Monday 26 June 2023

Sindh in history today (27th June), Dr.Pathan & Mumtaz Pathan

Good Day Wish By Dr,Pathan@@@@@ Sindh in history {in English} By Mumtaz Pathan @@@@@ Sindh in history {in Sindhi| By. Dr.Pathan @@@@@ SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {27th June} and Good Day Wish. ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [ The trio of ego, interest and avoiding to listen, has terribly damaged the integrity and greatness of we people. Because of this we are neither ear and eyes, nor golden heart. Due to this we can't accept & respect truth & sincerity, vision & wisdom and human & natural values. My Dear! Get rid of that trio, because you are source of inspiration and aspiration for peace & progress and love & beauty ] هڪ مڳي ٻي مطلبپرستي ٽيون ڪن-لاٽار, انهن اوڳڻن ئي پيدا کوڙ ڪيا ماڻھن لاء آزار, انهن اوڳڻن جي ڪارڻ سچ وڃائيو سنسار, انهن اوڳڻن وارا نہ تہ سرت-وند نہ ئي ڏاتار, انهن اوڳڻن وڌا ملڪن ۾ ماڻھپي جا ڏڪار, دوست مٺا دلدار, تون سار سونهن سلام کي. ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {27th JUNE} EVENTS: 1832: Colonel Pottenger is appointed as Political Agent for Sindh affairs. (Government of India’s letter). 1856: The Government intends to disband ‘Baloch Regiment” in Sindh. Collectors of Shikarpur and Sukkur are asked to give comments. (Source: Sindh Commissioner’s office letter No.64). 1933: Kumari Amrait Kaur, Mrs. Hamid Ali and other ladies addressing All-India Women’ Conference express strong dissatisfaction with the ‘White Paper’ Proposal for women’s franchise. They advocated equal rights to all citizens without any sex-bar and failing adult suffrage they urge that women’s vote should be based on simple literacy. (source: Indian Annual Register, Vol-1, 1933). 1957: The One-Unit is now of two years, but still political parties and some politicians are opposing it. Today, Republican Party strongly oppose and condemns the imposition of it. (Source: Newspaper). 1959: Auction of evacuee property stars in Karachi (Source: Ibid). 1960: Divisional Councils under Basic Democracy system start functioning in West Pakistan (Source: Pakistan Year Book)’ 1965: Premier Harold Wilson of Britain sends a draft agreement to India & Pakistan on Rann of Kuch dispute. (Source: Newspapers). 1972: Z.A.Bhutto, President of Pakistan leaves for Simla.(Source: “Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1973: National Assembly Special body suggests Friday as weekly holiday (Source: Newspapers). 1977: Government will not receive and accept new draft from PNA, says Abdul Hafiz Pirzado Dr.Pathan. 27 جون جي حوالي سان سنڌ جي "واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 27.6.1832: ڪرنل پاٽينجر کي اج سنڌ ۾ پوليٽيڪل ايجنٽ طور مقرر ڪيو ويو. هو انھئ تقررئ کان اڳ به سنڌ ۾ سفارتڪارئ جو ڪم ڪار ڪندو هيو. پاٽينجر جي نيت اها هوندي هئي ته فرنگي سنڌ تي قبضو ڪن. هن کي پنهنجئ حڪومت کي ڪراچئ فوج موڪلڻ جي صلاح ڏني ۽ هن ئي سنڌ جي اڀرندي سرحدي پٽئ تي کوسن ۽ سوڍن خلاف فوجي آپريشن ڪرايا, هن ئي مير حڪمرانن کان شروعاتي ٺاه ڪرايا. هن پنهنجئ ايمڪارئ ۾ سنڌ بابت يا سنڌ خلاف خطن ۾ لکيو, اهو تفصيل اوهان کي گل حيات جي ويب تي ملي ويندو. 27.6.1843: مير حڪمرانن جا اهي ديرا (گهر-ڌياڻيون) جيڪي پنهنجي جنگي قيدي ورن سان گڏ سنڌ کان ٻاهر نه ويون, پر سنڌ ۾ رهڻ پسند ڪيائيون, تن مان هڪ هڪ کي سنڌ جي فرنگي سرڪار طرفان هر مهيني 4500 روپيا ڏنو ويندو هو. ديرن ڌاري حڪومت کان ڪجھ به نه پئي ورتو, پر نيپيئر لکي ٿو ته سرڪار ۽ ديرن وچ ۾ اهو مامرو هڪ بااثر ٻروچ ڪرايو. 