حدن ۾ ”باقي پتڻ" وٽ لٽيو ويو. پانٽينجر مير سهراب خان ۽ مير نورمحمد کي دانھن ڏني ته لٽيندڙن کي پڪڙي سزا ڏيو. 2.6.1838 مير علي مراد خان ۽ خيرپور واري مير نصير خان جي وچ ۾ ڪن ڳوٺن جي مالڪئ تي اختلاف پيدا ته هنن فرنگي پوليٽيڪل ايجنٽ راس بيل کان فيصلو ڪرايو. ميرن جڏهن فرنگين کي ايڏو معتبر ڄاتو ته هو ميرن ۾ وڌيڪ اختلاف پيدا ڪري سگهيا. هن فيصلي ۾ مير علي مراد خان جي سرسي ٿي. 2.6.1848 صوبائي حڪومت سنڌ جي ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته ٽن ممتحنن واري ” سول ائنڊ ملٽري اگزيمنشن ڪميٽي" جوڙيو, جيڪا عملدارن کان سنڌي ٻولئ ۾ مهارت بابت امتحان وٺي. ايئن سنڌ ۾ ملازمت ڪرڻ لاء سنڌئ جي مهارت کي لازمي بڻايو ويو. 2.6.1904 نامور فيلسوف, قلم-ڌڻي ۽ سماجي سڌارڪ ديوان ڏيارام گدومل شاهاڻئ حيدرآباد ۾ ”انڊسٽريل ائسوسيئيشن“ قائم ڪئي ته جيئن عوام ۾ صنعتي شعور پيدا ٿئي ۽ مقامي صنعت ترقي ڪري. 2.6.1929 ڪراچئ ۾ ”اٺين سالياني شاگرد ڪانفرنس" جو آغاز ٿيو. ڏک جي ڳالھ اها آھي ته انگريزي دور واري شاگرد سياست تي هن وقت تائين تحقيق نه ڪئي وئي آھي. 2.6.1948 ملڪ جڙيو ته سنڌ جي سورن ۾ ڪمي اچڻ بدران اضافو ٿيو. سرڪار "الوحيد" ۽ "سنڌ آبزرور“ تي سختي ڪئي ۽ ڪي پابنديون لڳايون. اڄ ” پاڪستان نيوز پيپرس ايڊيٽرس ڪائونسل" سرڪار جي اهڙي قدم جي مذمت ڪئي. 2.6.1950 ويه لک ٽيه ھزار پناهگير پهتا ته سنڌ سرڪار ۽ مرڪزي حڪومت ۾ اختلاف ۽ غلطفهميون پيدا ٿيون. سنڌي عوام سمجهي ورتو ته ان کي اقليت ۾ بدلايو پيو وڃي. 2.6.1958 ملڪ جي وزير اعظم فيروز خان نون گوهر افشاني ڪئي ته خان عبدالغفار خان "پخونستان" ٺاهڻ ٿو گهري, ان ڪري ون-يونٽ جي مخالفت ٿو ڪري 2.6.1991 حيدآباد شهر ۾ سنڌين خلاف قهري ڪاروايون ٿيون. هو پنهنجي ئي شهر ۾ پناهگير بڻجي ويا. ************* اڄوڪي ڏينهن 2 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 2 جون 1905ع ليکڪ جهمت مل ڀاوناڻي (حيدرآباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 2 جون 1921ع سياستدان گهنشام سنگهه ديارام (نوابشاهه / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 2 جون 1936ع شاعر گلاب خان گوهر جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 2 جون 1936ع ليکڪ واديو نرمل جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 2 جون 1941ع سگهڙ محمد ڇٽل جي پيدائش ٿي. 2 جون 1944ع ليکڪ رڪي پنجابي جو جنم ڏينهن آهي. 2 جون 1957ع سياستدان گل محمد جکراڻي (ڪنڌ ڪوٽ) جو جنم ڏينهن آهي. 2 جون 1987ع باليووڊ اداڪاره سوناڪشي سنها جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 2 جون 1946ع بزرگ محمد حسن جان سرهندي جو لاڏاڻو ٿيو. 2 جون 1956ع رئيس امام بخش جتوئي جو انتقال ٿيو. 2 جون 1982ع اڳوڻو صدر فضل الاهي چوڌري انتقال ڪري ويو. 2 جون 1986ع مشهور مزاحيه اداڪار ننها (رفيع خاور) جو انتقال ٿيو. 2 جون 1988ع باليووڊ جي مشهور اداڪار راج ڪپور جي ديهانت ٿي. 2 جون 1992ع اردو جي ترقي پسند اديب، محقق ۽ نقاد ڊاڪٽر اختر حسين راڻيپوري جو انتقال ٿيو. 2 جون 2004ع گلوڪار مجيب عالم جو انتقال ٿيو. 2 جون 2006ع شاعر، ليکڪ ۽ پبلشر نثار حسيني (حيدرآباد) جي وفات ٿي Dr. Pathan wishes you Good Day. [ We are living in a Society of Wandering Souls with divided hearts & minds. Some are wounded by their own doubts and some are betrayed because of their trust. Some are interest-oriented and some are selfless. Some hate love and some hate hatred & discrimination. I aspire, need and strive for beauty and peace in such a situation. And you? ] ڪي شڪ ھتي ماریا تہ ڪي پڪ اڦٽ ھت ماریا، ڪي مطلب پرست جھان ۾ سورن گھٹو سنواریا، ڪي پري رھي پاڻ کان پوء سمجهن سڀئي ڌاریا، ڪي واھڙ وھائن محبت جا هجن گرمیون ۽ پارا،‏ ڪي انا مٿڀيد بنا وٺن نہ ھو رند رستا ڪي چارا،‏ ڪي رکن ریت پریت جي ڪن لاء سدا مونجھارا. ڪي سور کٹي سارا، ھلن سرت سونھن سلام سان.