Friday 9 June 2023

Sindh in history today (10th June). By, Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {10th June} and my Good Day Wish. ************* ***** 10.6.1843: ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت سنڌ جي فرنگي گورنر کي تاڪيد ڪيو ته سنڌين کي هٿين خالي ۽ غير مسلح ڪيو وڃي ۽ ٻروچن کي سولجرن طور ڀرتي ڪيو وڃي ته جيئن غير سنڌي ۽ فرنگي راڄ جي واپارين جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪئي وڃي. 10.6.1916: انگريزن جي ابتدائي ڏهاڙن ۾ سرڪاري ملازمن ۽ سماجي سڌارڪن کي سياست ڪرڻ جي اجازت هوندي هئي. انھئ زماني ۾ سنڌ جون سماجي تنظيمون ماڻھن ۾ سياسي شعور پيدا ڪنديون هيون ۽ سرڪار کان سياسي نوعيت وارا مسئلا حل ڪرائڻ جا جتن ڪنديون هيون. شڪارپور, سکر, حيدرآباد ۽ ڪراچئ ۾ اهڙيون کوڙ سماجي تنظيمون هونديون هيون. اڄ ڪراچئ جي "ڪراچي سٽيزنس ائسوسيئيشن" پنهنجي پليٽفارم تان " سنڌ کي خودمختياري گهرجي" جي موضوع تي ليڪچر ڪرايو ته جيئن عوام ۾ سنڌ کي ممبئئ کان جدا ڪرڻ واري سوچ پيدا ڪئي وڃي. 10.6.1949: "سنڌ هاري ڪميٽئ" فيصلو ڪيو ته 22 جون تي وڏي پئماني تي "مائي بختاور جو ڏينھن" ملهايو ويندو. 10.6.1970: ڪراچئ ۾ ”پاڪستان مهاجر محاذ" جي نالي سان هڪ سياسي تنظيم جوڙي وئي ته جيئن انڊيا کان آيل پناهگيرن جي حقن جي نئين سياسي صورتحال مطابق حفاظت ڪئي وڃي. مطلب ته سنڌ يا پاڪستان جي سياست جي حصي ٿيڻ بدران پنهنجو الڳ سياسي تشخص قائم ڪيو وڃي. 10.6.1972: صدر ذوالفقار علي ڀٽي چيو ته جيڪڏهن انڊيا روس سان دفاعي ٺاه تان هٿ کڻي ته پاڪستان "سينٽو" ۽ "سيٽو" معاهدن مان هٿ پٽي ويندو. 10.7.1977: پي.اين.اي ۽ پي.پي.پي وارا مطمعن آھن ته ملڪ ۾ ھاڻي ڪو جمود ڪونهي. صورتحال افهام و تفهيم ۽ بهترئ طرف وڌي رهي آھي. ** 1916ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ سٽيزن ايسوسيئيشن طرفان ليڪچر پروگرام ڪرايو ويو، جنهن ۾ مقررن ”سنڌ کي خودمختياري کپي“ جي عنوان تي ليڪچر ڏنا، اهو پروگرام عوام ۾ سياسي جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوٺايو ويو هو ۽ خاص طور تي سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪرڻ بابت عام راءِ ٺاهڻي هئي. ** 1967 ۾ اڄوڪي تاريخ تي وچ اوڀر ۾ جاري ويڙهه کي روڪيو ويو، اسرائيل گڏيل قومن جي مداخلت تي شام سان جاري جنگ کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، آخري ڇهن ڏينهن دوران اسرائيلي فوجين والاريل بيت المقدس جي وڏي حصي تي قبضو ڪري ورتو، اسرائيلي وزيراعظم شام سان جنگ کي صحيح قرار ڏنو، جڏهن ته روس ۽ گڏيل قومن مداخلت ڪري جنگبندي ڪرائي. ** 1974ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بنگلاديش کي گڏيل قومن جو ميمبر ملڪ بڻايو ويو، واضح رهي ته ان کان اڳ ۾ بنگال پاڪستان جو صوبو هو، آزادي بعد گڏيل قومن کيس الڳ ملڪ جي حيثيت سان تسليم ڪري ورتو. ** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پيپلزپارٽي ۽ پي اين اي جي اڳواڻن ۾ جاري ڳالهين دوران اڳواڻن چيو ته ڪو به ڊيڊلاڪ ناهي، اسان جلد ڪنهن مثبت نتيجي تي پهچي وينداسين، واضح رهي ته ذوالفقار علي ڀٽو جي سرڪار ۽ مخالف ڌر جي اتحاد پي اين اي وچ ۾ معاهدو ٿي ويو هو، وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو آڪٽوبر ۾ چونڊون ڪرائڻ تي راضپو پڻ ظاهر ڪيو پر پوءِ به ڊڪٽيٽر ضياءُالحق جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ڪري اقتدار تي قبضو ڪري ورتو. ** 1996ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو اڳوڻو جج نظام الدين صديقي ڪراچي ۾ پٽ سميت مارجي ويو، ٻئي ڄڻا هاءِ ڪورٽ کان گهر اچي رهيا هئا ته گهر جي در تي موٽرسائيڪل سوارن مٿن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ اهي موقعي تي ئي مارجي ويا.