Sunday 11 June 2023

Sindh in history today (12th June), By. Dr.Pathan {Sindhi Portion/Part} & Mumtaz Pathan {English Portion/Part}

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {12th June} and Good Day Wish. ************ Sindhi Portion/Part by Dr.Pathan “ سنڌ جي واقعاتي تاريخ-(12 جون)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق“. *************** [ ڪي واقعا] *************** 12.6.1843 جنگي قيدي ميرن: مير محمد خان, مير صوبدار خان ۽ مير نصير خان ممبئي جي گورنر معرفت گورنر جنرل کي جيل مان خط لکي نيپيئر جي فريب ۽ حيدرآباد قلعي کي لٽڻ بابت شڪايتون ڪيون هيون. اڄ نيپيئر انهن شڪايتن بابت گورنر جنرل کي لکت ۾ صفائي پيش ڪئي. ميرن جي خطن ۽ نيپيئر جي جواب جو متن گل حيات ۾ موجود آھي. 12.6.1856 فرنگي سرڪار سنڌوندئ مان هڪ ڪئنال کوٽي ان کي آبي آمدرفت لاء ڪراچئ تائين پهچائڻ گهريو. ان لاء ليفٽيننٽ چئپمين تي پراجيڪٽ ٺاهڻ جو ڪم رکيو ويو هو. هن جو ٺاهيل پراجيٽ سپريڊنٽ انجنيئر اڄ ڪمشنر کي ڏياري موڪليو. انھئ پراجيڪٽ تي ڪم نه ٿي سگهيو. ان ڪري جهرڪ ۽ پوء ڪوٽڙي آبي آمدرفت جا وڏا پتڻ بڻيا ۽ اتان ملتان تائين سالن جا سال آگبوٽ ھليا. 12.6.1856 فرنگي سرڪار فيصلو ڪيو ته جڏهن ڪنهن کي "ٻيهر جاگير" ڏني ويندي ته هن کان 5 سيڪڙو سيس Cess ورتي ويندي. ان آمدنئ مان تعليمي ادارن ۽ روڊن ٺاھڻ جو ڪم ڪرائبو. 12.6.1928 ڪانگريس طرفان سمورئ سنڌ ۾ ” برودلي ڏينهن" ماهايو ويو. وڏن شھرن ۾ ميڙاڪا ڪيا ويا ۽ جلوس ڪڍيا ويا. سنڌ ڪانگريس جي قيام ۽ ڪارڪردگئ جي تاريخ تي هند يا سنڌ ۾ تحقيقي ڪم ڪونه ٿيو آھي. گل حيات اهو سمورو مواد گڏ ڪري پنهنجئ گل حيات جي ويب سائيٽ تي رکيو آھي. 12.6.1928 سنڌ جي ممبئي کان علحدگئ جي مامري تي سنڌ جي هندن ۽ مسلمانن جا شديد اختلاف ٿيا. پوء ٻنھي ڌرين جي گڏجاڻي ٿي ۽ ٺاه ڪيو ويو. "الوحيد" جي اڄوڪي پرچي ۾ انھئ گڏجاڻئ جي ڪاروائي ڇپي. 12.6.1934 سر شاهنواز ڀٽي جي صدارت هيٺ ”سنڌ پيپلز پارٽي" ٺاهي وئي. پارٽئ جا باقي عهديدار هن ريت چونڊيا ويا: خانبهادر الله بخش سومرو (نائب صدر), سيد ميران محمد شاه (نائب صدر), حاتم علوي (جنرل سيڪريٽري) ۽ جي.ايم.سيد (جوائنٽ سيڪريٽري). انھئ پارٽئ جي قيام واري گڏجاڻئ جو اوريجنل ڊاڪيومينٽ گل حيات ۾ موجود آھي. 12.6.1947 حيدرآباد دکن فرمان جاري ڪيو ته هئ رياست الڳ, آزاد ۽ خودمختيار رهندي. سنڌ پهريون دفعو 1943 ۾ پوء ٻيو دفعو 1947 ۾ فيصلو ڪيو ته اها پاڪستان ۾ شامل ٿيندي. 12.6.1963 صدر ايوب تجويز ڏني ته پاڪستان, ايران, ترڪي ۽ افغانستان تي ٻڌل فيڊريشن ٺاهي وڃي!!! 12.6.1974 سنڌ جي 39 شاعر ۽ اديب "پاڪستان رائيٽرس گلڊ“ کان ان جي متڀيڌي روين ڪري الڳ ٿي ويا. *************** {اڄوڪي ڏينهن 12 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 12جون 1876ع خيرپور رياست آجي وزير شيخ محمد قادر جي پيدائش ٿي. 12جون 1912ع اردو جي ممتاز اديب ۽ مترجم ڊاڪٽر اختر حسين راڻيپوري جي پيدائش ٿي. 12جون 1920ع ليکڪ محمد طيب نصرپوري جي پيدائش ٿي. 12جون 1923ع ممتاز قانوندان شريف الدين پيرزادي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 12جون 1923ع اداڪار اتم ديارام هنڱوراڻي (ڀريا / احمد آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 12جون 1924ع شاعر نثار بزمي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 12جون 1930ع گلوڪار استاد محمد ابراهيم جي پيدائش ٿي. 12جون 1938ع ليکڪ نارائڻ ناري پدم (نئون ديرو / ناهپور) جي پيدائش ٿي. 12جون 1942ع اداڪار ڪنيو روپاڻي (ٺارو شاهه / احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 12جون 1947ع صحافي بالم بروهي (جيڪب آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 12جون 1960ع شاعر منٺار منظور آبادي جي پيدائش ٿي. 12جون 1960ع صحافي محمد اسلم چانڊيو (حيدر آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 12 جون 1962 شاعر محمود مخمور ملڪ جي جنم جي تاريخ آھي. 12جون 1964ع صحافي سليم ميمڻ (هالا) جو جنم ڏينهن آهي. 12جون 1981ع ليکڪ بدر جاگيراڻي جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 12جون 1924ع تي ناليواري شاعر مير عبدالحسين سانگي جو لاڏاڻو ٿيو. 12جون 2011ع شاعر ڊاڪٽر منصور ملڪ جو لاڏاڻو ٿيو. Dr. Pathan wishes you Good Day. [It is not death, but life is trying to kill me. I am at terrible war with my life. Whenever there is darkness, i burn myself so as people can find path towards love & beauty. I have equipped my heart & mind with trust & sacrifice. I am determined and will conquer all colours of my life for you.] موت نہ ماري مون کي، ھئ حیاتي ماري، شوق مان شمع بدران، هن لاء پاڻ رکان ٻاري، پر هوء سدائين ڌڪاري, سورن سان ساري, سرت ساڻ سینگاري، ليڪن پيو سلام لکان. ************ 12th June {English Part by Mumtaz Pathan EVENTS: 12th June 1856: Lieutenant Chapman prepares plan for a project connecting River Indus with Karachi by a navigable canal. (Source: Superintending Engineer’s offive letter No 1555). 1928: Sindh observes ‘Bardoli Day’. Sindh Congress and its branches organized meetings and took out processions and highlighted the role of Gandhi in violation of Salt law. 1934: “Sindh Peoples Party” is formed with following office-bearers: Shahnawaz Khan Bhutto (President), Allah Bux Khan Soomro (V.President), Miran Muhammad Shah (V.President), Hatim Alvi (General Secretary),G.M.Syed (Joint Secretary)- (Source: Minutes of the first meeting, available with Gul Hayat) 1947: The Partition Committee meets and discuss the terms of reference of various Expert Sub-Committees and Boundary Commission. (Source: Documents on Freedom Movement) 1963: President Ayub proposes federation consisting of Pakistan, Iran , Afghanistan and Turkey. (Source: Newspapers) 1973: CENTO urges India for release of Pakistani Prisoners of War (POWs) without further delay.(Source: Ibid). 1974: Thirty-nine Sindhi writers and poets disassociate themselves from Pakistan Writers’ Guild. (Source: Biographies and Interviews of concerned Writers And Poets) 1979: PNA demands general elections before local bodies polls. (Source: Newspapers)

No comments:

Post a Comment