Wednesday 14 June 2023

Sindh in history today (14th June). Post in Sindhi by Dr.Pathan and Post in English by Mumtaz Ali Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {14th June) and Good Day Wish. ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. سج اچي اڀري رات پٺيان پر تون اڀرين رات ۽ ڏينهن، ساجن تو سان جنهنجو نينهن، سو پڻ سدا سوجهرو. Sun rises daily at the end of night. But, you are ever shining in the Sky of my heart and have never set since ages. In the light of your love, I have been witnessing my beauty . It is very bright and very charming. ************* Post in Sindhi by Dr.Pathan سنڌ جي واقعاتي تاريخ (14 جون). *************** 14.6.1835: ڪرنل پاٽينجر اڄ پنهنجئ سرڪار کي پنهنجئ ڪامياب سفارتڪارئ بابت رپورٽ ٿو ڏياري موڪلي ته مير نور محمد کوسن کي چيو آھي ته اوهان فرنگي ماڻھن کي ڦرڻ لٽڻ کان باز نه ٿا اچو, ان ڪري جتي ويٺا آھيو, اتان لڏي اڀرندي سرحد طرف لڏي وڃو. پاٽينجر اهو به لکي ٿو ته مير حڪمرانن ايراني واپارين تي به ڪرڙي نظر رکڻ شروع ڪئي آھي ۽ کين وڌيڪ رعايتون ڏيڻ لاء ھاڻي تيار ناهن. [فرنگي سفارتڪارئ جي چالبازئ سان سنڌ جي اوڀر وارا رستا به پاڻ لاء بي خطر بڻائڻ لڳا ۽ پنهنجي واپارين جي سنڌ ۾ هڪ هٽي قائم ڪرائڻ لاء ٻين ملڪن جي واپارين جا دڳ به روڪيندا رهيا] 14.6.1843: مير نصير خان جا ٻه ملازم هر هڪ مير محمد ۽ مير يار محمد به جلاوطن ۽ قيدي بڻايا ويا هئا. اهي اڄ ”ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس" کي گذارش نامو موڪلي عرض ٿا ڪن ته مير نصير خان اسان مان هر هڪ کي 4000 روپيا ماهوار پگهار ڏيندو هو. اسان کي پگهار به وڌائي ڏيو ۽ قيد مان آزاد ڪري وطن واپس موڪليو. 14.6.1916: سنڌواسين کي جڏهن يقين ٿيو ته انگريزن کي عوامئ ڀلائئ جو اونو ڪونهي, پر حڪومت کي پنهنجي مطلب وارو پيٽ جو سور آھي ته ساڃھ-وند ماڻھن سماجي تنظيمون ٺاهڻ شروع ڪيون. سنڌ ۾ سماجي تنظيمن جو آغاز "سنڌ سڀا" قائم ٿيڻ سان 1882ع کان ٿيو ۽ 1947 تائين سوين سماجي تنظيمون جڙيون. اهي سنڌ جي مفادن جي بنياد کان وٺي مذھب ۽ برادرئ جي بنياد تي قائم ٿيون. گل حيات انسٽيٽيوٽ انھن مان ڪيترين سماجي تنظيمن بابت معلومات ڪٺي ڪئي آھي. ڪراچئ جي "ينگ عاملس ائسوسيئيشن" به انھن مان هڪ آڳاٽي سماجي تنظيم هئي. اڄ نئين سال لاء ان جيڏ هن ريت مئنيجنگ ڪميٽي چونڊي وئي: درگداس بي.آڏواڻي, هوتچند چانڊومل, خانچند پرمانند, چنديرام ماڻڪ راج, بولچندکيمچند, گوبندرام ڌرمداس ۽ شامداس پرتاب پرتابراء. 14.6.1948: ڪوئٽيا ۾ ملٽري آفيسرن کي خطاب ڪندي پاڪستان جي بانئ چيو ته عوام جي جان, مال ۽ عزت جي حفاظت ڪرڻ فوجين جي ذميواري آھي. [اڳتي هلي ملڪي تاريخ ۾ ھنن عملدارن گهڻا ڪم ڪيا. ٽيه پنجٽيه سال سڌي حڪمراني ڪئي ۽ اوترو , بلڪ ان کان وڌيڪ وقت سياسي حڪومتن ٺاهڻ هلائڻ تي ڏنو. ميان محمد نواز شريف کان وٺي ويندي عمران خان تائين سندن انھئ ڪردار تي سخت تنقيد ٿي] 14.6.1949: ملڪ جي وزير اعظم لياقت علي خان کي مهاجرن/پناهگيرن جي آبادڪارئ جو وڏو اونو هوندو هو. هن ملڪ ۾ جيڪي دورا ڪيا, انهن ۾ پناهگير ڪئمپن جي دورن جو وڏو تعداد آھي. اڄ هن "مهاجرن جي واه ڪئمپ" جو دورو ڪيو. 14.6.1950: ڪراچئ ۽ تهران وچ ۾ اڄ کان "ريڊيو ٽيليفون" ۽ ”ريڊيو ٽيليگرام" ذريعي رابطو قائم ٿيو. 14.6.1955: "راولپنڊي سازش ڪيس" جي سمورن ملزم قيدين جي ضمانت ٿي. 14.6.1969: اوڀر پاڪستان ۾ مارشل لا اختيارين وارن بنيادي جمهوريت جي 300 ميمبرن ۽ ڪيترن سرڪاري ملازمن کي گرفتار ڪيو.