Friday 30 June 2023

Sindh in history today (30th June). By. Dr.Pathan

سڄڻ سائين ! جيئو سدائين. جون جي آخري تاريخ آھي ۽ انھئ حوالي سان انگريزئ ۽ سنڌئ ۾ ”سنڌ جي واقعاتي تاريخ" حاضر آھي. جن کي سنڌي نه ٿي اچي, اهي انگريزئ ۾ پڙھن. انگريزئ واري تاريخ ممتاز علئ لکي آھي. جڏهن ته انگريزئ ۾ گڊ ڊي وش“ ۽ واقعاتي تاريخ مون لکي آھي. ************** SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {30th June} and Good Day Wish. ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [ When anybody has lost faith in Self, People and God, in such a condition he/she can't follow and abide by any ideology, except self-interest. He/She becomes slave of ego and works for hatred and discrimination. He/She in the name of Independence and freedom, will easily snatch relations and affiliations. He/She will become a wandering soul and cannot stay in any heart for long time.] جي مون تان خود پاڻ تان خدا تان ويساه کڄي ويندء، پوء تہ عشق ماڻھپي سميت تو کان پرين ڀڄي ويندء، تنهنجئ آزادئ جو مطلب منهنجي سلامي ۽ غلامي، پوء هر ڪو قدر نظريو اصول تو کان ٿي لڄي ويندء ************* SINDH (including Pakistan)IN HISTORY TODAY {30th JUNE} EVENTS: 1857: Sindh Commissioner is requested by his subordinate officers concerned that a cause way be constructed at Rohri . It will cost Rs.3300, therefore expenditure be met partly from the Ferry Fund and partly from Municipal funds. (Source: The Collector, Upper Sindh’s letter No.242). 1922; Seth Suderdas Valabhdas presides over a public meeting held by the District Congress Committee of Larkano. Speakers throw light on the life & achievement of Dadabhai Nauroji. (Source: ‘Source-Material on Sindh Congress’, compiled by Gul Hayat Institute). 1929: Meetings of sympathy for Bhagatsing and Dutt are held in Sindh and day is observed as a special prayer Day. (Source: Newspapers). 1932: The meeting of Sindh Muslim leaders is held at Karachi at G.M.Syesd’s residence. It is resolved that if K.B.Khuhro is not proceeding to London on or before 5th of July, to present there the case of separation of Sindh, than Syed Miran Muhammad Shah will replace him. This may kept in mind that The election for the chairmanship of the Larkano School Board was due and K.B.Khuhro intended to take part. It gave impression that perhaps he may not procced to London. (Source: ‘Rihan’, by G.M.Syed). 1947: Demarcation and partition of Bengal and Punjab is announced by the Boundary Commission. (Source: Newspapers). 1956: The army is asked to take over control and administration of Food in East Pakistan. (Source: Ibid). 1962: Bill seeking formation and regulation of political parties is introduced in National Assembly of Pakistan. (Source: Newspapers). 1965: Pakistan and India sign an agreement for an immediate cease-fire in Rann of Kachh. (Source: Newspapers). 