نظام صديقي جسٽس ناصر اسلم زاهد جو ڀيڻويو هو. ** 2004ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ ڪور ڪمانڊر جي قافلي تي حملو ٿيڻ جي نتيجي ۾ 10 اهلڪار شهيد ٿي ويا، ليفٽيننٽ جنرل احسن سليم حيات صبح جو آفيس وڃي رهيو هو ته ڪلفٽن پل وٽ سندس قافلي تي دهشتگردن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ هو پاڻ محفوظ رهيو، آءِ ايس پي آر 10 اهلڪارن جي شهادت ۽ 13 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي. ************ {ڏينهن 10 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 10 جون 1894ع شاعر ۽ سياسي ڪارڪن ابو شوڪت حمزه جي پيدائش ٿي. 10 جون 1913ع شاعر گوهر سروري جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 10 جون 1920ع شاعر تيرٿ پريتم هنڱوراڻي (ڪراچي / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 10 جون 1920ع شاعر ڪشنچند مسرور (جيڪب آباد / اندور) جو جنم ڏينهن آهي. 10 جون 1924ع شاعر نارائڻ سمتاڻي (جوهي / دهلي) جو جنم ڏينهن آهي. 10 جون 1925ع شاعر علي محمد خالدي (ٺٽو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 10 جون 1925ع شاعر رام معصومي (سنڌ / آگره) جو جنم ڏينهن آهي. 10 جون 1933ع ليکڪ عبدالڪريم لغاري جو جنم ڏينهن آهي. 10 جون 1933ع موسيقي جي خدمتگار ڀڳت چيلا رام چاولاجو جنم ڏينهن آهي. 10 جون 1939ع گلوڪار سترام روهڙا (سکر / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 10 جون 1944ع شاعر کيمڻ مولائي جو جنم ڏينهن آهي. 10 جون 1948ع شاعر هارون امرت جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 10 جون 1957ع گلوڪار اشوڪ شاولاڻي (ناگپور) جو جنم ڏينهن آهي. 10 جون 1962ع شاعر سڪندر علي خمار جو جنم ڏينهن آهي. 10 جون 1963ع ليکڪ يونس جويو (آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 10 جون 1971ع ليکڪ ۽ صحافي اقرار پيرزادي جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 10 جون 1923ع سيد علي اڪبر ثاني (روهڙي) جو لاڏاڻو ٿيو. 10 جون 1975ع عبدالفتاح شاهه مجذوب جو لاڏاڻو ٿيو. Dr. Pathan wishes you Good Day. [ We are passing through an era of relationship that is to be kept and maintained unilaterally. You will never be recognized or accepted due to your experience & age, vision & wisdom and talents & potentialities. Because, everybody believes that only and only he/she is second to none in all these qualities, besides beauty. Hence, Ground Reality is that to what extent you are useful or of use for others] پاڻ رکي پيو پاڻ نڀائج هلي رشتن جو ايئن جهان, نہ تہ ڪم نہ دم دنيا کي هرڪو هتڙي خانئ خان پنهنجي مطلب غرض طمع ۾ ماڻھون هت مستان متان ڪرين ارمان, تہ ناهي قدر سرت سلام جو. ************* NOTE: This Portion of Post in English has been shared by Mumtaz Pathan EVENTS: 1916: 'Sindh needs Autonomy' is the topic of lecture, followed by discussion, today. The NGO of Karachi, the Karachi Citizens' Association has arranged the program for creating political awareness and making minds to launch Movement for separation of Sindh from Bombay Presidency. Idea about separation was given by the British Commercial community, promoted by Hindu leader Harchandrai Vishindas and translated by Sindhi Muslim Upper class and rigorously opposed by Sindhi Hindus including Harchandrai Vishindas. (Source: various issues of the 'Kosid' and the 'Daily Gazette' & Dr.Pathan's 'Chronology'. 1949: Sindh Hari Committee decides to observe 'Mai Bhakhtawar Day' on 22th of June. (Source: Newspaper) 1970: 'Pakistan Muhajir Mahaz' is formed at Karachi with Aims & Objects to protect rights of Muhajiren in changing situation (Source: Newspapers) 1971: Soviet Premier call for creating conducive conditions for return of millions of Bengalis who have flooded into India (Source: leading Newspapers) 1972: President Bhutto offers to pull out from CENTO & SEATO immediately if India renounce’s her defense agreement with Soviet Union. (Ref:'Source-material on Bhutto family', compiled by Gul Hayat). 1974: Bangladesh, once part of Pakistan, becomes member of U.N.O. 1977: No any deadlock in talks. We are moving towards positive results, say PNA & PPP. Somewhere this positive approach is giving birth to a big even & move, that will take place within a month.

No comments:

Post a Comment