Monday 19 June 2023

Sindh in history today (20th June). By. Dr.Pathan

This Post consists of three Parts: 1]. Good Day Wish By Dr.Pathan, 2], Sindh in History in English by my Son Mumtaz Pathan, and 3]. Sindh in history in Sindhi by Me, Dr.Pathan ========================== SINDH (including Pakistan) IN History today {20th June} and Good Day Wish. ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [Do not lead any crowed and dance to please people. Lead your self, if you intend to be an ideal leader. Do not insist upon anybody for love & respect. It will make you beggar, and beggars are always losers. Respect yourself and love all without any discrimination. Be beauty, love will follow you. Be peace, tranquility will follow you. You are not follower, but leader] اڳیان ايئن تون ڄڃ م ڄل، نچين ڪوه ؟ڪنهن کاتي؟ پٺيان ايئن تہ پرين نہ هل، ڪل ڪهڙي پرچن ڇا تي؟ هل پاڻ تون تاتي،سلام ٿي. ‏‎ ‎ ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {20thJUNE} EVENTS: 1943: M.A.Jinnah, replying to an address presented to him by the Karachi Muslim Chamber of Commerce, says that unless a nation is economically well organised and powerful, it cannot, progress in any spare. The economic side is the very foundation of a nation. (Source: Indian Annual Register, Vol-1, 1943). 1947: Bengal Assembly members decide that the province should be partitioned. (Source: Newspapers) 1959: AnjumanTaraqiPasandMusanfeen is declared unlawful. (Source: The Government Notification) 1964: Total number of people those lost their lives in cyclon, that hit Hyderabad Division is more than 600. (Source: Newspapers) 1974: Ban is imposed on political activities of Khan Abdul Ghaffar Khan (Source: Newspaper) 1970: The Land Commisison is a abolished by the West Pakistan Govt. The Governor issuer orders. (Source: Newspapers) !977: Z.A.Bhutto proposes Muslim countries Defence pact. (Source: Ibd) 1992: Curfew is clamped on six areas in Karachi. Six are killed in clash among rival MQM groups. (Source: Newspapers). 1993: Altaf Hussain wanted me dead, says Major Kaleem of the F14 when examined as Prosecution witness by Special Public Prosecuter before Special Court for STA. ******** 20.6.1839: سنڌ ۾ مقرر ڪيل ۽ مقيم فرنگي سفارتڪارن جي خط و ڪتابت مان ظاهر ٿئي ٿو ته قنڌار ۽ قلات جي ابتر حالتن مير حڪمرانن جون من مستيون وڌائي ڇڏيون آھن ۽ فرنگي سوچي رهيا آھن ته ميرن طرفان متان ڪا مزاحمت يا سازش ٿئي. پر کين اها پڪ آھي ته فرنگين جي فوجي سگھ کان مير ڊنل آھن ۽ ان ڪري ڪا منظم مزاحمت نه ڪئي ويندي. جان ڪين جي سربراهئ ۾ فرنگي فوج حيدرآباد کان گذري خيرپور پهتي ته وچ تي ڪو اڻ وڻندڙ واقعو رونما نه ٿيو ۽ ميرن ڪٿي به سندس دڳ نه روڪيو. 