Tuesday 6 June 2023

Sindh in history today (7th June). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {7th June} and my Good Day Wish with English Translation. ************* Sindh in History today (7th June). Research by Dr.Pathan. تاريخ جو مطالعو ھڪ طرف اهو آئينو فراهم ڪري ٿو, جنهن ۾ اسان پنهنجي ماضئ جو چهرو ڏسي سگهون ٿا ته ٻئي طرف حالتن جي ڪورٽ ۾ قوم جي ڪيس وڙھڻ لاء شاهديون ۽ ثابتيون فراهم ڪري ٿو. پر تاريخ بينئ ۽ تاريخي مطالعي مان اسان اهي ٻئي ڪم نه ٿا وٺون. ان جي برعڪس پهريون ته اسان تاريخ پڙھئون ئي نه ٿا. پر جي پڙھون ٿا ته پنهنجي پسند جي تاريخ پڙهون ٿا. ان ڪري اسان جي سوچن ۽ لوچن جا ڪعبا قبلا درست نه ٿا ٿين ۽ اسان حالتون بدلائي نه ٿا سگهون. تاريخ هڪ ئي وقت تي "واقعن", "ادارن/تنظيمن/جماعتن" ۽ "شخصيتن" بابت جامع ۽ غيرجانبدارانه ڄاڻ ڏيندي آھي. ان ڪري آئون اهي ٽئي پهلو ڌيان ۾ رکي روزانو اوهان کي سنڌ جي تاريخ مان صدين جا ورق ڪڍي ٻڌائيندو آھي. مان اوهان جي تاريخ جو ڪيس اوهان جي ئي ڪورٽ ۾ پيش ڪريان ٿو. *************** توجه طلب واقعا *************** 7.6.1843: جنگي قيدئ مير حسين خان ساسور جيل منجهان ايسٽ انڊيا ڪمپنئ جي ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس کي درخواست موڪلي ته مون کي بي گناه قيد ڪيو ويو آھي ۽ مان فرنگي فوج يا نمائندن سان ڪڏهن به ڪا اختلافي ڳالھ نه ڪئي هئي. هاڻي سنڌ ۾ منھنجي جيجل ماء مون لاء هنجهون هاري سخت بيمار ٿي پئي آھي. مون کي آزاد ڪري موڪل ڏيو ته مان پنهنجي ملڪ موٽي وڃان. 7.6.1912: ينگ هسبنڊ, سنڌ جي اڄ ڪراچئ ۾ ”ٽھلرام کيمچند ڌرم شالا" جو افتتاح ڪيو. هئرس روڊ تي ٺاهيل هن ڌرمشالا جي جڙڻ تي 35 هزار روپيا خرچ آيو. ٽهلرام کيمچند, جنهن جي نالي تي هي ڌرمشالا قائم ڪيو ويو, سو 1887 ۾ ڪراچئ ميونسپالٽئ جو ميمبر ۽ 1896 ۾ ان جو صدر ٿيو هو. هن 42 سالن جي ڄمار ۾ ھئ جهان ڇڏيو. 7.6.1919: هن دور ۾ افغانستان جي امير هند سرڪار سان لاڳاپا ٽوڙيا هئا. افغانستان جي اها ڳالھ فرنگي سرڪار جي ڪيترن وفادارن کي پسند نه آئي. ڪن سرڪار کي آڇ ڏني ته جيڪڏهن افغانستان جنگ ٿو ڪري ته اسان پنهنجا ماڻھون ڏينداسين, جيڪي محاذ تي هند سرڪار جا ساٿي سپاهي ٿي وڙھندا. ڪن سرڪاري وفادارن ممبئي سرڪار کي ٽيليگرام موڪلي افغانستان جي مذمت ۽ فرنگي حڪومت سان يڪجهتي ڪئي. اڄ اهڙو ٽيليگرام ميرپورخاص منجهان زميندار ۽ آنرري ماجسٽريٽ لال رامڏني مل سرڪار کي موڪليو. 7.6.1931: بڙودلئ ۾ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي خان عبدالغفار خان چيو ته هندوستان ۾ ھندو ۽ مسلمان, ٻئي هڪ ٻئي جا ڀائر آھن ۽ ھڪ ڌرتئ ماتا جو اولاد آھن. ھندو وڏو ڀاء آهي ۽ مسلمان ننڍو ڀاء آھي. وڏي ڀاء تي فرض آھي ته ننڍي ڀاء جي پرگهور لهي. 7.6.1947: مسلم ليگ ۽ ڪانگريس پيپر ورڪ شروع ڪيو ته ڪهڙيون ڪهڙيون رياستون انڊيا يا پاڪستان ۾ شامل ڪبيون. 7.6.1956: پاڪستان ۾ خان عبدالغفار خان جي "ريڊ شرٽ پارٽئ“ تي پابندي مڙھي وئي. 7.6.1966: نارائڻ گنج اوڀر پاڪستان ۾ عوامي جلوس تي پوليس فائرنگ ڪئي. ڪيترا ماڻھون ڦٽي پيا ۽ ٻه ڄڻان مري پيا. 7.6.1977: ڀٽي حڪومت ڪراچئ, حيدرآباد ۽ لاهور مان مارشل لا هٽايو. پي.اين.اي ۽ پي.پي.پي وچ ۾ طئي ٿيو ته آڪٽوبر ۾ اليڪشن ڪرائبي. ٻئي ڌريون سياسي خلفشار جي نبيري طرف وڌيون. پر.... 7.6.1992: سنڌ جون انڊيا سان لڳندڙ سرحد تي ڪڙو چاڙھيو ويو. ڄام شوري ۾ ”ڪلين اپ آپريشن" جي نالي ۾ بيگناه 9 سنڌي ماريا ويا. *************** {7 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 7 جون 1823ع سگهڙ الهداد خان صوفي لغاري جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 7 جون 1915ع صحافي گرداس واسواڻي (حيدر آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 7 جون 1915ع شاعر قاضي عبدالوهاب عزيز جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 7 جون 1921ع شاعر نور الدين روشن جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 7 جون 1938ع شاعر ٽيڪم مٺارام آسوداڻي آفتاب جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 7 جون 1954ع ليکڪ عبدالحميد سومرو جو جنم ڏينهن آهي. 7 جون 1960ع ليکڪ محمد اسلم چانڊيو جو جنم ڏينهن آهي. 7 جون 1966ع ليکڪ ۽ صحافي امين لغاري جو جنم ڏينهن آهي. 7 جون 1974ع ليکڪ قادر ڪنڌر جو جنم ڏينهن آهي. 7 جون 1976ع ليکڪ گل محمد خاصخيلي (جهڏو) جو جنم ڏينهن آهي. 7 جون 1982ع ليکڪ ابراهيم ملاح جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 7 