Saturday 17 June 2023

Sindh in history today (18th June) . By. Dr.Pathan

Good Day Wish by. Dr.Pathan Sindh in History today (English) by. Mumtaz Ali Pathan Sindh in history today (in Sindhi) by. Dr.Patham SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {18th June} and Good Day Wish. ************* Dr.Pathan wishes YOU Good Day with love, respect and regards. {Translation of my Poetry composed in Sindhi language} [It is easy to like, but very difficult to accept. It is most difficult to maintain contacts & affiliations and relations & connections. Life never believes in dreams. It is hard ground reality. Beautify it with love as it can accept you. Be more sincere, as can share Beauty Offer sacrifice, as love can declare you wise] ڀانئڻ اچي سڀ کي، نڀائڻ ڪنھن ڪنھن جو ڪم، رشتا گھرن رت روح جو، کائن هر پل لڱ لحم، جي ھٹین دوستئ جو دم، چئج سرت سان سلام تون. ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {18th JUNE} EVENTS: 1921: AmanSabha is started at Thatta with Ghulam Hussain pensioner as its President and HarchandraiTailram as its Vice President. The Sabha will hold public meetings so as to ask people not to participate in any movement launched by Khilafat or Congress party. (Source: Daily Gazette, Karachi) 1932: For the first time Shah Abdul Latif Bhitai’s anniversary is celebrated by the Government. Three day celebrations start today. Activities consist of Literary Conference, Zamindars’ Conference, Coopreative Conference; Exhibitions of Home Industry and Agriculture and Musical/Singing Sitting. (Source: Report of the Mela Committee). 1943: Field Marshal Sir Archibald Percival Wavell is appointed Viceroy and Governor-General of India in succession to the Marquis of Linlithgow. (Source: Indian Annual Register, Vol-1, 1943). 1947: Punjab Assembly party leaders- IftkharMamdot, Lala Bhin Sen Sachar and Sardar Swarn Singh agree formula regarding Punjab partition. (Source: Newspapers). 1949: MoulanaShabir Ahmad Usmani appeals people and Government to help in establishment of Urdu College in Karachi. (Source: Newspapers). 1958: Mir Ghulam Ali Talpur and other politicians suggest referendum as only option to resolve disputed issue of One-Unit. (Source: Newspapers). 1966: Z.A.Bhutto resigns as the Foreign Minister of Pakistan due to differences with the President on Tashkank agreement. (Source: Ibid). 1978: Karakoram Highway is opened for trafic. (Source: Ibid). 1985: Hamdard University is established in Karachi. (Source: Newspapers). 1988: U.S Peace Crops Volunteers’ team is on Pakistan visit for first time in 21 years. (Source: Ibid). 1993: After Afghanis, now Bosinians get shelter on the invitation and offer of the Government of Pakistan. Their first batch of 226 refugees reach Pakistan as desired and allowed by Prime Minister Nawaz Sharif. (Source: Ibid). Dr.Pathan. 