‏‎ ‎ ************* SINDH IN HISTORY TODAY {2nd JUNE} EVENTS: 1838: Colonel Pottenger send request to Mir Noor Muhammad Khan that some boats coming from Punjab had been stopped and plundered at place called ‘Bakee Pattung’ by sepoys of Mir Ali Murad son of Mir Sobdar Khan and that act was direct breach of treaty . it was in interests of both the Governments that measures should be taken without delay for the punishment of the culprits. 1904: Philosopher, Social worker & Man of letter Diwan Dayaram Gidumal establishes ‘The Industrial Association’ at Hyderabad so as to promote home-industry and enhance industrial know-how. 1917: The Citizens’ Association of Hyderabad celebrates its second anniversary. It is presided over by Seth Harchandrai Vishindas and speakers of the occasion are Karamchand Gurmukhdas, Gopaldas Jhamatmal,Jethmal Parsram and Santdas Mangharam. 1929: 8th Annual Session of the Sindh Students’ Conference starts under the presidency of G.N.Gokhale. 1939: Twenty influential Muslim leaders, including the Premiers of Bengal and Punjab, suggest voluntary renunciation by Shias and Sunis of the right claimed by them to public recitation of the Tabarra and Madah-e-Sahaba, respectively. Such renunciation, the leaders urge, would offer a reasonable basis for an honorable settlement. 1948: Pakistan Newspapers’ Editors Council (PNEC) condemns Government restrictions on ‘Al-Waheed’ and ‘Sindh Observer’. 1950: More than 2031000 migrants have reached from India to Sindh. Very serious differences are emerged between Sindh and Central Governments. General impression in Sindh is taking place that they are being converted into minority and their social setup is being destroyed with intentions. They are not against migration of victimized Indian Muslims, but there should be equal distribution and settlement amongst all provinces. 1951: Reforms Committee recommends Provincial status for Baluchistan. 1955: For the first time perhaps in the history of Pakistan, a lady is hanged in Gujrat Jail for murder. 1958: Feroz Khan Noon, Prime Minister of Pakistan blames Khan Abdul Ghaffar Khan that he is opposing ‘One-Unit’ because, he wants to create ‘Pakhtonistan’. 1966: Opposition demands lifting of Emergency and condemns ‘Tashkant Declaration’. 1971: India is training 30,000 anti-Pakistanis from East Pakistan, discloses Pakistan. 1973: Pir Pagaro wants to see me killed, blames Jam Sadiq Ali, Sindh Minister for Local Bodies. 1979: Ghous Bux Bizenjo is elected President of newly formed Pakistan National Party (PNP).

No comments:

Post a Comment