Sunday 4 June 2023

Sindh in history today (4th June). Br.Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {4th June} and my Good Day Wish with English Translation. ************* Dr.Pathan. هر ڪو ڏينھن اهڙن واقعن سان ڀريو پيو آھي, جيڪي اسان کي سوچڻ تي مجبور ڪن ٿا. مثال ٽالپورن جي دور ۾ ڌارين/ فرنگين ميرن کان ٻيٽ ۽ شھر ڦريا ۽ سنڌ جا حصا ڪري ڪي پنهنجن دوستن کي ڏنا. جيئن بهاولپور جي نواب کي ڀنگ ڀاڙا ڏنائون. تاريخ اسان کي هوشيار ڪري ٿي ته ڌارين/دشمنن کان پاڻ بچائجو ۽ سنڌ بچائجو. تاريخ اسان کي اهو به ٻڌائي ٿي سنڌواسين ماضئ ۾, خاص طور تي 1936 کان پوء سياسي پارٽين ٺاهڻ ۾ ھڪ ٻئي سان مقابلو ڪيو ۽ گوء ڪئي. پوء گهڻين پارٽين عوام کي منجهائي ڇڏيو. انھن ڳالهين جون شاهديون اڄوڪي وڊيو ٽاڪ ۾ موجود آھن. جن واقعن جي پس منظر ۽ پيش منظر تي تفصيل سان ڳالهايو اٿم, انهن مان ڪي هي آهن: 4.6.1840 ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل پنهنجي سنڌ واري پوليٽيڪل ايجنٽ پاٽينجر کي لکيو ته حيدرآباد واري مير نصير خان ۽ خيرپور واري مير رستم خان جا رويا ۽ انداز چيڙائڻ جهڙا آھن. اسان کي سکر ۽ بکر تي گرفت رکڻي پوندي ۽ بهاولپور واري خان کي خيرپور رياست مان پرڳڻو ڏيڻو پوندو. ان سان هڪ دوست مضبوط ۽ خوش ٿيندو ۽ مير ڪمزور ٿيندا. 4.6.1843: قديم زماني ۾ ناري ۽ سنڌوندئ وچ ۾ آبي آمدرفت ٿيندي هئي. فرنگي حڪومت انھئ کي ٻيهر کولڻ لاء سنڌ جي گورنر جي تجويز تي سوچڻ ۽ مدد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ عمر ڪوٽ تائين پاڻي پهچائڻ کي انھئ منصوبي جو حصو بڻايو. 4.6.1924: سکر ۾ ”جميعت العلماء“ طرفان وڏو سياسي جلسو ٿيو, جنهن جي صدارت مولانا تاج محمود امروٽئ ڪئي. ياد ته ”خلافت تحريڪ" جي غير فعال ٿيڻ کان پوء ”جميعت العلماء“ ديني عالمن جي مقبول پارٽي بڻجي وئي ۽ مولانا محمد صادق کڏي واري, حڪيم فتح محمد سيوهاڻئ ۽ مولانا دين محمد وفائئ ۽ مولانا تاج محمود امروٽئ هن پارٽئ کي مقبول بڻايو. 4.6.1936 ڊاڪٽر تاراچند لالواڻئ جي ڪوششن سان اڄ ڪراچئ ۾ ”سنڌ ليبر پارٽي" ٺاهي وئي. سنڌ جي ممبئي کان الڳ ٿيڻ کان پوء سنڌ ۾ نئين سر سياسي صفبندي ٿي. ھن پارٽئ جو قيام به انھئ سلسلي جي ڪڙي آھي. 4.6.1955 اسڪندر مرزا هن کان اڳ وڏي فوجي رتبي جو ملڪ هو, ان کان سواء ملڪ جو گهرو معاملن وارو وزير به ٿيو. اڄ وري پاڪستان مسلم ليگ ۾ به شامل ٿيو. مطلب سڀ دڳ جهلي بيهڻا آھن ۽ ڪنھن کي وٿي ڏيڻي ناهي. 4.6.1960: پاڪستان ٺهڻ کان وٺي, پندرهن ويهن سالن ۾ سنڌ جي سياستدانن جي وڏي تعداد انڪوارئ, نااهلئ يا جيل جي سزا ماڻي. اڄ ايبڊو هيٺ مولابخش سومري کي ڇھ سال سياست کان نااهل ڪيو ويو. 4.6.1963 خيرپور جي تاريخ ۾ اڄ ھڪ ڪاري ڏينھن جو اضافو ٿيو. ٺيڙھئ ۾ مسلمان مسلمانن سان وڙھيا. خون به ٿيا ۽ کوڙ زخمي به ٿيا. سنڌ ۾ سني شيعي اختلاف ۽ جهيڙي جو هي وڏو واقعو هو. 4.6.1969: انڊيا ۽ پاڪستان رڻ ڪڇ جي وارثئ تي جنگي چڪريون کاڌيون ۽ پوء بين الاقوامي مصالحتي ڪوششن جي نتيجي ۾ مامرو حل ٿيو. اڄ ٻنھي ملڪن وچ ۾ رڻ ڪڇ جي نقشي تي دستخط ڪيا ويا. 4.6.1970 پنجاب جي مشهور سياستدان دولتانه چئي ٿو ڏئي ته پاڪستان جي ڪيترين سياسي پارٽين کي ٻاهرين ملڪن مان مالي مدد ملندي آھي. 4.6.1972: سکر جيل ۾ قيدين ۽ پوليس وچ ۾ جهيڙو ٿيو. 13 قيدي مري ويا ۽ 35 ڦٽي ٿيا. 4.6.2009: سنڌي ادبي سنگت, عوامي تحريڪ ۽ ٻين تنظيمن ڪٿي گڏجي ته ڪٿي الڳ الڳ سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪارئ خلاف جلوس ڪڍيا. 4 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون [جنم ڏينهن:] 4 جون 1906ع ليکڪ دادا تيرٿ داس هوتچند واڌواڻئ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 4 جون 1936ع گلوڪار ڄيٺالال نريش (ڪراچي / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 4 جون 1942ع سماج سڌارڪ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ جو جنم ڏينهن آهي. 4 جون 1954ع ليکڪ ۽ اداڪار ارباب ڇڄڙو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 4 جون 1947ع صوفي شاعر ڀائي ڌرمداس جي ديهانت ٿي. 4 جون 1999ع ليکڪ ڪمال الدين سولنگي جو لاڏاڻو ٿيو. Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Do you know why I love and respect you? It is because of your wonderful behaviour and attitude. You are committed, determined and dedicated. You always do, what you say. You accept and apply what your learn. You understand, what you listen. You are not teacher, but preacher and pomotor of sincerity, selfnessless and sacrifice. You work for love, beauty and peace for all. Really you are my beloved, you are my ideal and role-model for all] تون پڙھين تون پرجهين پڙھڻ ڪڙھڻ چوڻ ڪرڻ آھي اتم تنهنجي هير, ڪرين متاثر علم عقل سونهن سان تو جيها ڪٿ مانجهي مڙس مٿير؟ سيکارين سسيون دليون ڏيڻ سرت صبر سان تون دودا دولھ دلير, اهو ئي چاهين تہ پيو سدا لاهين جي آھن ماڻھن جي من اندر جا مير, قر ب پيار خلوص سان ۽ ڀرين وفا ۽ ايثارسان سڀ سان تون پير, ڪرين نہ ڪائي اوير, سارين سوير سرت سونهن امن سلام سان. ************* SINDH (including Pakistan)IN HISTORY TODAY {4th JUNE} EVENTS: 1843: The Government of India approves the plan of Sindh Governor, Chales Napier regarding re-opening the ancient communications between the Indus and Nara. 1857: The Government of Bombay allows Sindh Commissioner to provide accommodation to Port Officer at Manora. 1924: A big public meeting and party meeting of Sindh Jamiat-Ul-Ulema is held at Sukkur with Moulana Taj Mahood Amroti in chair. 1936: Sindh Labour Party is formed at Karachi and Dr.Tarachand Lalwani is elected its president. 1939: Sj.Subhas Chandra Bose, addressing the Pabna District Political Conference at Hetampur says that the Forward Block in Congress is the product of historical necessity and it has been born at the right time and in the proper manner. If this task had been postponed or delayed, the internal crisis of the Congress Party might have appeared at a time when the external crisis was overtaking us. 1947: The Working Committee of the All-India Muslim League discusses and accepts the plan fot the transfer of power. 1948: Khan Abdul Ghaffar is arrested and the Government justifies its action against Hussain Shaheed Sahawardi on the plea that he wanted to include East and West Bengal in Indian Union. 1949: Punjab Communist Party demands Government not to support Burma. 1955: Major General Iskandar Mirza, Interior Minister, joins Pakistan Muslim League. 1960: Moula Bux Soomro is disqualified to take part in politics for six years. 1963: Therhi, the village in Khairpur witness terrible clashes between two rival religious groups. Sixty six are injured and some number is killed. 1968: National Assembly adopts ‘Ex-States’ Nawabs’ Pension Bill’. Ex-Ruler of Khairpur to get Rs.100000 Annual pension. 1970: Mumtaz Doultana believes that some political parties of Pakistan are getting foreign financial support and he demands action against them. 1972: Thirteen prisoners are killed and more 35 injured in police firing in Sukkur Central Jail.

No comments:

Post a Comment