Friday 23 June 2023

Sindh in history today (24th July). By, Dr.Pathan

1). GOOD DAY WISH. By.Dr.Pathan %%%%%%%%%%%%%%%%% 2). SINDH IN HISTORY {English| By. Mumtaz Pathan $$$$$$$$$$$$$$$$$$$ 3).SINDH IN HISTORY {Sindhi}. By.Dr.Pathan ################# SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {24th June} and Good Day Wish. ************ Dr.Pathan wishes you Good Day. TRANSLATION: [Though, living in the Global village with all facilities of fast communication on our disposal, in spite of that we are at longest distance and we are not in reach of each other. Matter of priorities & problems, interests & ego has created that distance and we are adding differences in it. Therefore, love & beauty, peace & sincerity have lost value and importance for us] تان جو رھون پرین پیرانڌئ، پوء بہ پھچڻ کان گھٹو پري،‏ جنهن بنا ساعت ڪانہ سري, تن کي پر پتو ناھي پیار جو.‏‎ ‎ ************* EVENTS: 1851: Prior to the occupation of Sindh by East Imdia Company, Colonel Pottenger, Political Agent played key role like wise in early days of British Govt. Major John Jacob helped government in keeping the border of Sindh Frintier safe and protected with gunand gold. Bugtis, Jakhranis, Domkis and other Baloch tribes gave him tough time also. Some of them are made prisioners and vide Letter No.199, the Commissioner takes decision that these prisioners be confined in Ahmadnagar Jail. 1922: Sindh has wonder history of Freedom Movement. A beautiful and young lady of 25 years, Kirshna is on propeganda tour and runover by a train and is crushed to death. The Great Cause always demands Great Sacrifice. 1940: TheCourt probing the causes of Masijid Manzalgah dispute records statements and evidences in Karachi. 1948: Pakistan and Sindh governments create understanding on matter related to refugees and there are nomore differences on the subject. 1949: Retal price of the wheat per 40 K.G is fixed at Rs 6 and 4 Anna. 1954: Mr. Iftikhar Hussain Mamdot is sworn in asGovernor of Sindh. He was previously dismissed as Chief Minister of Punjab. 1955: It is announced in Washington, Delhi and Karachi that as per aggrementon the Canal Waters dispute from April 1 to September 30, 1955, & after taking into account Pakistan's ability to transfer waters in replacement from the Western Rivers establishes ad hoc amounts for additional canal withdrawals by India from the three Eastern Rivers (Ravi, Beas & Sutlej) during the period covered by the agreement. 1956: The Refugees' Transist Camp is closed by the Punjab Government 1966: Z.A. Bhutto reaches Karachi after quiting the ministry. He is accorded warm welcome by the people-anexample in the history of Karachi. 1988: General (retd.) Rahimuddin Khan is named Sindh Governor. Mir Zafarullah Khan Jamali is named caretaker chief minister of Balochistan. 1992: President & Army Chief meet. Military courts being set up to try the culprits in Sindh. Vice-Chairman, MQM, SalimShahzad is arrested. FIR registered also against Altaf Hussain. 1995: Twenty people are killed & many others wounded as violence paralyses Karachi. 1995: Benazir Bhutto denies rift with Leghari on Karachi issue. Terrorist activities can't lowdown Government Dr.Pathan. 24 جون جي حوالي سان سنڌ جي "واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 24.6.1851: سنڌ جي ڪمشنر اڄ جيڪب آباد جي پوليٽيڪل ايجنٽ کي لکيو ته اهي بگٽي, جن اسان جي چوڪين تي حملو ڪيو هجي يا اسان جي فورس سان مزاحمت ڪئي هجي, انھن کي پڪڙي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ بدران احمد نگر جيل موڪليو. 