18 جون جي حوالي سان "سنڌ جي واقعاتي تاريخ" . تحقيق ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ. *************** توجه طلب واقعا *************** 18.6.1832: ڪرنل پاٽينجر ممبئي حڪومت کي گذارش ڪئي ته 6 تلوارون ۽ 6 بندوقون ٺھرائي مير مراد علي خان کي تحفي ۾ ڏنيون وڃن. 18.6.1857: ممبئي حڪومت سنڌ جي ڪمشنر کي تاڪيد ڪيو ته ڪراچئ کان ڪوٽڙئ تائين ريل رستي ٺهرائڻ ۾ سستي نه ڪئي وڃي. 18.6.1921: خلافت تحريڪ جي زور ٽوڙڻ ۽ ماڻھن جي دلين ۾ فرنگي حاڪمن جي وفاداري پيدا ڪرڻ لاء انگريز عملدارن پنهنجي ذاتي ڪوششن سان سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ”امن سڀا" نالي جماعت کولائي. اڄ ٺٽي ۾ به "امن سڀا" قائم ٿي. ان لاء پينشنر غلام حسين کي صدر ۽ هرچندراء ٽھلرام کي نائب صدر مقرر ڪيو ويو. 18.6.1932: پهريون دفعو شاه لطيف جو سرڪاري طور تي عرس ملهايو ويو. ٽن ڏينھن وارين تقريبن جو اڄ پهريون ڏينھن هئو. انهن ٽن ڏينهن ۾ ”ادبي ڪانفرنس", "زميندارن جي ڪانفرنس", "ڪوآپريٽو سوسائٽين جي ڪانفرنس", "زرعي اوزارن ۽ شين جي نمائش" “راڳ روپ جي محفل" ٿي. 18.6.1947: پنجاب جي سياسي پارٽين اتفاق سان فيصلو ڪيو ته پنجاب جو ورهاڱو ڪيو وڃي.[ سنڌ جي ڪن ڪانگريسي اڳواڻن گانڌئ سان ملي مطالبو ڪيو هو ته سنڌ کي به ورهايو وڃي. پر اها ڳالھ گانڌئ قبول نه ڪئي] 18.6.1949: مولانا شبير احمد عثمانئ اڄ ڪراچئ ۾ اڙدو ڪاليج قائم ڪرڻ جي اپيل جاري ڪئي. [هن واقعي لکڻ جو ڪارڻ اهو آھي ته اهو ٻڌائي سگهان ته مولانا شبير احمد عثماني ديني عالم هو ۽ هن ڪنهن مدرسي قائم ڪرڻ لاء اپيل جاري نه ڪئي. پر پنهنجي ٻولئ جي حق ۾ ڳالھ ڪئي. نوٽ ڪرڻ جي ڳاله اها آھي ته اسان جي ڪنهن به عالم يا سياستدان کي "سنڌي ڪاليج" قائم ڪرڻ جو خيال اڄ ڏينھن تائين ڪونه آيو. اسان ڪڏهن به نه سوچيو آھي ته ڪو "سنڌي ڪاليج" قائم ڪجي, جنهن ۾ مختلف مضمون سنڌئ ۾ پڙھايا وڃن] 18.6.1962: پير علي محمد شاه راشدئ کي فرانس لاء سفير مقرر ڪيو ويو. [ ڪنهن سنڌي محقق اها تحقيق نه ڪئي آھي ته پاڪستان ٺھڻ کان وٺي اڄوڪي ڏينھن تائين ڪيترا سفير ٿيا آھن ۽ انھن ۾ سنڌي سفير ڪهڙا ۽ ڪيترا ٿيا ۽ هر هڪ سفارخاني جي ايسٽبلشمينٽ ۾ سنڌي ملازم ڪهڙا ۽ ڪيترا ٿيا. اسان دانهون ته وڏيون ڪندا آهيون پر پاڻ سان ٿيل بي انصافين جا انگ اکر گڏ نه ڪندا آھيون.] 18.6.1966: ذوالفقار علي ڀٽي وزير خارجه واري عهدي تان استعيفا ڏني. هن قدم کان پوء ملڪي سياست ۾ وڏو ڦيرو آئيو. ايوبشاهئ جو خاتمو آيو ۽ پيپلز پارٽي اقتدار ۾ آئي. 18.6.1972: اصغر خان ۽ ٻين ڀٽو-مخالف سياستدان وڏي واڪ بنگلاديش کي تسليم ڪرڻ واري سوچ ۽ ڪوشش جي شديد مخالفت شروع ڪئي. 18.6.1977: وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي وڃي بادشاه شاه خالد ۽ پوء ڪرنل قدافئ سان ملاقات ڪئي ۽ کين پاڪستان جي سياسي گهوٽالي ۽ ان ۾ پي.اين.اي جي ڪردار کان باخبر ڪيو. 18.6.1978: ڪراڪرم رستو آمدرفت لاء کوليو ويو. [ان سان سنڌ جي واپار, سماج ۽ سياست تي جيڪي اثر پيا, انھئ تي سنڌي محققن کي تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آھي. پر اهڙن موضوعن تي اسان جي محققن جي اک ئي ڪونه ٻڏندي آھي] 18.6.1985: حڪيم سعيد ڪراچئ ۾ ”ھمدرد يونيورسٽي" قائم ڪئي. [سنڌ جي ڪنهن به علم, عقل يا ڌن-ڌڻي ڪراچئ کان سواء ڪنهن به ضلعي ۾ ايئن خانگي يونيورسٽي قائم نه ڪئي آھي] *************** {18 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 18 جون 1933ع شاعر حبيب سمون جي پيدائش ٿي. 18 جون 1948ع اداڪار مهندر ٽڪاڻي (اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 18 جون 1950ع اداڪار ورندر واسواڻي (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 18 جون 1900ع مذهبي اسڪالر مخدوم محمد صالح جو لاڏاڻو ٿيو. 18 جون 1953ع مذهبي اسڪالر ۽ فريڊم فائيٽر مولانا محمد صادق کڏي وارو لاڏاڻو ڪري ويو. 18 جون 1961ع ليکڪ قاضي عبدالرزاق (روهڙي) جو انتقال ٿيو. 18 جون 1988ع ليکڪ آفتاب نظاماڻي جو انتقال ٿيو. 18 جون 2012ع پشتو گلوڪاره غزالا جاويد کي سندس پيء سان گڏ قتل ڪيو ويو

No comments:

Post a Comment