1970: Fifteen years of ‘One-Unit’ system ends.Merged provinces into West Pakistan are restored.(Source: Ibid). 1972: Indra and Z.A.Bhutto meet in Simla without aides. (Source; ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1977: The meeting is held between Prof. Ghafoor Ahmad of PNA and Pirzado of PPP to discuss the PNA proposals. (Source: Ibid). 1992: Nawaz Sharif Government decides to part away with MQM, defends army Clean-up Operation. (Source: ‘Source-Material on Nawaz Sharif and his party’, compiled bu Gul Hayat Institute). 1993: Nawaz Sharif gets it approved from parliament to impose federal rule in Punjab. Opposition, particularly care-taker Chief Minister Manzoor Watto alleges that Nawaz Sharif intends to capture Governor House and C.M.House. (Source: Ibid). ************** Sindh in history today (30th June). Slection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Reseach by Dr.Pathan. 30 جون جي حوالي سان سنڌ جي "واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 30.6.1849: ڪراچئ کان حيدرآباد تائين فرنگين جي ٽپال پهچائڻ جو ٺيڪو جوکين جي ڄام کي ڏنو ويو هو. پر فرنگين خلاف سندس سرگرمين کي ڌيان ۾ رکندي سنڌ جي ڪمشنر فيصلو ڪيو ته هاڻي اهو ٺيڪو جوکين جي ڄام کي نه ڏجي. [ياد رهي ته سيٺ نائونمل معرفت هي شروعات ۾ 1839 ڌاري فرنگين جي يارئ نيازمندئ ۾ آيو ؤ پوء حالتن بدلجڻ سان پاڻ به بدلجڻ لڳو] 30.6.1929: سنڌواسين پاڻ کي ملڪ جي سياسي حالتن کان ڪڏهن به ڪٽي نه رکيو. جيڪو سنڌ کان ٻاهر وهيو واپريو, ان تي سنڌين پنهنجو موقوف ۽ رد عمل ڏيکاريو. اڄ سنڌ ۾ ڀڳت سنگ ۽ دت جي همدردئ ۾ سندن نالي تي ڏينھن ملهايو ۽ سنڌ جي وڏن شهرن ۾ ھنن انقلابي قيدين جي حق ۾ ميڙاڪا ڪيا ويا. 30.6.1932: سنڌ محمدن ائسوسيئيشن جو فيصلو هئو ته محمد ايوب کهڙو انھئ پارٽئ طرفان نمائندو ٿي لنڊن وڃي "گول ميز ڪانفرنس" جي ميمبرن اڳيان سنڌ جي جدائئ جو ڪيس پيش ڪري. ايوب کهڙي لاء مسئلو هئ پيدا ٿيو ته هو لاڙڪاڻه لوڪلبورڊ طرفان اسڪولبورڊ جي چيئرمن چونڊجڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو, ان ڪري ولايت وڃڻ ۾ سستي پيو ڪري. اڄ ڪراچئ ۾ سنڌي مسلمان سياستدانن جي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ ايوب کهڙي کي چيو ويو ته 25 جولاء تائين ولايت وڃي سنڌ جي جدائئ جو ڪيس پيش ڪر. ٻئ صورت ۾ ميران محمد شاه کي ولايت موڪليو ويندو. [لاچاري هئي. محمد ايوب کهڙو جنهن جهاز ۾ وڃي پيو, ان جو ڪريش ٿي پيو. پر هي زنده بچي ويو ۽ ولايت وڃي پهتو] 30.6.1932: "خلافت تحريڪ" جهڪي ٿي ته انھئ طرفان دکايل دونهين مان ڪانگريس فائدو ورتو ۽ حڪومت خلام "عدم تعاون جي تحريڪ" هلائي. هن تحريڪ کي ڪچلڻ لاء سرڪار پنهنجي عملدارن ۽ ماجسٽريٽن کي وڌيڪ اختيار ڏنا. انھئ سلسلي ۾ گورنر جنرل اڄ ”سال 1932 جو آرڊيننس نمبر 10" لاڳو ڪيو 30.6.1970: پورا پنهرهن سال صوبن جي ڳچئ ۾ "ون-يونٽ" جو ڳچ رهيو. اڄ مغربي پاڪستان جو آخري ڏينھن آھي ۽ سڀاڻي نئين سج سان چارئي صوبا پنهنجي 15 سال اڳ وارئ حيثيت وٺندا. [ "ون-يونٽ“ خلاف