27.6.1856: فرنگي حرفتي ۽ چالاڪ حڪمران هئا. هنن پاڻ کي بچائڻ ۽ حڪومت کي بچائڻ لاء مقامي ماڻھن کي پنهنجي فوج ۾ شامل ڪرڻ لاء وڏي چال کيڏي. هنن ٻروچ حڪمرانن کان فريب سان سنڌ کسي هئي. ان ڪري ٻروچن جي مٿي تي هٿ رکڻ لاء ۽ جابلو ٻروچن کي مڪامي سنڌين خلاف استعمال ڪرڻ لاء ”بلوچ ريجمينٽ" ٺاهي. سنڌين کي بي هٿيار رکڻ ۽ فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ کان فرنگي حڪومت وڏي ڪوشش ڪئي. حڪومت جي انھئ بدنيتئ سنڌ سماج تي ذات پات جو زنگ چاڙھيو. سنڌي ماڻھون "ٻروچ" ۽ "غير ٻروچ" کان سواء ”مارشل" ۽ ”غير مارشل" طبقن ۾ ورهائجڻ لڳا. انھئ حڪمت عملئ رد عمل ۾ نج سنڌين ۾ ”ويڙھاندي فرد ۽ گروه" پيدا ڪيا. ان ڪري خود سرڪار لاء امن امان قائم ڪرڻ جو مسئلو پيدا ٿيو. فرنگي حڪومت سوچيو ته "بلوچ ريجمينٽ" ۾ ڇانٽي آڻجي, پر ضلعي عملدارن ڪمشنر کي صلاح ڏني ته ڇانٽي وڏي پئماني تي ڪبي ته سرڪاري آفيسن جي حفاظت ڏکي ٿي پوندي. اهو تاثر/پتو اڄوڪئ انھئ لکپڙه مان ملي ٿو, جيڪا سنڌ جي ڪمشنر ۽ ممبئي سرڪار وچ ۾ ٿي آھي. 27.6.1957: "ون-يونٽ" هڪ اهڙو منحوس ۽ ڏاڍ وارو ٽوڙھو هو, جنهن جي لڳ ڀڳ سمورن صوبن ٺھڻ کان اڳ ئي مخالفت ڪئي ۽ ان جي مڙھجڻ کان پوء به ان جي مخالفت ٿيندي رهي. "ون-يونٽ" کي ٺھيئي مڙھيئي ٻه سال گذري ويا آھن. پر اڄ ”ريپبليڪيشن پارٽئ" مطلبو ڪيو ته "ون-يونٽ" ختم ڪيو وڃي. [ اسان سنڌي اها دعوا ڪري نه ٿا سگهون ته ڪو "ون-يونٽ" اسان جي تحريڪ ڪري ختم ٿيو. ڳاٽ اوچو ڪري اها ڳالھ ڪرڻ بدران اسان کي پنهنجي نئين نسل کي سمجهائڻو آھي ته "ون-يونٽ" ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ جا مقصد ڪهڙا هئا. "ون-يونٽ" خلاف تحريڪ فقط سنڌ ۾ ڪانه هلي هئي. نه وري ڪنهن تحريڪ جي دٻاء ۾ اچي "ون-يونٽ“ ٽوڙيو ويو هو. اسان کي عوام کي اهو سچ ٻڌائڻ گهرجي] 27.6.1959: ڪراچئ ۾ اويڪيو پراپرٽي (لڏي ويندڙ ھندن طرفان ڇڏي ويل پراپرٽي) جو نيلام شروع ڪيو ويو. 27.6.1960: اولھ پاڪستان ۾ اڄ کان بنيادي جمهوريت جي نظام مطابق قائم ڪيل "ڊويزنل ڪائونسلن" ڪم شروع ڪيو. [پاڪستان جي ٽن وڏن آمرن ملڪ کي پنهنجو پنهنجو نظام ڏنو ۽ ان مطابق ملڪ هلايو. مشرف "ضلعي نظام" رائج ڪيو, ضياء الحق پنهنجئ مرضئ وارو "اسلامي نظام" لاڳو ڪيو ۽ آفيس وقت ۾ ملازمن کان ٻيپهرئ جي نماز پڙھرائي ۽ بينڪن ۾ رکيل ڏوڪڙن مان زورئ زڪوات ڪٽرائي, ايوب وري "بنيادي جمهوريت" وارو نظام قائم ڪيو] 27.6.1972: 1965 جي جنگ کان پوء ايوب شاسترئ سان "تاشقند معاهدو" ڪيو ۽ هن جو سياسي زوال شروع ٿيو. اوڀر پاڪستان آزاد ٿيڻ کان پوء ڀٽي اندرا سان "شملا معاهدو" ڪيو ۽ سندس سياسي زوال شروع ٿيو. اڄ ملڪ جي صدر وارئ حيثيت ۾ ذوالفقار علي ڀٽو انڊيا سان معاهدو ڪرڻ لاء شملا روانو ٿيو هو. 27.6.1977: پيپلز پارٽئ جي وزير ۽ اڳواڻ حفيظ پيرزادي بيان ڏنو ته هاڻي پي.اين.اي وارن جو ڪو نئون ٺاه قبول نه ڪبو. *************** {27 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 27 جون 1924ع ليکڪ نٿر مل چندناڻي (بهلاڻي / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 27 جون 1939ع برصغير جي ناليواري موسيقار آر ڊي برمن جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 27 جون 1949ع سماجي اڳواڻ ۽ تعليمي ماهر ڊاڪٽر خان محمد پهنور جو جنم ڏينهن آهي. 27 جون 1970ع سماجي ورڪر امين الدين جوکيو جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 27 جون 1920ع مولوي عبدالقيوم رستماڻي جو لاڏاڻو ٿيو. 27 جون 1927ع مذهبي عالم مولوي غلام رسول شڪارپوري جو لاڏاڻو ٿيو. 27 جون 2003ع شاعر، ليکڪ ۽ سماجي ۽ سياسي ورڪر سيد اڪبر شاهه جي وفات ٿي. 27 جون 2010ع اديب ۽ ليکڪ احسان دانش ڀٽو(شڪارپور) جو لاڏاڻو ٿيو.

No comments:

Post a Comment