24.6.1843: اسان جي اڳوڻن حاڪمن جي مهربانئ سان فرنگين کي سنڌ ۾ پنهنجا ڪارخانا/فيڪٽريون هڻڻ جي اجازت ملي. ناٿن ڪرو ميرن جي دور ۾ ڪراچئ/راڻي باغ/چڙيا گهر ڀرسان فيڪٽري ھنئي هئي. ان کان اڳ ٺٽو فرنگين, ڊچن ۽ پورچگيزن جي ڪوٺين ۽ ڪارخانن جو هنڌ رهيو. نيپيئر سنڌ تي قبضو ڪري گورنر ٿيو ته ٺٽي جي منشي پيتامرداس ڪليم داخل ڪيو ته ٺٽي ۾ جتي فرنگين فيڪٽري قائم ڪئي هئي, اها سندس جاء/ملڪيت آھي. پوء ان تي ڪئپٽن ويلس جاچ پڙتال ڪئي. هن چيو ته اها عمارت پيتامبر کي ڏيڻ بدران انھئ جي مرمت ڪرائي مسافر خانو بڻائجي ۽ واپارين کي هڪ روپيو ڏهاڙئ جي مسواڙ تي رهڻ لاء ڏجي. 24.6.1916: هاسارام سندرداس پمناڻي, جيڪو پوء ڪانگريسي سنڌ اسيمبلي ميمبر ٿيو ۽ مسجد منزلگاه وارن فسادن جي نتيجي ۾ ماريو ويو, سو روهڙئ جو مشھور ڌرمي ۽ سماجي سڌارڪ ماڻھو هو. هو اتان "ڌرم درشن" جي نالي سان ماهوار رسالو به ڪڍندو هو ۽ انھئ رسالي جو مڪمل سيٽ گل حيات ۾ موجود آھي. اڄ ھاسارام پمناڻئ روهڙئ ۾ ”ست سري ڌرمداس شيوا منڊلي" قائم ڪئي. جنهن پليٽ فارم تان مهيني ۾ ٻه دفعا ڌرم, سنسڪرت ٻولي ۽ سماج جي موضوعن تي ليڪچر ٿيندا هئا. اڄ نامور تعليمدان ڪرم چند هنگوراڻئ انھئ منڊلي ۾ ليڪچر ڏنو. 24.6.1920: اتر سنڌ, خاص طور تي جيڪب آباد ضلعي ۾ حڪومت خلافيتن تي ڏاڍيون سختيون شروع ڪيون. انھئ گنڀير صورتحال کي نظر ۾ رکندي خلافتي اڳواڻن جيڪب آباد ۾ ”خلافت ڪانفرس" سڏائي, جنهن جي صدارت مولانا تاج محمود امروٽئ ڪئي. هن ڪانفرنس اتان جي خلافيتين جا حوصلا بلند ڪيا. بئريسٽر جان محمد جوڻيجي انھئ موقعي تي پنهنجا سرڪاري القاب ڦٽا ڪيا ۽ مولانا تاج محمود امروٽئ پنهنجي سخت لهجي وارئ تقرير ۾ وڏيرن ۽ زميندارن کي انتباه ڪيو ته سرڪار جي هٿن ۾ کيڏڻ ۽ استعمال ٿيڻ ڇڏي ڏيو. 24.6.1940: مسجد منزلگاه مامري تي ٿيل خون فساد جي انڪواري ڪرڻ لاء سرڪار ٽريبيونل ٺاهيو هو. اڄ ڪراچئ ۾ کڏي واري مولانا محمد صادق ۽ فوجدار عمر خان انھئ ٽريبينل اڳيان پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرايا. 24.6.1948: اسان جي اقتدار ڌڻين خوشئ خوشئ سان سچي ۽ پڪي پاڪستاني هجڻ جي شاهدئ ۽ شوق ۾ ڪراچي وفاق جي حوالي ڪئي. انھئ لکت جي مس ئي اڃا ڪانه سڪي ته اڄ وفاق ۽ سنڌ سرڪار پناهگيرن جي سنڌ ۾ آبادڪارئ وارئ ايگريمينٽ ڪئي. 24.6.1954: افتخار ممدوٽ, جنهن کي پنجاب جي وڏ-وزارت تان ڊسمس ڪيو ويو هو, اهو اڄ سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو. 24.6.1955: پاڪستان ۽ انڊيا باهمي پاڻئ واري مامري تي ٺاه ڪيو [ انڊيا کي نديون وڪرو ڪيون/ڏنيو ويون ۽ سنڌ سدائين لاء پاڻئ جي اڻاٺ جو شڪار ٿي وئي. انھئ ٺاه جي روشنئ ۾ پاڪستان مختلف ڊيم ٺاهڻ منصوبه بندي ڪئي ۽ انھئ تي ڪم شروع ڪرايو. ان ڪري سنڌ اڃا پاڻئ جي کوٽ جو وڌيڪ شڪار ٿي] 24.6.1970: پاڪستان جي ديني سياسي جماعتن پاڻ ۾ گڏجي "اسلامي متحده محاذ" قائم ڪيو. ان ۾ شامل ٿيندڙ پارٽيون هيون: جماعت اسلامي, جميعت العلماء پاڪستان, پاڪستان جمهوري پارٽي ۽ اهل حديث. 24.6.1996: جماعت اسلامئ فيصلو ڪيو ته سرڪار طرفان پيش ڪيل عوام-دشمن بجيٽ خلاف اسلام آباد طرف مارچ ڪبو. حڪومت انھئ صورتحال کي منھن ڏيڻ لاء آرمئ کي گهرائي ورتو. *************** {24 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 24 جون 1880ع سياستدان لوڪومل گوبند بخش ملڪاڻي (حيدر آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 24 جون 1890ع مذهبي اسڪالر ۽ سياستدان مولوي پير محمد اسماعيل جان جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 24 جون 1905ع ليکڪ چرن داس گرسهاڻي (ڀريا / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 24 جون 1926ع ناليواري عالم ۽ اسڪالر مولانا غلام مصطفى قاسمي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 24 جون 1964ع پ پ پ جي عورت اڳواڻ راءِ ناز بوزدار(پنو عاقل) جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 24 جون 1958ع صحافي قاضي عبدالرحمان جو لاڏاڻو ٿيو. 24 جون سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير قاضي فضل الله جو انتقال ٿيو. 24 جون 2016ع ڪلاسيڪل راڳي الهڏنو خاصخيلي ٽنڊي الهيار ويجهو روڊ حادثي ۾ انتقال ڪري ويو.

No comments:

Post a Comment