[ سنڌ ۾ سياستدانن/سياسي ورڪرن/عملدارن تي اهڙي نموني سان ڏکيا ڏينھن گهٽ آيا. ٻڌ سڌ ٿيندي رهي آھي, پر ٿورن ماڻھن جي. هڪ وقت اوڀر پاڪستان وانگر سوين ماڻھون گرفتار نه ٿيا آھن] 14.6.1970: ذوالفقار علي ڀٽي ۽ مولانا ڀاشانئ سوشلزم جون ڳالهيون ڪرڻ شروع ڪيون ته اڄ ”آل پاڪستان سني ڪانفرنس" حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سوشلزم ۽ ڪميونزم کي غير قانوني قرار ڏنو وڃي. 14.6.1972: پنجاب سرڪار اردوء کي صوبي جي سرڪاري زبان قرار ڏنو. [ٻين صوبن جي اهڙي قدم سنڌ ۾ لساني بي چينئ کي هٿي ڏني ۽ سنڌ ۾ سنڌي ٻولئ واري تحريڪ کي ڇيهو رسيو] *************** {14 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 14 جون 1746ع اسڪالر آخوند عزيز الله ميمڻ (مٽياري) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 14 جون 1935ع شاعر الله رکيو ڳورڙ جي پيدائش ٿي. 14 جون 1935ع شاعر قاضي اميد علي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 14 جون 1935ع سماجي اڳواڻ استاد الهه رکيو ڳورڙجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 14 جون 1940ع ليکڪ قمر عباسي (شهداد پور) جو جنم ڏينهن آهي. 14 جون 1943ع شاعر الهه ڏنو دکي (باڊهه) جي پيدائش ٿي. 14 جون 1948ع صحافي جيوت رام (گهوٽڪي) جو جنم ڏينهن آهي. 14 جون 1960ع شاعر منظور مسافر جو جنم ڏينهن آهي. 14 جون 1961ع اداڪار ڪمار گهنشياڻي (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 14 جون 1974ع ليکڪ احسان زنگيجو (ميهڙ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 14 جون 1914ع مذهبي عالم ۽ بزرگ پير صاحب ڏنو جو انتقال ٿيو. SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {14th JUNE} Post in English by Mumtaz Ali Pathan 14th June EVENTS: 1916: The Young Amils’ Association of Karachi elects its Managing Committee composing of Durgdas B.Advani, Hotchand Chdomal, Khanchand Parmanand; Chandiram Manikraj; Bulchand Khemchand; Gobindram Dharamdas; Shamdas Partabrai; Khanchand Gopaldas; and Rewachand Wasanmal. (Source: Annual Report of the Association). 1948: Army is responsible to protect people and the country, says Quaid-i-Azam, while addressing military officers in Quetta.(Source; Quaid-i-Azam Papers) 1949: Prime Minister, Liaquat Ali Khan visits Muhajir Camp at Wah and assures them very support. (Source: Newspapers). 1950: Karachi and Tahran are connected with Radio Telegram service (Soure: Ibd). 1955: Accused in Rawalpindi Conspiracy case are granted bail. Sajjad Zaheer, Faiz Ahmad Faiz and others get relief. (Source; Ibd) 1961: Government of Pakistan takes over Associated Press of Pakistan-APP (Source: Ibd). 1970: All-Pakistan Suni Conference demands declaring of Socialism and Communism as unlawful (Source: Ibd). 1972: Urdu is made an official language in Punjab (Source: Ibd). 1973: Balochistan ANP defers its Civil Disobedience Movement in response to Wali Khan’s intervention. (Source: “ Source-Material on ANP’. Compiled by Gul Hayat). 1978: A Division Bench of the Sindh High Court holds Benazir’s detention illegal (Source: “Source-Material on Bhutto Family’ , compiled by the Gul Hayat Institute). 1982: Pakistan Mourns demise of King Khalid of Saudi Arabia (Source: Newspapers).

No comments:

Post a Comment