Friday 2 June 2023

Sindh in history today (3rd June). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {3rd June} and my Good Day Wish with English Translation. ************* **** 3.6.1839: ڪمپني حڪومت جو گورنر جنرل پنهنجي سيڪريٽرئ هٿان ايسٽ وڪ کي هدايت ڪري ٿو ته تون مير رستم علي خان ۽ مير مبارڪ خان کي شاه شجاع کي ڏن ڏيڻ بابت پنهنجي طرفان اها پڪ نه ڏي ته هو ڏن ڏيندا ته شاه شجاع سندن ملڪ يا ملڪ جي حصي جي وارثئ تان هٿ کڻندو. سڄو مامرو پوليٽيڪل اسسٽنٽ کي طئي ڪرڻ ڏي. هو ئي اسان جي هدايتن مطابق انھن ٻنھي ميرن کان ڏن گهرندو ۽ انھن کي شاه شجاع جي حڪمت عملي ٻڌائيندو. 3.6.1852: ممبئي سرڪار سنڌ جي ڪمشنر جي گذارش مڃي ۽ اجازت ڏني ته ڪراچئ کان جيڪب آباد تائين روڊ ٺھرايو وڃي. [ذھن ۾ رکڻ جي ڳالھ اها آھي ته فرنگين جو سنڌ جي ترقئ لاء ڪو هنيانء ڪونه پيو ڦاٽي. هنن کي پرماريت جي اصول تي قائم ٿيل حڪومت کي بچائڻ لاء پنهنجئ فوج کي ڪن هنڌن تي تڪڙي پهچائڻ لاء روڊ رستا ٺھرائڻا هئا. 3.6.1944: منوهرداس ڪوڙومل جي صدارت هيٺ ڪراچئ جي شرناگتي هال ۾ ليکڪن جي گڏجاڻي ٿي. ان ۾ ڏيارام وسڻ مل, سوڀراج فانئ, آسانند مامتورا, ڄيٺمل پرسرام ۽ نوجوان شاگرد ليکڪن مان امر ٻڌاڻي, پريم جوتسنگ ۽ ڀڳوان ٿڌاڻئ شرڪت ڪئي. انھئ گڏجاڻئ ۾ ”سنڌو ساهت ڪلب" نالي ادبي تنظيم ٺاهي وئي ته جيئن وڏين شخصيتن جا ڏينھن ملهائجن ۽ ادبي موضوعن تي ليڪچر ڪرائجن. 3.6.1947: گڏيل هندستان جي وڏين سياسي پارٽين "اقتدار منتقل ڪرڻ وارو برطانوي منصوبو" قبول ڪيو. 3.6.1948: پاڪستان قائم ٿئي کي هڪ سال به ڪونه ٿيو جو جن صوبن ۽ شخصيتن پاڪستان تحريڪ ۾ مثالي ڪم ڪيو, تن خلاف وٽ پڪڙ شروع ٿي. سنڌ جي سابق وڏي وزير محمد ايوب کهڙي ۽ يونائيٽيڊ بنگال جي سابق وڏي وزير حسين شھيد سهروردئ خلاف سخت قدم کنيا ويا ۽ انڪواريون شروع ڪرايون ويون. اڄ سهروردئ کي ٻڌو ويو ته مٿس 56 الزام هڻي انڪواري ويهاري وئي. 3.6.1959: اولھ پاڪستان جي گورنر جاچ-ڪميٽي جوڙي ته جيئن اها سابق وزيرن ۽ ميمبرن طرفان ڪيل ڪرپشن جي جاچ ڪري. اقتدار ڌڻين کي مخالف سياستدانن کي سوڙھي ۽ بڇڙي ڪرڻ کان سواء جهڙوڪ ٻيو ڪم هئو ئي ڪونه. 3.6.1975: سنڌ ۾ ٻوڏ وڏي تباهي آندي. اڄ دهشت ڀريئي درياه ڪيترا ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا. 3.6.1977: ملڪ مان 144 قلم ھٽايو ويو ۽ مخالف ڌر/پي.اين.اي جي ٻڌل ماڻھن کي آزاد ڪيو ويو ۽ انهئ ماحول ۾ ڀٽي جي حڪومت ۽ مخالفن وچ ۾ ڳالهيون شروع ٿيون. *************** {3 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 3 جون 1903ع شاعر سامي امرتراءِ جئي سنگهاڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 3 جون 1908ع صحافي ۽ ليکڪ محمد عثمان ڏيپلائئ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 3 جون 1931ع شاعر اسماعيل بن واصف (حيدر آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 3 جون 1939ع ليکڪ آغا شهاب الدينجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 3 جون 1952ع شاعر شمس الدين صابر جو جنم ڏينهن آهي. 3 جون 1953ع ليکڪ قاضي قمر (رتوديرو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 3 جون 1954ع شاعر دين محمد دينل (باڊهه) جو جنم ڏينهن آهي. 3 جون 1959ع سياستدان زاهد علي ڀرڳڙي (حيدر آباد)جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 3 جون 1862ع اسڪالر آخوند محمد بچل جو لاڏاڻو ٿيو. 3 جون 1948ع مذهبي اسڪالر مولوي محمد سليمان واعظ جو لاڏاڻو ٿيو. 3 جون 1982ع شاعر، محقق ۽ استاد ڊاڪٽر عطا محمد حامي(خيرپور) وفات ڪري ويو. 3 جون 1989ع مذهبي اڳواڻ ۽ انقلابِ ايران جي رهنما آيت الله خمينئ جو لاڏاڻو ٿيو. 3 جون 1998ع سگهڙ محمد ملوڪ عباسئ جو انتقال ٿيو. 3 جون 2003ع اداڪار، هدايتڪار ۽ شاعر نياز ڀٽو کي قتل ڪيو ويو. 3 جون 2005ع راڳي ٻڍو فقير انتقال ڪري ويو. Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Do you know why I love and respect you? It is because of your wonderful behaviour and attitude. You are committed, determined and dedicated. You always do, what you say. You accept and apply what your learn. You understand, what you listen. You are not teacher, but preacher and pomotor of sincerity, selfnessless and sacrifice. You work for love, beauty and peace for all. Really you are my beloved, you are my ideal and role-model for all] تون پڙھين تون پرجهين پڙھڻ ڪڙھڻ چوڻ ڪرڻ آھي اتم تنهنجي هير, ڪرين متاثر علم عقل سونهن سان تو جيها ڪٿ مانجهي مڙس مٿير؟ سيکارين سسيون دليون ڏيڻ سرت صبر سان تون دودا دولھ دلير, اهو ئي چاهين تہ پيو سدا لاهين جي آھن ماڻھن جي من اندر جا مير, قر ب پيار خلوص سان ۽ ڀرين وفا ۽ ايثارسان سڀ سان تون پير, ڪرين نہ ڪائي اوير, سارين سوير سرت سونهن امن سلام سان. ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY{3rd June} EVENT: 1936: Lahore merchants express their apprehension about Pandit Nehru’s Socialist doctrine and vainly endeavoured to persuade him that his propengada is inopportane. 1947: The Transfer of power plan is accepted by big parties and their leaders. It is announced and broadcasted by All-India Radio. 1948: It is beginning of unique era and provinces those took part in the Pakistan Movement are mishandeled politically. Ex-Premier of the United Bengal, Hussain ShaheedSarwardi is arrested. Investigations into 56 allegations leveled against Ex-Chief Minister of Sindh, Muhammad AyubKhuhro are started. 1949: Now Pakistan has its onw currency, therefore the coin of One Rupee of united India will not be curreny more in the country. 1956: PMAs of the West Pakistan Assembly to get Rs.300 per month as allowance. 1963: Two killed in Lahore riots, military is called to maintain law and order situation. 1970: Stage is set to abolish ‘One-Unit’. Government completes its paper work. 1971: Ayub is responsible to create critical conditions in East Pakistan with the result that people were pushed to anti-Pakistan camp. Says Z.A.Bhutto. 1977: PNA & PPP Government talks start. Section 144 is withdrawn and leaders are released.

No comments:

Post a Comment