Thursday 22 June 2023

Sindh in history today (23rd June). By.Dr.Pathan

1). GOOD DAY WISH By. Dr.Pathan....@@@@@@@@@@@@@@@@@@ 2). SINDH IN HISTORY TODAY {English} By. Mumtaz Pathan....@@@@@@@@@@@@@@ 3)..SINDH IN HISTORY TODAY {Sindhi} By. Dr.Pathan....@@@@@@@@@@@@@@@@@ SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {23rd June} and Good Day Wish. ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [ Whenever likes & dislikes, wishes & desires are promulgated as Martial Law Regulations and they are not adjusted with demands and are not as per principle of give & take, consequently the process of social, cultural and ideological deterioration starts immediately. The situation becomes high risk for Human love & respect and beauty & integrity and peace & progress] ھو جو صاحب چئجي يا ھوت، هن جي 'مرضي' ماري يا جیاري، ڪن کي تہ خوشین جا خرار ملن، ڪو ايئن گھنگھر گھٹو پیو گھاري، جو سرت سونھن ۽ سلام سھاري، سو بچي انھئ ڀڙڪندڙ باھ مان. ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {23rd JUNE} EVENTS: 1832: The Bombay Government allows Colonel Pottenger to assemble army for routing out free-booters in eastern Sindh. (Source: Letter No.154) 1843: Lieutenant Gordon, in charge of the ex-Amirs of Sindh recommends to the Secretary to the Governor of Bombay that allowance should be made to Amirs/detained Talpurs as under: Provisioning 13 ex-Amirs and 98 attendants (Rs.8.000), Monthly wages to servants (Rs.3000), Clothing (1500), Establishment of carriages, horses etc (Rs.2500), Mir Nasir Khan of Hyderabad (Rs.2800), Mir Rustam Khan of Khairpur (Rs.2500), Mir Sobdar Khan (Rs.2500), Mir Muhammad Khan (Rs.2000), Mir Hussain Ali s/o Mir Mir Muhammad (Rs.1400), Mir Muhammad Khan (Rs.600), Mir Yar Muhammas (Rs.400), Mir Nasser Khan of Khairpur (Rs.700), Mir Hussain Ali s/o Mir Nasser Khan of Hyderabad (Rs.500),Mir Abbas Ali s/o Mir Nasser Khan of Hyderabad (Rs.300), Mir Fatih Khan s/o Mir Sobdar Khan (Rs.500), Mir Muhammad Ali s/o Mir Sobdar Khan (Rs.300) and Mir Ali Bux s/o Mir Rostam Khan (Rs.500)- (Source: ‘Correspondence related to Sinde’) 1922: The meeting of Aman Sabha- anti Khilafat & Congress-is held at Tando Muhammad Khan with K.B.Jam Mitta Khan in chair. About 20 landlords, Pirs and Mukhis address the meeting and ask people not to join any agitation against the Government. Moulvi Abdul Aziz is awarded Turban and Longi for his services in this regard. This meeting is attended by the Deputy Collector and Mukhtiarkar of Shadadpur, Diwan Kirpaldas,Dyaram Ghanomal,Seth Radha Kirshin,Shamdas, Diwan Wadhomal and Diwan Tekchand. (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1934: R.K.Christia, a Sindhian lady is awarded the degree of Ph.D by the London University. She got education in D.J.Sindh College and served in ‘Women College’, Lahore. She did Ph.D. on the topic of ‘Action of Bacteria on the corrosion of metals’.(Source: The Daily Gazette, Karachi). 1948: Pakistan Government takes over the administration of Karachi from Sindh Government. Most of Sindhi politician are happy and take it as their service to Pakistan, but majority of Sindhi believe it as fall of Karachi. (Source: Newspapers). 1956: Government of Pakistan decides to celebrate 23rd March as a national day. This decision is taken nine years after the creation of Pakistan! (Source: Newspapers). 