Saturday 10 June 2023

Sindh in history today (11th June). Sindhi Portion is by Dr.Pathan and English Portion is by his Son Mumtaz Ali Pathan

SINDHI PORTION OF THE POST IS BY DR.PATHAN EVENTS FROM SINDH HISTORY (11th June) By: Dr. Pathan ** 1917ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي سٽيزن ايسوسيئيشن جي ٿيل چونڊن ۾ هرچند راءِ وشنداس کي صدر، واڌو مل اڌارام کي نائب صدر، مير ايوب کي نائب صدر، درگداس بي آڏواڻي ۽ آر ڪي سڌوا کي اعزازي سيڪريٽري، ڊاڪٽر ڊي جي آڏواڻي کي پبلڪ هيلٿ انچارج، جئه رام داس دولترام کي تعليمي انچارج، جمشيد مهتا، عبدالرحمان، جي جي ڇاگلا ۽ ٻين ستن ڄڻن کي مئنيجنگ ڪاميٽي جو ميمبر چونڊيو ويو. ** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ مسلم ليگ اسيمبلي ميمبرن ۽ وزيرن کي هدايت ڪئي ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪري ڇڏي ته اهي احتجاج طور استعيفا ڏئي ڇڏين، واضح رهي ته ڪراچي کي جڏهن وفاقي گادي وارو شهر بڻايو ويو ته ڪنهن به ان جي مخالفت نه ڪئي هئي. ** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اين ڊبليو ايف پي (خيبرپختونخوا) جي عوامي ليگ جي اڳواڻ ارباب عبدالغفور کي ايف سي آر قانون تحت گرفتار ڪيو ويو، واضح رهي ته سنڌ، اين ڊبليو ايف پي ۽ بنگال جي اڳواڻن خلاف ڪيتريون ئي ڪارروايون ٿينديون رهيون ۽ انهن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو. ** 1991ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جنرل آصف نواز کي آرمي چيف ۽ جنرل شميم عالم کي جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي جو چيئرمين نامزد ڪيو ويو. اعلان ڪيو ويو ته چيف آف آرمي اسٽاف جنرل مرزا اسلم بيگ هلندڙ سال 16 آگسٽ تي رٽائر ٿي ويندو. ** 1996ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي نيون ووٽر لسٽون جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، عدالت جو چوڻ هو ته ووٽر لسٽن ۾ وڏي گڙٻڙ آهي، وفاقي سرڪار ۽ اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس به جاري ڪيو ويو. ** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم نواز شريف ٽن صوبن جي اسيمبلين پاران رد ڪيل تڪراري منصوبي ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، نواز شريف قوم کي خطاب ڪندي چيو ته ڪالاباغ ڊيم ٺاهي ٻيو مورچو فتح ڪنداسين، پ پ ، اين اين پي ۽ ٻين جماعتن سخت ردعمل ظاهر ڪندي چيو ته نواز شريف حڪومت ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ڪري ملڪ ٽوڙڻ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.هاڻي ننڍن صوبن کي پنجاب سان گڏ رهڻ يا نه رهڻ جو فيصلو ڪرڻو پوندو. جڏهن ته حڪومتي وزيرن وزيراعظم جي اعلان جو دفاع ڪيو. ** 2003ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ سنڌ اسيمبلي جو اڳوڻو اسپيڪر عبدالرازق خان مارجي ويو، عبدالرازق کي نيوچالي ٽريفڪ سگنل وٽ هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪيو هو، هو ڪيس اڪلائي گهر وڃي رهيو هو، حملي ۾ سندس ڊرائيور به مارجي ويو.رازق خان ٻه ڀيرا ايم پي اي رهيو، هن اٽڪل 30 سالن تائين سياست ڪئي. ************ اڄوڪي ڏينهن 11 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 11 جون 1919ع شاعر صوفي قربان علي “قربان” (بوزدار وڏا) جي پيدائش ٿي. 11 جون 1926ع ليکڪ ڪالا رائيسنگهاڻي (ڪراچي / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 11 جون 1935ع ليکڪ ميان غوث محمد گوهر پيرزادو (ڪوٽڙي ڪبير) جي پيدائش ٿي. 11 جون 1957ع ليکڪ جڳديش لاکياڻي جي پيدائش ٿي. 11 جون 1959ع شاعر سلطان احمد علوي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 11 جون 1978ع صحافي شهمير خان گاڏهي جي پيدائش ٿي. وڇوڙو: 11 جون 1982ع اداڪار سنتوش ڪمار (سيد موسى رضا) جو لاڏاڻو ٿيو. 11 جون 2011ع ناليواري ليکڪ، شاعر ۽ مصور طارق عالم ابڙوجو لاڏاڻو ٿيو. ENGLISH PORTION OF THE POST IS BY MUMTAZ ALI PATHAN SINDH (including Pakistan) IN HISTRY TODAY {11th June} and my Good Day Wish. ************ Dr.Pathan wishes you Good Day. [To depend upon others is not only an act of exploitation but, is some sort of denying of self-trust, worth & strength. It will compel to please others, and it is impossible to please any body. Dear! Please yourself and make others to depend upon you] ماٹھن جي محتاجئ بدران، بھتر پنھنجي من جي محتاجی . جي چاھین دوکن کان دل آجي، تہ سمجھ سور ۽ سر سلام جا.‏‎ ‎ ************ SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {11th JUNE} EVENTS: 1917: In the election, Karachi Citizens' Association elects it following office - bearers: Harchandrai Vishindas (President), Wadhomal Udharam & Mir Ayub (V.Ps), Durgdas B.Advani & R.K.Sidhva (Hon.Secretaries), Dr.D.G.Advani (Public Health Incharge), Jeramdas Doulatram (Education Incharge). Jamshed Mehta, Abdul Rahman, G.G.Chagla, Framroze and seven others are taken as members of the Managing Committee. (Source: A Chronology of the British Sindh, compiled by Gul Hayat Institute) 1927: Harchandrai Vishindas while giving an interview to a representative of 'The Hindu' reiterates his opposition to the separation of Sindh from Bombay Presidency. Irony of fate is that he was the first Sindhi politician, who projected the idea of separation of Sindh from Bombay Presidency! (Source: Janab Guzaryam Jan Seen, by G.M.Syed) 1943: The Congress decides to contest the bye - election to the Frontier Assembly and the Peshawar Municipal elections. (Source: Indian Annual Register, Vol -1) 1948: Sindh Muslim League Council asks Assembly members and ministers to resign in protest, if, the Federal Govt. seems to be determined to separate Karachi from Sindh.. In real, it was a some sort of face-saving, Karachi stood snatched and no body resigned. (Source: Newspapers). !949: Tribal Confederation boycotts 'Baluchistan Advisory Committee' constituted by the Pakistan Government. (Source: Iibd) 1954: Arbab Abdul Ghafoor of NWFP Awami league is arrested under section 40 of the FCR. It is irony of fate that political leaders of NWEP, Sindh and Bengal (East Pakistan) got very tough time at early stage. (Source:Ibid)

No comments:

Post a Comment