20.6.1847: سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان اڳ ۽ پوء فرنگين روهڙي شهر ۽ ان پسگردائئ کي انتظامي ۽ دفاعي طور تي اهم سمجهيو. اتان خيرپور کان وٺي بهاولپور تائين هر شئ تي نظر رکڻ آسان هئي. ان ڪري سکر جي پلين ٺھڻ کان اڳ روهڙي انگريزن لاء اهم هئي. روهڙئ جي ڊپٽي ڪليڪٽر فيرنگٽن کي سنڌ گورنر طرفان حڪم ٿيو ته روهڙئ جو نقشو ٺاهجي ۽ ضلعي جون حدون مقرر ڪجن. ( پرڳڻي کي اڳ ضلعو چئبو هو). ڊپٽي ڪليڪٽر اهو ڪم اڄ پورو ڪيو. 20.6.1852: اها انتظامي روايت انگريزن وڌي ته هر ڪو سرڪاري کاتو/ڊپارٽمينٽ پنهنجي سالياني پروگريس رپورٽ ٺاهي سرڪار کي پيش ڪري. سرڪار اهي شايع ڪرائيندي هئي. انهن رپورٽن ۾ سنڌ جي تاريخ جو مستند خزانو موجود آھي. سنڌ جون سرڪاري ۽ درباري لائبرريون ته لٽيون ۽ خالي ڪيون ويون. پر سنڌ ۾ اهي هر ضلعي جي ڪليڪٽرئ, انڊيا آفيس لائبرري لنڊن ۽ انڊيا جي آرڪائيوز ۾ موجود آھن. اڄ پوليس کاتي پنهنجي سالياني رپورٽ سنڌ جي ڪمشنر کي پيش ڪئي. 20.6.1920: سنڌ خلافت ڪميٽئ جون چونڊون ٿيون, جن ۾ حاجي عبدالله هارون کي صدر, مولانا تاج محمود امروٽئ کي نائب صدر ۽ حڪيم شمس الدين احمد (قاضي فضل الله جو وڏو ڀاء) کي جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيو ويو. [ نوٽ ڪرڻ جي ڳالھ اها آھي ته وڏيرڪو ۽ جاگيردارانه طبقو هن پارٽئ کان پري رهيو. ڇو ته اها سرڪار خلاف هئي. البته سرمائيدار ۽ پير انھئ پارٽئ جي حوالي سان سنڌ جي سياست جا واڳ ڌڻي ٿيا ۽ ديني عالمن ان ۾ ھراول دستي جو ڪردار ادا ڪيو] 20.6.1920: اسان جي دور ۾ جيئن سياست مذهب تي حاوي رهي آھي ۽ سياسي آدرشن کي سندن پوئلڳ سڀ ڪجھ سمجهن ۽ چون ٿا, انھئ جي ٿوري مٽيل صورت ۽ سوچ خلافت تحريڪ به پيدا ڪئي. ڪيترا ملان سرڪاري مالي امداد تي ديني ۽ تعليمي مدرسا/اسڪول هلائيندا هئا. خلافت تحريڪ دوران انھن ديني ۽ تعليمي تشهير کي پاسيرو رکي سياسي فيصلن ۽ سوچن کي اهميت ڏني. نتيجي ۾ ڪيترن مولوين سرڪار کان مالي مدد وٺڻ کان انڪار ڪيو. جڏهن ته مالي مدد سرڪار پنهنجي کيسي مان ڪونه ڪندي هئي. پر اهو عوام جو ئي پئسو هو. عالمن جي جذبي کي ته سلام آھي, ليڪن سندن فيصلو درست نه هو. اڄ جن سرڪار کان اسڪولن/مدرسن لاء مالي مدد وٺڻ کان انڪار ڪرڻ جو اعلان ڪيو, اهي آھن: خليفو محمد عثمان (ڳوٺ مريد موچي, تعلقو ميروخان), مولوي محمد حسن (سجاول گوپانگ), مولوي دين محمد (ڳوٺ بٺي), مولوي محمد عالم (محبوب تنيو), مولوي محمد اعظم (پنڊ, ميروخان), مولانا عمران (ٽنڊو علي مراد), مولوي خير محمد (ڳوٺ ڇٽو جويو), مولوي فتح محمد (حاصل جمالي), مولوي قادر بخش (ڊٻ چانڊيو) ۽ حافظ عبدالغني (ڀنڀو چانڊيو). 