Friday 16 June 2023

Sindh in History today (17th June). By. Dr.Pathan & Mumtaz Pathan

ENGLISH VERSION BY MUMTAZ PATHAN SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {17th June} and Good Day Wish. ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [Dear! You are source of inspiration for hearts. Please, be cause of change of minds also. Make us able & capable to implement your beauty, vision & wisdom for bringing better change in our hearts, minds & society] جیئن جانب من موھین، تیئن من جي موڙین یار ! سپنا سڀ ساڀیان ٿین، ڪن سوچون پڻ سینگار، موڙ کٹي تون مھار، صدقي سندء سرت سلام جي. ************* SINDH IN HISTORY TODAY {17th June} EVENTS: 1842: British Agents are very much in the political and social affairs of Sindh and Balochistan. Differences are witnessed between Khan of Kalat and other Chiefs such as Beejar Khan Darya Khan. Negotiations are initiated by British (Government of India) Agents and progress is reviewed and discussed in their correspondence. (Source: Letter No. 69 from Assistant Political Agent to Political Agent, Sindh). 1939: Punjab Government issues a communique containing a warning that firm action, including the enforcement of the Criminal Law Amendment Act, would be taken, if necessary, against the organizers of Kisan Satyagraha in Lahore. (Source: Indian Annual Register, Vol-1, 1939). 1948: Quaid-i-Azam, the Governor-General of Pakistan leaves for Ziarat to experience his Eleventh Hour of his life. Liaquat Ali Khan, the prime Minister, get chance to look after affairs regarding governance till Jinnah breath his last. Major decisions relating to governance are taken by the Prime Minister during Quaid’s stay at Ziarat. (Source: Newspapers). 1951: In a meeting of migrants at Lahore, it is decided to convene ‘Muajreen Convention’ so as to discuss the problems being faced by Muhajreen and apprise the Government of their difficulties. (Source: Ibid). 1953: Punjab Government withdraws ‘Panahgeer Allowance’ with immediate effect. (Source: Newspapers). 1960: Archaeologists claim that they have discovered a Mosque at Bhanbhore site. (Source: Ibid). 1965: President of Pakistan, Ayub Khan and Prime Minister of India give their consent to the Run n of Kachh boundary agreement. 1977: Agreement between PNA and PPP Government must bear stamp of the Government of Saudi Arabia, demands Moulana Shah Ahmad Noorani. (Source: Newspapers). 1988: All Parties’ Conference held at Lahore rejects ‘Shareat Ordinance’ promulgated by Zia-ul-Haq. (Source: Newspapers). 1991: Four are killed when Bolan Mail is attacked by armed men at Madaji Railway Station. (Source: Newspapers). SINDHI VERSION BY Dr.Pathan “سنڌ جي واقعاتي تاريخ"(17 جون). تحقيق ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ. *************** توجه طلب واقعا *************** 17.6.1939: هن زماني ۾ سنڌ ۾ ”هاري پارٽي" ۽ پنجاب ۾ ”ڪسان پارٽي" نالي ساڳين مقصدن واريون پارٽيون هونديون هيون. فرق اهو هئو ته سنڌ ۾ ھارين جي قيادت خود زميندار ۽ سرمائيدار طبقو ڪندو هو. ڇو ته انھن جي نظر بئراج جي کوٽائئ بعد نڪتل زمينن تي هئي. پنجاب جي ڪسان پارٽئ جي قيادت مڊل ڪلاس ترقي پسند/ڪميونسٽ خيال وارن جي هٿ ۾ هئي ۽ انھن وٽ پنھنجي ٻني ٻاري لاء زمين به هئي. اهي پاڻئ, ڀاڻ, ڍل جي مسئلن کي پاڻ ئي منھن ڏيندا هئا ۽ انھن مسئلن ڪري اهي گڏ ۽ منظم هئا. لاهور ۾ ان ڪري هنن "ڪسان ستياگره" ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته اڄ پنجاب حڪومت پڌرنامو جاري ڪيو ته ڪسان پارٽي ستياگره جو فيصلو واپس وٺي,نه ته ڏنڊي جي زور تي امن امان خراب ڪرڻ واري ڏوه ۾ مٿن قدم کڻبو. 17.6.1941: هن زماني ۾ اڃان "سنڌ يونيورسٽي" ڪانه هئي ۽ سنڌ واسي "ممبئي يونيورسٽئ" سان تعليمي لاڳاپي ۾ هئا. انھئ يونيورسٽئ جي سينيٽ جي سنڌي اميدوارن کي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ به ووٽ ڏينديون هيون. هن سال ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ مولا بخش سومرو ممبئي يونيورسٽئ جي سينيٽ جي ميمبرئ لاء اميدوار بيٺا. ڪيترن ضلعي لوڪلبورڊ مان ووٽ مولابخش سومري کي مليو ۽ اتان ڊاڪٽر گربخشاڻئ کي ووٽ نه مليا. [ ياد رهي ته سنڌ جو اپر ڪلاس ڪنهن جي لياقت ۽ صلاحيت بدران پنهنجي مفادن مطابق فيصلا ڪندو آيو آھي. هڪ دفعي علامه آء.آء.قاضئ ۽ ٻئي دفعي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ "سنڌ مدرسي" جي پرنسپالئ لاء درخواست ڏني ته هنن کي پرنسپال نه بڻايو ويو]. 17.6.1948: پاڪستان جو باني قائد اعظم محمد علي جناح بيمار ٿيڻ ۽ ڊاڪٽرن جي صلاح تي اڄ زيارت روانو ٿي ويو. سندس طبيعت جي سخت خراب هجڻ ڪري وزير اعظم لياقت علي خان حڪومتي ۽ انتظامي معاملا سنڀاليا ۽ هلايا ۽ اهو سلسلو ملڪ جي بانئ جي وفات تائين جاري رهيو. وزيراعظم ۽ گورنر جنرل جا حڪومتي ڪر و وهنوار هلائڻ ۽ ٻين ڳالهين تي اختلاف رهيا. سردار شوڪت حيات پنهنجي آتم ڪٿا واري ڪتاب ۾ انھن اختلافن بابت هڪ واقعو لکيو آھي ته هڪ دفعي وزيراعظم زيارت ۾ گورنر جنرل سان ملڻ ويو ته گورنر جنرل هن کي ايندو ڏسي پنهنجئ ڀيڻ کي چيو ته ڏسڻ آيو اٿئي ته مان زنده آهيان يا مرڻ وارو آھيان. 17.6.1951: اڄ لاهور ۾ ”آل پاڪستان مهاجرين ڪانفرنس" ٿي. ان ۾ پناهگيرن کي درپيش مسئلن ۽ حڪومتي حڪمت عملئ تي غور ڪيو ويو. 17.6.1953: پنجاب حڪومت پناهگيرن جي ڀلائئ ۽ آبادڪارئ لاء صوبي ۾ ”پناهگير الائونس" ڏيڻ جو اڳ فيصلو ڪيو هو. اهو فيصلو اڄ واپس ورتو ويو. [تاريخ نويسن کي نظر ۾ رکڻو آھي ته انھئ زماني ۾ پناهگيرن بابت سنڌ حڪومت جي حڪمت عملي ڪهڙي هئي ۽ اسان جا سياستدان ڪيئن نه پنهاگيرن تان اول گهول پيا وڃن] 17.6.1960: ڀنڀور جي کوٽائي دوران آثار قديميه جي ماهرن کي مسجد جا آثار مليا. [چڱو ٿيو جو سنڌين جي اسلام دوستئ ۽ پوئوارئ جي ان مان ڪيترن کي پڪ پئي, جن کي اڳ ۾ گهڻا شڪ گمان هئا. پر ڪاش کوٽائي ڪندڙن کي ڪا اهڙي شئ به ملي ها, جنهن مان ثابت ٿئي ها ته سنڌي سائنسدان ۽ عمارت سازئ جي فن ۽ ٻين ڳالهين جا به ماهر هئا] 17.6.1977: پي.پي.حڪومت پي.اين.اي وارن جو مطالبو مڃيندي سجاد احمد جان جي جاء تي دوراب پٽيل کي چيف اليڪشن ڪمشنر مقرر ڪيو. اڄ پي.اين.اي جي اڳواڻ مولانا شاه احمد نورانئ مطالبو ڪيو ته پي.پي ۽ پي.اين.اي جي ٺاه تي سعودي عرب تصديقي ۽ ضمانتي دستخط ڪري. 17.6.1991: مدئجي ريلوي اسٽيشن تي هٿياربندن بولان ميل تي فائرنگ ڪئي, جنھن جي نتيجي ۾ 4 مسافر مري ويا. [سنڌ ۾ اهڙن واقعن جو پس منظر اهو هو ته جيئن امن امان قائم ڪرڻ ۽ اغوائن جي ڏوهن کي گهٽائڻ جي نالي ۾ ڪنهن جي لاء سنڌ ۾ مستقل روزگار جو بندوبست ڪري سگهجي] *************** {17 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 17 جون 1919ع شاعر ۽ تعليمدان شيخ عبدالواحد شاهد جي پيدائش ٿي. 17 جون 1930ع شاعر روپ ڪمار گهايل جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 17 جون 1949ع شاعر فتح محمد چانگ راهي جو جنم ڏينهن آهي. 17 جون 1952ع اداڪار چندراسين نواڻي (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 17 جون 1953ع ليکڪ انجنيئر عبدالمالڪ ميمڻ (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 17 جون 1961ع اداڪاره شانتا آهوجا (بڙودا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 17 جون 1964ع ليکڪ ابرار چانڊيو (ميهڙ) جو جنم ڏينهن آهي. 17 جون 1966ع صحافي عبدالرئوف نورنگزادو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 17 جون 1974ع شاعر جاويد سنڌو جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 17 جون 1812ع مير غلام علي ٽالپر (حيدر آباد) جو لاڏاڻو ٿيو. 17 جون 1837ع مذهبي عالم مولانا محمد يعقوب پيچوهو (همايون) جو لاڏاڻو ٿيو.

No comments:

Post a Comment