Wednesday 28 June 2023

Sindh in history today (29th June). By. Dr.Pathan & Mumtaz Pathan

[گل حيات انسٽيوٽ طرفان سڀني کي دل جي گهرائين سان عيد مبارڪون ۽ دعائون. جگ جگ جيئو] عيد سعيد ڏينهن 29 جون 2023 تي اوهان جي خدمت ۾ سنڌ جي تاريخ پيش ڪجي ٿي. * انگريزئ ۾ گڊ ڊي وش مون لکي آھي. * انگريزئ ۾ واقعاتي تاريخ منهنجي پٽ ممتاز لکي آھي, ۽ * سنڌئ ۾ واقعاتي تاريخ مون لکي آھي: ************** SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {29th June} and Good Day Wish. ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [Love is neither one-sided, nor an act of exploitation. It is mutual understanding without any condition. Though, human-beings are most beautiful, but none is without limitations, faults and mistakes. But It is love that encourages people to accept & respect human - beings without discrimination. Beauty can't reject love and love can't see limitations & drawbacks in and of beauty. The combination of love & beauty is natural and essential for peace of minds & hearts. Dear! Be beauty & love]] سمجهائي ڪوئي ساجن کي تان عشق ناهي ڪائي راند, ريت پريت جي دو طرفي وجهي ٻئي دليون هڪ پاند, انا نفرت متڀيد سان سدائين حسن ۽ عشق جي ويڙهاند, سونهن ۽ سرت ڪري هيڪاند, وٺي روپ سلام سندو. ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {29th JUNE} EVENTS: 1849: Major Jacob informs Sindh Commissioner that boundary between the territories of Khan of Kalat and those of Mir Ali Murad Khan are settled. This is kept in mind that Fort of Rajhan and Mamool at first were in undisputed possession of Mir Naseer Khan of Hyderabad and after the conquest of Sindh, confusion took birt and there was dispute between Mir Ali Murad Khan and Khan of Kalat and it was settled by Jacob. (Source: Jacob’s letter No.160). 1945: The leaders’ conference held in Simla is adjourned so as the delegates can avail the opportunity of consultations. It is aimed at to find common factors of interests and as can give proposals for transfer of power. (Source: Indian Annual Register, Vol-1, 1945). 1947: Baluchistan decides to join Pakistan. This may be kept in mind that Bengal and NWFP will double minded on the subject. Punjab, provided platform for Lahore Resolution, but it was Sindh that two times its Assembly decided to join Pakistan. (Source: Newspapers). 1977: It is decided in the meeting of PNA-PPP that assemblies will be dissolved on 10th of July. Talks are in progress. But, Martial Law is imposed four days before that date. (Resource: Newspaper). ************** Sindh in history today (29th June). Slection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Reseach by Dr.Pathan. 29 جون جي حوالي سان سنڌ جي "واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 29.6.1849: روجهاڻ جو قلعو حيدرآبادي مير نصير خان جي قبضي ۽ حڪمرانئ ۾ ھوندو هو. پر جڏهن نيپيئر سنڌ تي قبضو ڪري حڪومت هلائي ته انھئ قلعي جي مالڪئ بابت مير علي مراد خان ۽ خان آف قلات وچ ۾ مامرو پيدا ٿيو ۽ ٻنھي ميجر جيڪب کي امين مقرر ڪيو ته هو فيصلو ڪري. 29.6.1945: هندوستان جي وائسراء طرفان سڏايل شملي ۾ سياسي اڳواڻن واري ڪانفرنس ڪجھ ڏينھن لاء مهمل ڪئي وئي ته جيئن اڳواڻ پنهنجين پارٽين وارن اڳواڻن سان صلاح مشورو ڪن. [ سياسي تاريخ سان دلچسپي ڪندڙن لاء هئ ڳالھ ڇرڪائيندڙ ثابت ٿيندي ته وائسراء لارڊ ويول جي مرضي هئي ته اقتدار جي منتقلئ لاء ”ڀلوڀائي ڊيسائي ۽ لياقت علي خان واري فارمولي تي عمل ڪجي. انھن ٻنهي جو فارمولو ۽ چوڻ هو ته هندستان ورهائڻ بدران مرڪز ۽ صوبن ۾ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جون حڪومتون قائم ڪيون وڃن. ان لاء ٻيهر نئين چونڊن ڪرائڻ جي ضرورت ڪانهي. لياقت علئ ۽ ڀلوڀائئ اهو فارمولو ڏنو ۽ لياقت علئ انھئ سلسلي ۾ پنهنجي اڳواڻ قائد اعظم سان صلاح ڪرڻ يا پڇڻ ضروري نه سمجهيو. انھئ فارمولي لارڊ ويول کي گهڻو متاثر ڪيو ۽ هو ان تي عمل ڪرڻ پيو گهري ] 29.6.1947: پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ لاء سنڌ جو هڪ واضح ۽ کليو کلايو موقوف رهيو. اڄ بلوچستان به پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. پر پنجاب ۽ بنگال سڄي جا سڄا صوبا پاڪستان ۾ شامل نه ٿيا. اهي ورهائجي پاڪستان ۽ انڊيا ۾ شامل ٿيا. تعجب جي ڳاله اها آھي ته پنجاب (لاهور) ۾ ئي "پاڪستان ٺھراء” پاس ٿيو, سڄو پنجاب پاڪستان ۾ شامل نه ٿيو. 29.6.1977: پي.پي.پي ۽ پي.اين.اي وچ ۾ طئي ٿيو ته 10 جولاء تي اسيمبليون ٽوڙيون وينديون. پر 10 جولاء کان گهڻو اڳ حڪومت ٽوڙي مارشل لا لڳايو ويو. [ ڏٺو وائٺو سياسي خلفشار ختم ٿي رهيو هو ۽ معاملا طئي چڪا هئا. پر پاڪستاني سياست ۽ سياسي حالتن بابت تصديق سان پيشن گوئي ڪرڻ ناممڪن رهي آھي. سواء سگهارين قوتن جي, ڪنهن کي به خبر نه هوندي آھي ته سڀاڻي سياست جو اٺ ڪهڙي پاسي ليٽندو] *************** {29 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 29 جون 1880ع ڪي بي نورالدين نانا جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 29 جون 1902ع شاعر سنتداس سنتل (نوشهروفيروز / پونا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 29 جون 1933ع مير مراد علي خان ثاني (خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي. 29 جون 1939ع مشهور ڪهاڻيڪار نسيم احمد کرل(خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي. 29 جون 1947ع مشهور ٽي وي پروڊيوسر ۽ ڪهاڻيڪار بادل جماليجو جنم ڏينهن آهي. 29 جون 1965ع شاعر، ليکڪ ۽ ڪالم نگار مرتضى سيال جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 29 جون 1886ع صوفي شاعر ۽ بزرگ مخدوم امين محمد پکن ڌڻئ جو لاڏاڻو ٿيو. 29 جون 1947ع سياستدان ڪي بي غلام نبي شاهه (ميرپور خاص) جو انتقال ٿيو. 29 جون 1948ع مذهبي اسڪالر مولانا علي محمد مهيري جي وفات ٿي.

No comments:

Post a Comment