20.6.1922: ٽنڊي باگي جو نالو وٺبو ته سکي مرد ۽ تعليم کي عام ڪندڙ خانبھادر مير غلام محمد ٽالپور جو نالو زبان تي تري ايندو. اپر ڪلاس جو ماڻھو هو, ان ڪري انگريزن سان نه ڦٽايائين. خلافت تحريڪ سرڪار لاء خطرو ٿي اڀريو ته خلافت تحريڪ جي مخالفت ۽ فرنگي سرڪار جي مدد لاء ”امن سڀا" ٺاهي وئي. اڄ ٽنڊي باگي جي "امن سڀا" جي خانبھادر مير جي صدارت ۾ عوامي ميڙاڪو ڪوٺايو. حيدرآباد انگريزن جي حامي مولوئ عبدالعزيز کي خاص دعوت ڏئي گهرايو ويو هو. مکي هيرومل, ڪشونداس, ڀائي ٽوپڻ مل, عيدن مل ۽ تور مل انگريزن جي وفادار رهڻ بابت تقريرون ڪيون. 20.6.1956: اڄ جيئن پنجاب ۾ صوبائي اسيمبلئ جو اسپيڪر سرڪار کي بجيٽ پيش ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو, تيئن اڄوڪي ڏينھن تي اوڀر پاڪستان جي وڏي وزير کي اسپيڪر بجيٽ پيش ڪرڻ ڪانه ڏني. 20.6.1964: حيدرآباد ڊويزن ۾ طوفان بارشن تباهي مچائي ڇڏي. سرڪاري پڌرائئ مطابق 600 ماڻھون اجل جو شڪار ٿيا. 20.6.1968: وفاقي سرڪار اڄ قومي اسيمبلئ کي ٻڌايو ته پشاور لڳ بڊابير ۾ قائم ٿيل آمريڪي ڪميونيڪيشن يونٽ جي ليز ختم ٿيڻ واري آھي. 20.6.1973: اصغر خان, جيڪو شروعات ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جو سياسي ۽ نظرياتي عاشق هو, سو بيان ۾ چئي ٿو ته پيپلز پارٽي حڪومت آمريت جو هڪ روپ آھي. اها نه جمهوريت جي حق ۾ آھي ۽ نه وري عوام جي مفاد ۾ آھي. 20.6.1977: ڀٽي-حڪومت خلاف ڪراچي, سيالڪوٽ ۽ لاهور ۾ وڏو گوڙ ٿيو. پوليس فائرنگ ۾ سيالڪوٽ ۾ 4 سياسي ڪارڪن مري ويا ۽ 16 زخمي ٿيا. ان ڪري شھر ۾ ڪرفيو لڳايو ويو. 20.6.1988: مارشلا لا اختيارئ وارن هٿيارن بابت ترميم ٿيل آرڊيننس لاڳو ڪيو, جنهن مطابق هٿيار کڻي هلڻ ۽ بنا لائيسنس هٿيار رکڻ تي ڳريون سزائون رکيون ويون. 20.6.1992: ڪراچئ جي ڪيترن هنڌن تي وڳوڙ ٿيا ۽ اتي ڪرفيو لڳايو ويو. وڳوڙن دوران ايم.ڪيو.ايم جي هڪڙي ڌڙي ٻئي ڌڙي جا 6 ڪارڪن ماري وڌا. هوڏانھن لنڊن م الطاف حسين ۽ نواز شريف جي ڪراچئ جي حالتن تي گوڏا ڀڃي ويچار ڪيو. 20.6.1993: دهشتگردي ٽوڙ اسپيشل ڪورٽ ۾ ميجر ڪليم بيان ڏيندي چيو ته الطاف حسين جي نيت ۽ ڪوشش اها هئي ته مون کي ماريو وڃي. *************** {20 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 20 جون 1850ع تعليمي ماهر ۽ سماجي ڪارڪن تاراچند شوڪيرام (حيدر آباد) جي پيدائش ٿي. 20 جون 1875ع مذهبي عالم پير خدا ڏنو نصرپوري جي پيدائش ٿي. 20 جون 1887ع بزرگ پير ضياءُالدين شاهه راشديجي پيدائش ٿي. 20 جون 1936ع ليکڪ چنا شبير ناز (شڪارپور) جي پيدائش ٿي. 20 جون 1940ع شاعر جڳت منشاراماڻي (سکر / راجڪوٽ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.. 20 جون 1940ع مذهبي عالم مولانا فيض محمد هَڪڙو جي پيدائش ٿي. 20 جون 1946ع صحافي مير هزار خان منصور جو جنم ڏينهن آهي. 20 جون 1968ع ليکڪ ظفر ٽالپر جو جنم جي پيدائش ٿي. 20 جون 1978ع شاعر امر کهاوڙ جي پيدائش ٿي. 20 جون 1980ع تنها شبير چانڊيو جي پيدائش ٿي. [وڇوڙو:] 20 جون 1918ع شاعر ۽ مذهبي اسڪالر مولانا عبدالغفور همايوني مفتون جو انتقال ٿيو. 20 جون 1968ع مذهبي عالم مولوي غلام رسول کوسي جو انتقال ٿيو.

No comments:

Post a Comment