Monday 5 June 2023

Sindh in history today (6th June). By. Dr.Pathan

EVENTS FROM SINDH HISTORY (6th June) By: Dr. Pathan** 1942ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ۾ حر تحريڪ کي چيڀاٽڻ لاءِ سنڌ جي اوڀر وارن علائقن ۾ مارشل لا لاڳو ڪيو ويو، انهيءَ عمل کي سنڌي پريس پنهنجي شمارن ۾ تنقيد جو نشانو بڻايو، ماهوار توحيد ڪراچي پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ انهيءَ معاملي تي تفصيلي لکيو، توحيد جو ايڊيٽر مولانا دين محمد وفائي هو، جڏهن ته ٻين اخبارن ۽ رسالن ۾ پڻ مارشل لا لاڳو ڪرڻ خلاف لکيو ويو. ** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مصر جو وزير ڪرنل انور سادات ڪراچي پهتو، جتي سعودي عرب جو شهزادو مسعود پهتل هو، ڪراچي ۾ ٻنهي عرب اڳواڻن جي اچڻ جو مقصد پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ هلندڙ تڪرار کي ختم ڪرائڻ هو. ** 1956ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان مان لڏي آيل مهاجرن کي ملڪيتون فراهم ڪرڻ ۽ ٻي مالي مدد ڪرڻ لاءِ هڪ سروي شروع ڪرائي وئي، جنهن ۾ اهو طئي ڪيو ويو ته ڪيترن پناهگيرن وٽ اڃا تائين ملڪيتون ناهن. ** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ويسٽ پاڪستان ۾ مارشل لا لڳائيندڙ اختيارين گرفتار ڪيل شاگردن کي آزاد ڪري ڇڏيو، جن ۾ گهڻن شاگردن جو تعلق راولپنڊي ۽ حيدرآباد سان هو. ** 1999ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڀارتي جنگي جهازن پاڪستاني فوجي تنصيبات تي حملا شروع ڪري ڏنا، ان دوران پاڪستاني ميزائل ريڊار سسٽم کي جام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن ڪري ٻنهي ملڪن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، ڀارتي فوج آزاد ڪشمير ۾ ڪجهه ڏينهن پهرين به حملو ڪيو هو، جنهن ۾ پاڪ فوج جا جوان شهيد ٿيا هئا، پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ هو ته ڀارتي جنگي جهازن کي اڳتي وڌڻ ۾ ڪاميابي حاصل نه ٿي، موثر جواب ڏيڻ تي جهاز واپس هليا ويا. هوڏانهن پاڪ ڀارت ۾ لائين آف ڪنٽرول تي ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ مختلف ملڪن ڪوششون شروع ڪري ڏنيون. ** 2001ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۽ لاهور ۾ بم ڌماڪا ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 5 ڄڻا مارجي ويا، 4 زخمي ٿي پيا، ڪراچي ۾ گرو مندر واري علائقي ۾ ڌماڪو ٿيڻ جي نتيجي ۾ شهرين ۾ خوف ڦهلجي ويو. ** 2002ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اسرائيل فوج فلسطيني سربراهه جي هيڊڪوارٽر ۽ رهائشگاهه تي حملو ڪري ڏنو، جنهن ۾ ياسر عرفات محفوظ رهيو، جڏهن ته سندس ٻه محافظ شهيد ٿي ويا.ياسر عرفات جي آرام وارو ڪمرو حملي ۾ مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو. عرفات جو چوڻ هو ته ڪمري ۾ نه هجڻ سبب بچي ويس. ************ اڄوڪي ڏينهن 6 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 6 جون 1894ع مذهبي اسڪالر مولانا جان محمد جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 6 جون 1901ع هاري اڳواڻ ڪامريڊ علي محمد عباسي (لاڙڪاڻو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 6 جون 1905ع تعليمدان ڊاڪٽر غلام حسين جعفري جو جنم ڏينهن آهي. 6 جون 1929ع باليووڊ اداڪار سنيل دت جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 6 جون 1932ع صحافي غلام حسين کوکر جو جنم ڏينهن آهي. 6 جون 1940ع ليکڪ غياث جوڻيجو جو جنم ڏينهن آهي. 6 جون 1947ع صحافي الله ڏنو جمالي جو جنم ڏينهن آهي. 6 جون 1948ع شاعر طالب چوڌري جو جنم ڏينهن آهي. 6 جون 1948ع گلوڪاره ڪوشيلا ڪرپاڻي جو جنم ڏينهن آهي. 6 جون 1948ع شاعر هدايت بلوچ (احمدپور ضلع خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي. 6 جون 1950ع ليکڪ بشير احمد ڀٽي جو جنم ڏينهن آهي. 6 جون 1953ع شاعر فدا ٽالپر جو جنم ڏينهن آهي. 6 جون 1970ع ليکڪا منور سلطانه قريشي جو جنم ڏينهن آهي. 6 جون 1970ع شاعر مراد ڏاهري (دولتپور صفن) جو جنم ڏينهن آهي. 6 جون 1985ع ليکڪا روبينه چانڊيو جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 6 جون 1818ع بزرگ سيد محمد شاهه راشدي جي وفات ٿي. 6 جون 1959ع فريڊم فائيٽر حاجي عبدالڪريم خلافتي جو لاڏاڻو ٿيو. 6 جون 1969ع مولانا احمد الدين ڪيهر جو انتقال ٿيو. 6 جون 1994ع شاعر ۽ پبلشر اسحاق راهي جي وفات ٿي. SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {6th June} and my Good Wish with English translation. ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [To be at war within all alone: When Interests have seized mind and heart has been captured by desires. When approach is to disconnect supply line of vision & wisdom. Than, it is a fight without weapons of love & beauty, sincerity & sacrifice. The fall is inevitable] جي پرین نہ ساھ پساھ ۾، پوء ڀاري جئ اندر جي جنگ، سرت سونھن سلام بہ تنگ، سدا سپنن ۽ سوچن جیان. ************* SINDH IN HISTORY TODAY {6th JUNE} EVENTS: 1942: Martial Law was imposed in eastern part of Sindh to curb Hur Movement on 1st of June 1942, and Sindh Press started opposing this act of high handed ness besides advising people to avoid un-due differences with martial law authorities. Monthly ‘Touheed’, Karachi, edited by Moulana Din Muhammad Wafai has touched the matter in course of its editorial, today. 1955: The Egyptian Minister Colonel Anwar Sadat arrives in Karachi to join with Prince Masaud of Arabia in helping to resolve Pakistan-Afghanistan problems. 1956: The survey of property-less Indian Muslim migrants starts so as to help them in accordingly. 1969: Martial law authorities of West Pakistan releases students arrested and convicted recently. Most of released students were from Hyderabad and Rawalpindi. 1977: Two hundred forty one people were killed and more than 1195 in anti-PPP Government movement launched by PNA.

No comments:

Post a Comment