Wednesday 14 June 2023

Sindh in history today (15th June). By. Dr.Pathan

[ منهنجو ڪم آھي ماروئڙن کي تاريخي ڄاڻ ڏيڻ. ان ڪري آئون سنڌئ ۾ ”واقعاتي تاريخ“ لکندو آھيان. جن دوستن کي سنڌي نه ايندي آھي, انهن لاء پنهنجي پٽ ممتاز علئ جي انگريزئ ۾ لکيل "واقعاتي تاريخ" هن پوسٽ سان شامل ڪريان ٿو.] EVENTS FROM SINDH HISTORY (15th June) By: Dr. Pathan ** 1836ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز عملدار ڪرنل پوٽينجر سنڌ ۾ سرگرم ٿي ويو، هن مير نور محمد ٽالپر سان حيدرآباد ۾ ملاقات ڪئي ۽ ساڻس مختلف معاملن تي ڳالهايو، ڪرنل پوٽينجر سنڌ جي حڪمرانن کي ٻڌايو ته کيس هندستاني حڪومت طرفان سنڌ ۾ پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر ڪيو پيو وڃي. ** 1857ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حيدرآباد جي ڪليڪٽر حيدرآباد ميونسپالٽي جي سال 57-1856ع جي رپورٽ سنڌ جي ڪمشنر کي پيش ڪئي. ** 1914ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گرو ڪولا ڪانگري جو گورنر شريمان مهاتما منشي رام جيت سنڌ جو دورو ڪيو، جنهن دوران هن ڪراچي ۾ آريا سماج جي عنوان هيٺ ليڪچر پڻ ڏنو ** 1918ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪرمنل انٽيليجنس شملا پنهنجي سرڪار کي ٻڌايو ته اهي افواهه آهن ته سنڌ ۾ پرشيا مان هندستان مداخلت ڪري سگهي ٿو، جنهن ڪري سنڌي هندو لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن. ** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي شڪارپور سٽيزن ايسوسيئيشن طرفان نوان عهديدار چونڊيا ويا، جن ۾ ديوان ڪشنداس ڄيٺملاڻي کي صدر، سيٺ گهنشام داس نارائڻ داس راجپال کي مئنيجنگ ڪاميٽي جو چيئرمين ۽ رامچند ايڇ اي کي جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيو ويو. ** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي خان عبدالغفار خان کي گرفتار ڪيو ويو. ** 1951ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ليفٽيننٽ ڪرنل صديق راجا ۽ ميجر خواجه محمد يوسف کي پڻ راولپنڊي سازش ڪيس ۾ شامل ڪيو ويو، جنهن ۾ سجاد ظهير، فيض احمد فيض ۽ ٻين کي به نامزد ڪيو ويو هو. ** 1952ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان شاهه فاروق کي مصر ۽ سوڊان جو بادشاهه تسليم ڪري ورتو. ** 1992ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حيدرآباد جنرل آفيسر ڪمانڊنگ کي تبديل ڪيو ويو، ڇو ته ٽنڊو بهاول ڳوٺ ۾ 9 ڳوٺاڻن کي ڌاڙيل ڄاڻائي مارڻ وارو واقعو سڀني جي سامهون اچي چڪو هو ۽ خود فوجي عملدارن پڻ اعتراف ڪيو ته اهي ڌاڙيل نه هئا پر بيگناهه ڳوٺاڻا هئا. ************* اڄوڪي ڏينهن 15 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 15 جون 1895ع شاعر غلام احمد نظامي (لاڙڪاڻو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 جون 1916ع شاعر هري دلگير (لاڙڪاڻو / عادلپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 جون 1916ع اردو جي ناليواري اديب، محقق ۽ نقاد پروفيسر ابو الليث صديقي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 جون 1919ع سياستدان غلام شبير رضوي جي پيدائش ٿي. 15 جون 1920ع شاعر ڪنعيا لال ڪن (سکر / بمبئي) جي پيدائش ٿي. 15 جون 1927ع اردو جي مشهور ليکڪ ۽ شاعر ابن انشاء جو جنم ڏينهن آهي. 15 جون 1929ع شاعر جمال الدين جمال جي پيدائش ٿي. 15 جون 1929ع سياستدان ڄام قرارالدين جي پيدائش ٿي. 15 جون 1930ع شاعر حسن علي شاه نياز (نوابشاهه) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 جون 1934ع ليکڪ هولا رام حاسيجا جي پيدائش ٿي. 15 جون 1946ع ليکڪ منير احمد چنا جي پيدائش ٿي. 15 جون 1946ع شاعره ۽ ليکڪا آپا مريم مجيدي جو جنم ڏينهن آهي. 15 جون 1954ع صحافي جمال لغاري جو جنم ڏينهن آهي. 15 جون 1954ع اداڪار گوپال کيماڻي (ناگپور) جي پيدائش ٿي. 15 جون 1957ع اداڪار ڪشور لالواڻي (ناگپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 جون 1958ع اداڪار ڪشنچند پريمي جي پيدائش ٿي. 15 جون 1959ع ليکڪ حبيب ڏيرو (ميهڙ) جو جنم ڏينهن آهي. 15 جون 1961ع شاعر حافظ نظير عباسي جي پيدائش ٿي. 15 