جون 1930ع سياستدان قلندر بخش ڍورائي جو لاڏاڻو ٿيو. 7 جون 1981ع مذهبي اسڪالر ۽ فريڊم فائيٽر مولوي محمد علي جمالي جو انتقال ٿيو. 7 جون 2000ع حافظ محمد ڪامل مهيسر انتقال ڪري ويو. 7 جون 2012ع ليکڪ ڪاشف سومرو (شڪارپور) جو انتقال ٿيو. 7 جون وفات رسول بخش پليجو Dr. Pathan wishes you Good Day. [ I have gone through pages of thousands of books. Every page told me about you, your beauty & love and vision & wisdom. Without fail, I accepted you as my second to none dear and Ideal. I have now included your love as a colour and have made your beauty as aim of my life. Dear! In real your love and beauty has found me and I am promoting and preaching it round the clock.] جان جان ورق ورايم جانب توکي ئي پاتم, توکي تڏھن تہ سچ سرت سونهن ئي ڄاتم, تنهنجي عشق عجيب کي سيني سان لاتم, سارا وهم گمان لاٿم, تو در پهتم سلام سان ************* SINDH IN HISTORY TODAY {7th JUNE} EVENTS: 1843: Mir Hussain Khan writes to the Court of Directors from Sasoor jail that I am separated from my country and relations, particularly from mother, who, worn out with years, cannot have long to live, and the few remaining years of her life will be shortened by separation from me; my betrothed too, and her parents, will grave for me, and I therefore hope that, with accustomed kindness and justice, you will, on duly considering my case, restore me with honour and dignity to my country and relations.(Reference: ‘Correspondence related to Sinde’, London) 1912: Young Husband, Commissioner, inaugurates ‘ Tahilram Khemchand Dharamshala’ in Karachi. Tahilram was eminent personality of Karachi. He entered Karachi Municipality in 1887 and became its president in 1896. He breathed his last at the age of 42 years. This Dharamshala has been named after him in recognition of his valuable services. It is situated at Harris road , costed 35 thousand rupees and is designed by Mea Sham Lee.(Reference: The Sindh Daily Gazette, Karachi, dt. 8.6.1912) 1919: Lal Ramditomal, Zamindar and Hon. Magistrate, Mirpurkhas sends telegram to the Bombay Govrnment showing his displeasure with Amir of Afghanistan on having unreasonable severed longstanding cordial relations with British Government. (Reference:Gazette Notification of Government of Bombay of same date) 1931: While addressing largely public meeting in Bardoli, Khan Abdul Ghaffar Khan says that the Hindus are the elder brothers, the Muslims are the younger brothers. The elder brother should take care of the younger brother. The two brothers shold march hand in hand towards the goal. (Reference: Indian Annual Register, Vol.1, 1931) 1933: Headed by Dr. Rabindranath Tagore, an influential body of leaders sends a cable to the Premier, the Lord President of the Council and Secretary of State urging the release of political prisoners. (Ref: Indian Annual Register, Vol.1.1933). 1947: All-India Muslim League and All-India Congress prepare a rough blue-print of the new states of Pakistan and India. (Ref: History of Freedom Movement) 1956: Red Shirt party is declared unlawful in west Pakistan (Ref: Newspapers) 1965: Noornal Amin is elected as the leader of opposition (Ref: Newspapers) 1966: Ten people are killed and several injured by police firing in the Narayangang area of East Pakistan. Violence erupts due to strike call by Awami League (Ref: Various Newspapers) 1972: Moulana Moudoodi completes ‘Tafhim-ul-Quran’. The work was started in 1942. 1977: Martial law is withdrawn from Karachi, Hyderabad and Lahore. PNA and PPP Government agree to hold polls in October, 1977. (Reference: Various Newspapers) 1979: PNA will extend cooperation to Zia-ul Haq, says Mufti Mahmood (Ref; Various Newspapers) 1992: Nine innocent people are killed in Jamshoro in the name of clean-up operation. Sindh border with India is called. (Ref: All Sindhi Newspapers)

No comments:

Post a Comment