Monday 5 June 2023

Sindh in history today (5th June). By.Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {5th June} and my Good With with English Translation. ************ آئون ٽالپورن جي دور کان وٺي ويندي موجوده دور تائين واقعن, افراد ۽ ادارن (پارٽين/ جماعتن/تنظيمن) بابت اها معلومات فراهم ڪندو اچان ٿو, جيڪا اڳ ڪتابن ۾ ڪانه آئي آھي ۽ جيڪا اهم هجڻ ڪري اسان جي ذھنن جا در به کڙڪائي ٿي. *.تاريخ ٻڌائي ٿي ته ڌارين سدائين پنهنجي مفادن خاطر دوستئ جو ڍونگ رچايو. مدد جا دلاسا ڏنا, پر مدد نه ڪيائون. * تاريخ ٻڌائي ٿي ته اسان جي حاڪمن اختيار جي لٺ سان سياسي حريفن جا مٿا ته ڦاڙيا, پر ان کي معاشري بدلائڻ لاء ڪم نه آندو. * تاريخ ٻڌائي ٿي ته تاريخ جي نظرن ۾ "ورهاڱي" ۽ ”آزادئ" جو مطلب ۽ فرق ٻه الڳ اصطلاح آھن. انھئ روشنئ ۾ اسان ڪهڙي منزل ماڻي آھي؟ انھن ڳالهين جون شاهديون ۽ ثابتيون هن ”واقعاتي تاريخ“ ۾ آھن. مون سنڌ جي تاريخ تي ڪجھ سال اڳ وڊيو ٽاڪ به رڪارڊ ڪيا جن ۾ سنڌ جي تاريخ بابت اڃا وڌيڪ معلومات به آھي. انهن پراڻن وڊيو ٽاڪ مان هئ وڊيو ٽاڪ ڏسو, ٻڌو ۽ يوٽيوب تي سبسڪرائيب ڪريو. اسلام آباد ۽ نجاب ۾ اقتدار جي جنگ نالي جيڪا وبا پکڙي آھي, ان کان پاڻ بچايو. ڇوته اها عوام جي مفادن لاء جنگ ناهي. سنڌ کي سياسي ۽ قومي حوالي سان شخصيت-پرستئ ۽ قبر-پرستئ کان بچايو. اڄوڪئ تاريخ جي حوالي سان ڪي واقعا هي آهن: 5.6.1838 پاٽينجر اڄ خط لکي مير رستم خان اڳيان شرط رکيو ته جيسيتائين اوهان مولوي نصيرالدين کي گرفتار نه ٿا ڪريو ۽ سندس پوئلڳن کي سنڌ مان نه ٿا تڙيو, ان وقت تائين اسان رنجيت سنگ کي روجهاڻ واري پرڳڻي ڦٻائڻ کان ڪونه جهلينداسين. 5.6.1838 *. رنجيت سنگ جي ديوان جي پاٽينجر سان ملاقات ٿي. کيس رنجيت سنگ لاء خط ۽ سوکڙيون ڏنيون ويون. * مير صوبدار خان ۽ مير شير محمد خان کي ڪمپني حڪومت طرفان منظور ڪيل معاهدا ڏنا ويا. 5.6.1945 آل انڊيا مسلم ليگ پارٽئ جي گرفت مضبوط رکڻ لاء صوبن جي مسلم ليگ ميمبرن کي سڌو سينٽرل پارليامينٽري بورڊ ھيٺ رکيو هو. اڄ سنڌ مسلم ليگ جي ڪائونسل ٺهراء پاس ڪري آل انڊيا مسلم ليگ کي گذارش ڪئي ته اهو ڪنٽرول صوبائي مسلم ليگ حوالي ڪريو. 5.6.1947 هندستان جي وائسراء دعوت ڏئي ستن مکيه سياستدانن کي گهرائي هن سان "ورهاڱي واري ڪميٽي" ٺاهڻ بابت ڳالھ ڪئي. 5.6.1954 اوڀر پاڪستان ۾ 532 سياستدان ۽ ورڪر گرفتار ڪيا ويا ۽ اهڙي قدم کڻڻ کان ڪجھ وقت پوء اتي صدارتي راڄ لاڳو ڪيو ويو. 5.6.1977 پي اين اي وارن سان ڳالهين جي ماحول کي سازگار بنائڻ لاء ڀٽي حڪومت ڪراچي ۽ حيدرآباد مان ڪرفيو هٽايو. {5 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 5 جون 1907ع بزرگ محمد اڪرم پيرزادو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 5 جون 1925ع ليکڪ ۽ صحافت سان تعلق رکندڙ علي نواز وفائي (ڪراچي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 5 جون 1954ع شاعر فيض احمد فيض دايو جو جنم ڏينهن آهي. 5 جون 1955ع اداڪار گرمک موٽواڻي (ناگپور) جو جنم ڏينهن آهي. 5 جون 1957ع صحافي عبدالشڪور نظاماڻي (ڪراچي) جو جنم ڏينهن آهي. 5 جون 1965ع صحافي ديدار سيال (جوهي) جو جنم ڏينهن آهي. 5 جون 1979ع صحافي مشتاق سرڪي جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 5 جون 1942ع مشهور لوڪ ڳائڻي جيوڻي ٻائئ جي وفات ٿي. 5 جون 2000ع تي بزرگ پير احمد شاهه ذاڪري(سڪرنڊ) جو لاڏاڻو ٿيو. — Dr.Pathan wishes you Good Day. [When religious, cultural and social values are interpreted and followed in self-interest, they become hide outs for criminal minded people besides, mere traditions to abide by with more spirit, enthusiasms & importance than religious, cultural and social duties. In such a situation, rights of love & beauty and peace & progress and sources & resources are monopolized for particular Class and Mind] دین ۽ دنیا سان جي ھیري ڦیري، پوء اسان جي دل ميري اک میري، سوچ ۽ سندرتا ۽ انسانيت بدران، پوء قدر ۽ نظریا ۽ اصول ڍیري، ماڻھو ٿئي ویری ,سرت سلام جو ************* SINDH IN HISTORY TODAY (5th June) By. Dr. Dur Muhammad Pathan EVENTS: 1838: Colonel Pottenger writes to Mir Rustam Khan informing him that Government of India will not make any application to Maharaja Ranjeetsing for restoration of Muzaree district and Rojhan until Moulvi Naseeruddin was seized and his followers driven out of Sindh. 1916: The meeting of the ‘Karachi Citizens’ Association’ is hold to chalk out annual schedule of its activities. It is also decided to raise ‘ Gokhale Memorial Fund’. 1945: The Council of the Sindh Muslm League passes resolution urging the All-India Muslim League to revise its policy and transfer control of the Assembly Party from the Central Parliamentary Board to the Provincial leagues. 1947: The Viceroy of India invites seven leaders and discuss with them the setting up of a ‘Partition Committee’. 1950: Nine members of PNEC resign in protest and demand resignation of Pir Ali Muhammad Shah Rashdi as its chairman. 1954: Five hundred thirty two politicians and political activists are arrested in East Pakistan. This action is followed by soon after the imposition of the Governor rule. 1959: Pakistan and Iran exchange instruments of ratification on the boundary agreement. 1960: Fatima Jinnah demands constitution for the country. We must not set an example of a nation without constitution, she says. 1970: Shaikh Mujeeb is elected as the President of Wast Pakistan Awami League. The stage is set for a big change. 1973: International Court of Justice takes up case of transfer of POWs and India boycotts the proceedings. 1977: Curfew is withdrawn from Karachi and Hyderabad. Both cities played anti-PPP role and indicated big division of hearts and minds. 1989: Pakistan mourns the death of the greatest revolutionary leader of our times- Imam Khumeni of Iran. 1993: The ANP and PML file a writ petition in Peshawar High court challenging the dissolution of the NWFP Assembly.

No comments:

Post a Comment