جون 1965ع شاعر ، ليکڪ ۽ اديب منٺار سولنگي جي پيدائش ٿي. 15 جون 1968ع صحافي هاشم واڍيلا جو جنم ڏينهن آهي. 15 جون 1983ع ليکڪ عبدالغفار ملڪ (دادو) جو جنم ڏينهن آهي. 15 جون 1989ع شاعر حبيب لغاري جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 15 جون 1922ع شڪارپور جي قاري محمد هارون جو انتقال ٿيو. 15 جون 1925ع سچل سرمست جي سجاده نشين سخي قبول محمد فاروقي جو انتقال ٿيو. SNDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {15th June} and Good Day Wish. ************ Dr. Pathan wishes you Good Day. [ A society having no system of man-making and charecter-building, can't understand human-values, integrity and unity. Those people, who will claim to be dears, leaders and opinion - makers, will not be straight forward, clear in their minds & hearts. They will not listen and understand, but will be bent upon to make others to follow them with blind faith. They will not care about sorrows & longings and problem & needs of others, but their own desires will be their only agenda. Love & beauty, respect & peace can't be found in society. Dear! If society has not made you, make the society and make yourself, because, you are worth and worthy ] سنئون سڌو سولو جي سچو نہ ڳالهائن, سي صاحب, سهڻا, سياڻا, رهبر سڏائن, مجبوري نہ ڄاڻن, پنهجي مرضئ هلائن, چڙيو پون چاهت سان ڀر پيار نہ پڏائن, ٻول نہ ٻڌن ٻڌائن,سرت سونهن سلام جا. ************* EVENTS: 1836: Colonel Pottenger is active in Sindh, he meets Mir Noor Muhammad Khan Talpur at Hyderabad so as the matter regarding establishment os British Agent in Sindh be discussed. (Source: Colonel Pottenger’s letter No.48, sent to the Government of India). 1857: The Collector of Hyderabad submitts Annual report of Hyderabad Municipality for the year 1856-57 to the Commissioner of Sindh. (Source: Letter No.849 of the Collector of Hyderabad) 1914: Shriman Mahatma Munshiramji, Governor of the Guru Kula Kangri, Hardwar delivers his lecture on the topic of ‘Our Educational Needs’ at Khalikdina Hall. Yesterday, on the invitation of Arya Samaj, he delived lecture on the topic ‘What is Arya Samaj?’. (Source: The Daily Gazette, Karachi) 1918: The Direcot of Criminal Intelligence, Simla reports to the Government that alarmist rumours were rife in Sindh that an invasion of India from Persia was imminent and that many Sindhi Hindus were migrating to Native States. (Source: ‘ Source-Material on Sindhworkis’, compiled by Gul Hayat Institute). 1920: The Citizens’ Association of Shikarpur elects its office-bearers and they are: Diwan Vishindas Jethmalani (President), Seth Gonshamdas Naraindas Rajpal (Chairman of the Managing Committee),Balwantsing Likaram (Secretary) and Ramchand H.A (Joint Secretary).- (Source: The Daily Gazette, Karachi) . 1948: Khan Abdul Ghaffar Khan is arrested on charges of advising his partymen not to attend ‘Independence Day ‘ function. (Source: Various Newspapers). 1951: Lt. Colonel Sidik Raja and Major Khowaja Mumahhad Yousif become approvers in the Rawalpindi Conspiracy Case in which Sajad Zaheer, Faiz Ahmad Faiz and others are accused. (Source: Ibid). 1952: Pakistan recognises Shah Farooq as King of Eygpt and Sudan (Source: Ibd). 1970: Islamic Socialism is big threat to Islam and people must join hands to oppose its preaching in Pakistan, Jamhori Party advises people. (Source: Newspapers). 1992: General Officer Commanding Hyderabad is replaced, sequel to confession of killing nine innocent persons in Tando Bahawal (Source: All major Newspapers of that date).

No comments:

Post a Comment