1988: Pir Pagaro offers PML leadership to President Zia. (Source: Ibid). By: Dr. Pathan ** 1832ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ۾ مقرر پوليٽيڪل ايجنٽ ڪرنل پوٽينجر کي اجازت ڏني وئي ته هو ايسٽرن سنڌ جي علائقي ۾ پنهنجي فوج مقرر ڪري. ** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريزن جي سنڌ تي قبضي کانپوءِ سنڌ جي حڪمرانن جي چارج رکندڙ انگريز عملدار ليفٽيننٽ گورڊن بمبئي جي گورنر کي سفارش ڪئي ته گرفتار ڪيل ٽالپر حڪمرانن لاءِ معاوضا ۽ الائونس منظور ڪيا وڃن، هن پنهنجي سفارش ۾ چيو ته حڪمران خاندان جي 13 فردن ۽ 98 عملي جي ماڻهن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 8000 رپيا رکيا وڃن، انهن جي نوڪرن جي ماهوار پگهار لاءِ 3000 رپيا، ڪپڙن لاءِ 1500 رپيا، گهوڙي گاڏين لاءِ 2500 رپيا، حيدرآباد جي مير نصير خان لاءِ 2800 رپيا، خيرپور جي مير رستم خان ٽالپر لاءِ 2500 رپيا، مير صوبدار خان ٽالپر لاءِ 2500 رپيا، مير محمد خان لاءِ 2000 رپيا، مير حسين علي پٽ مير محمد لاءِ 1400 رپيا، مير محمد خان لاءِ 600 رپيا، مير يار محمد لاءِ 400 رپيا، خيرپور جي مير نصير خان لاءِ 700 رپيا، نصير خان جي پٽ مير حسين علي لاءِ 500 رپيا، مير عباس علي لاءِ 300 رپيا، مير صوبدار خان جي پٽ مير فتح خان لاءِ 500 رپيا، مير محمد علي لاءِ 300 رپيا ۽ رستم خان جي پٽ مير علي بخش لاءِ 500 رپيا منظور ڪيا وڃن. ** 1922ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي خلافت ڪاميٽي ۽ ڪانگريس جي مخالفت ۾ ٺاهيل جماعت امن سڀا جي ٽنڊو محمد خان ۾ خانبهادر ڄام مٺا خان جي صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ اٽڪل 20 زميندارن، پيرن ۽ هندو مکين شرڪت ڪئي، گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪندڙ ماڻهن کي چيو ويو ته اهي حڪومت خلاف ڪنهن به تحريڪ جو حصو نه ٿين، مولوي عبدالعزيز کي ٽربان ۽ لونگي سان نوازيو ويو، گڏجاڻي ۾ شهدادپور جي ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ مختيار ڪار ديوان ڪرپل داس، ديارام گهنومل، سيٺ راڌا ڪرشن، شامداس، ديوان واڌو مل ۽ ديوان ٽيڪچند به شرڪت ڪئي. ** 1934ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ واسڻ آر ڪي ڪرسٽيا کي لنڊن يونيورسٽي طرفان پي ايڇ ڊي جي ڊگري ڏني وئي، هن ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي مان تعليم حاصل ڪئي ۽ لاهور وومين ڪاليج ۾ وڏي عرصي تائين نوڪري ڪئي. ** 1948ع ۾ پاڪستان حڪومت ڪراچي جو ڪنٽرول سنڌ سرڪار کان حاصل ڪري ورتو، جنهن تي ڪيترائي سنڌي سياستدان خوش ٿيا پر اڪثر سنڌي اڳواڻن ان تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ مخالفت ڪئي. ** 1956ع ۾ وفاقي سرڪار پهريون ڀيرو 23 مارچ کي يوم پاڪستان جو ڏهاڙو ڪري ملهائڻ جو اعلان ڪيو، ان کانپوءِ هر سال اهو ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي. ** 1988ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پير پاڳاري مسلم ليگ جي قيادت جنرل ضياءُالحق حوالي ڪرڻ جي آڇ ڪري ڇڏي. ************* اڄوڪي ڏينهن 23 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون​ ​ جنم ڏينهن:​ ​ 23 جون 1834ع قَاضي عبدالنبي شڪارپوري جي پيدائش ٿي.​ 23 جون 1938ع شاعر محمد بخش ”حافظ“(نوان جتوئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.​ 23 جون 1940ع شاعره لڪشمي جيوتي (ڪراچي / الهاس نگر) جي پيدائش ٿي۔​ 23 جون 1954ع ڪشمور سان تعلق رکندڙ صحافي جئه رام داس بجاج جو جنم ڏينهن آهي.​ ​ وڇوڙو:​ ​ 23 جون 1901ع مذهبي عالم مولوي غلام رسول تنيو جو انتقال ٿيو.​ 23 جون 1941ع مذهبي عالم مولوي غلام محمد ٻنوي جو انتقال ٿيو.​ 23جون 1948ع عالم مولوي محمد سليمان واعظ جو انتقال ٿيو.​ 23 جون 1948ع عالم حاڪم معين الدين کيانروي جو انتقال ٿيو.​ 23 جون 1974ع مولوي نذير حسين جتوئي (لاڙڪاڻو) جو انتقال ٿيو.​ 23 جون 1980ع اندرا گانڌي جو پُٽ سنجي گانڌي هڪ جهاز حادثي جو شڪار ٿي ويو.​ 23 جون 1989ع سياستدان ايم اي قريشي جو لاڏاڻو ٿيو.​ 23 جون 2004ع مذهبي عالم عزيز الله جروار جو انتقال ٿيو.​

No comments:

Post a Comment