سنڌ ۽ سرحد ۾ وڏي تحريڪ هلي. سنڌ وارئ تحريڪ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو به شروع ۾ شامل ٿيو هو. هئ هڪ تاريخي حقيقت آھي ته وفاقي حڪومت ڪنهن تحريڪ جي دٻاء ۾ اچي "ون-يونٽ" ختم نه ڪيو. وس وارا "اوڀر پاڪستان" مان هٿ ڪڍي چڪا هئا. ان ڪري انهئ حصي جي وڃڻ کان پوء ”ون-يونٽ" جو رهڻ اجايو هو. جن ماڻھن سنڌ ۾ ”ون-يونٽ" خلاف تحريڪ ۾ حصو ورتو, تن جي سنڌ-دوستئ کي سلام آھي] 30.6.1956: بنگالين جي باغي ٿيڻ جا ڪيترا ئي ڪارڻ ھئا. بک, بيروزڪاري ۽ ڏڪر به انھن مان اهم ڪارڻ هئا. بکيا بگهڙ ته شينھن سان وڙهي پوندا آھن. اوڀر پاڪستان. ان کان بچڻ لاء کاڌ خوراڪ جو انتظام ۽ ورهاست فوج حوالي ڪئي وئي. 30.6.1962: ايوب ملڪ جو پهريون آمر هئو, جنهن چاهيو ته سياستدان سندس خواهشن ۽ شرطن مطابق پارٽيون ٺاهن. هن کان پوء ضياء الحق به اهڙي ڪوشش ڪئي. اڄ نئشنل اسيمبلئ ۾ سياسي پارٽين ٺاهڻ ۽ ڪن شرطن مطابق هلائڻ لاء بل پيش ڪيو ويو. 30.6.1965: رڻ ڪڇ جي وارثي ۽ مالڪئ تي انڊيا ۽ پاڪستان جيڪا جنگ جوٽي هئي, اڄ ٻنھي ملڪن جنگ بندئ جي ٺاه تي دستخط ڪيا. [ اهو ڪيس بين الاقوامي ٽريبيونل هلائي, ٻنھي ملڪن کي رڻ ڪڇ ورهائي ڏني هو] 30.6.1977: پيپلز پارٽئ طرفان پيرزادي ۽ پي.اين.اي طرفان پروفيسر غفور نمائندگي ڪندي پي.پي.پي-پي.اين.اي ٺاه تي ڳالهيون ڪيون. پيپلز پارٽي محسوس ڪري چڪي هئي ته ڳالهيون هڪ بھانو آھي ۽ فيصلو ڪنهن ٻئي هنڌ ٿي چڪو آھي. 30.6.1993: پنجاب ۾ نواز شريف ۽ سندس خاندان جو مخالف ڌر سان اڄ ۽ ڪلھ اقتدار جي ويڙھ تاريخي ۽ نفسياتي اهميت واري رهندي آھي. اڄ نواز شريف جو ڀائٽيو اها جنگ وڙھي رهيو آهي ۽ ڪالھ (1993ع ۾) نواز شريف پنجاب ۾ اقتدار جي جنگ وڙهي. هن منظور وٽو جي حڪومت خلاف قانوني جنگ شروع ڪئي ۽ پنجاب ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ لاء پاريامينٽ کان اختيار ورتو. ************** {30 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 30 جون 1857ع سماجي اڳواڻ، ليکڪ، فلاسافر ديارام گدومل شهاڻي (حيدر آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 30 جون 1880ع سماجي اڳواڻ ۽ تعليم جي ميدان ۾ ڪم ڪندڙ آدمجي حاجي دائود ميمڻ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 30 جون 1903ع شاعر ۽ فريڊم فائيٽر مولوي نذير حسين جتوئي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 30 جون 1920ع ليکڪ بهاري ٽي مسند (شڪارپور / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 30 جون 1936ع صحافي محرم علي ڀٽي (نوابشاهه) جو جنم ڏينهن آهي. 30 جون 1940ع ليکڪ محمد عثمان ٽڳو (ٽڳا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 30 جون 1955ع سماجي اڳواڻ نارائڻ ڪيسواڻي جو جنم ڏينهن آهي. 30 جون 1960ع اداڪار گورڌن نيناڻي (دهلي) جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 30 جون 1931ع بزرگ سيد حزب الله شاهه راشدي (پير ڳوٺ) جو لاڏاڻو ٿيو. 30 جون 1942ع مذهبي اسڪالر ۽ سياستدان پير محمد اسماعيل جان جو انتقال ٿيو. 30 جون 1979ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد ابراهيم بٺوي جي وفات ٿي. 30 جون 2004ع مشهور سنڌي افسانه نگار ۽ ليکڪ جمال ابڙو لاڏاڻو ڪري ويو.

No comments:

Post a Comment