Sunday 25 June 2023

Sindh in history today (26th June). By. Dr.Pathan & Mumtaz Pathan

GOOD DAY WISH BY Dr.Pathan @@@@@@@@@@ SINDH IN HISTORY IN ENGLISH BY. Mumtaz Pathan @@@@@@@@@@ SINDH IN HISTORY IN SINDHI BY Dr.Pathan @@@@@@@@@@@ SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {26th June} and Good Day Wish. ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. TRANSLATION: [I find you more and more away and at distance, as I try to reach near to you my Dear. In spite of that I am not disappointed. Because, beauty without love and vision & wisdom without sacrifice are nothing. Because , they are two sides of same coin] جیئن جیئن تانگھیان ۽ طلبیان، تیئن پري پرین پنڌ، پوء بہ ھوتن جو در ھنڌ، منھنجو سرت ۽ سلام سندو ************* SINDH (including Pakistan ) IN HISTORY TODAY {26th JUNE} EVENTS: 1857: The Collector of Shikarpur is asked by the Commissioner to submit report about ‘ferries service’ started between Sukkur and Rohri and Sadar Bazar and Pir Subra. ( Source: Sindh Commissioner’s letter No 1092). 1929: Sir Sankaran Nair criticisms status and work of the Simon Commission., says that members of its Central Committee had no knowledge of either the views of the members or of the lines on which they were likely to report. (Source: Indian Annual Register, Vol-1, 1929). 1940: The meeting of the Primary Muslim League of Goza is held with Moulvi Ghulam Muhammad Buriro in chair. The meeting congratulates the All-India Muslim League for adopting of ‘Pakistan Resolution’ at Lahore. (Source: Daily Al-Waheed, Karachi) 1947: The Sindh Legislative Assembly, at a special sitting, decided by 33 votes that Sindh should join the new constituent Assembly (Source: Indian Annual Register, Vol-1, 1947). 1950: Sindh Chief Minister announces Carpet Industry for Rohri. Whereas Punjab Chief Minister announces Engineering college in Mulatan. What difference it makes? (Source: Newspapers). 1977: PNA handed over its draft of demands to the Government and demands response as soon as possible. (Source: Ibid). 1991: Thirteen people including four women and seven children of a family are slaughtered in Lahore (Source: Newspapers). 1992: MQM top brass including Azim Tarq is arrested. (Source: ‘Source-Material on MQM’, compiled by Gul Hayat Institute). 1994: Country-wide strike is observed by Traders. The Business community is not happy with economic and financial policies of the Government. (Source: Ibid) .* 1857ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي ڪمشنر شڪارپور جي ڪليڪٽر کي هدايت ڪئي ته سکر ۽ روهڙي توڙي صدر بازار ۽ پير سبرا وچ ۾ فيري سروس شروع ڪرڻ بابت تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. ** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ليجسليٽو اسيمبلي جي خصوصي اجلاس ۾ 23 ووٽن جي حمايت سان اهو فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ کي نئين آئين ساز اسيمبلي ۾ شموليت ڪرڻ گهرجي. ** 1950ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي وڏي وزير روهڙي ۾ ڪارپيٽ انڊسٽري قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جڏهن ته ساڳئي ڏينهن تي پنجاب جي وڏي وزير ملتان ۾ انجنيئرنگ ڪاليج ٺاهڻ جو اعلان ڪيو. ** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان نيشنل الائنس معاهدي جو مسودو ۽ مطالبا حڪومت حوالي ڪيا ۽ چيو ته جلد کان جلد مطالبا پورا ڪيا وڃن. ** 1991ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاهور ۾ چئن عورتن ۽ 7 ٻارن سميت هڪ ئي خاندان جي 13 ڀاتين کي ڪهي قتل ڪيو ويو. ** 1992ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ايم ڪيو ايم جي سربراهه طارق عظيم سميت اهم اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو. ** 1994ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي واپارين وفاقي بجيٽ خلاف احتجاج ڪندي سڄي ملڪ ۾ هڙتال ڪري ڇڏي، واپارين جو چوڻ هو ته اسان سرڪار جي اقتصادي ۽ معاشي پاليسين مان خوش ناهيون، بجيٽ ۾ انهن جون تجويزون پڻ شامل نه ڪيون ويون آهن ۽ ڪيترائي ٽيڪس لڳايا ويا آهن. ** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ اسيمبلي ٺهراءُ منظور ڪندي صوبي ۾ امڪاني گورنر راڄ کي رد ڪري ڇڏيو، ٺهراءُ ۾ چيو ويو ته سنڌ جمهوري نظام ۾ ڪنهن به صورت ۾ گورنر راڄ کي قبول نه ڪندي. ٻئي طرف وڏي وزير لياقت علي جتوئي جو چوڻ هو ته وزيراعظم نواز شريف خاطري ڪرائي آهي ته سنڌ ۾ گورنر راڄ نه لڳايو ويندو. ** 2002ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اڳوڻي وفاقي وزير عمر اصغر خان پاڻ کي ڦاهو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو، ڪراچي جي گذري واري علائقي جي گهر مان سندس لاش مليو، هن خلاف نيب جي جاچ به هلندڙ هئي، عمر اصغر ايئر مارشل رٽائرڊ اصغر خان جو پٽ هو. ************* اڄوڪي ڏينهن 26 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 26 جون 1893ع شاعر ۽ بزرگ سيد نجي الله شاهه راشدي (پير ڳوٺ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 26 جون 1927ع ليکڪ نور عباسي (ڀريا) جو جنم ڏينهن آهي. 26 جون 1944ع راڳي ڀڳت ارجن ڪنواڻي (گمبٽ / هندستان) جو جنم ڏينهن آهي. 26 جون 1953ع شاعر اقبال شينو (دادو) پيدائش جو ڏينهن آهي. 26 جون 1970ع شاعره پرهه سڪينه گاد (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 26 جون 1274ع مشهور اسلامي مفڪر ابو جعفر محمد نصير الدين طوسي جو انتقال ٿيو. 26 جون 1946ع سياستدان تهلرام لوڪومل جي ديهانت ٿي. 26 جون 1950ع موسيقار غلام علي چاڳلا (ڪراچي) جو انتقال ٿيو. 26 جون 1955ع صحافي تلوڪچند شرما (ڀريا / اجمير) جي ديهانت ٿي. 26 جون 1973ع شاعر محمد رمضان آزاد جو انتقال ٿيو. 26 جون 2005ع شاعر مجرم لغاري (جهڏو) جو انتقال ٿيو. 26 جون 2010ع مشهور شاعر احمد خان مدهوش (جوهي) جو لاڏاڻو ٿيو. 26 جون 2016ع صوفي راڳي جمال الدين فقير لاڏاڻو ڪري ويو. 26 جون 2020ع سياستدان ۽ اڳوڻو صوبائي وزير حاجي منور علي عباسي (لاڙڪاڻو) لاڏاڻو ڪري ويو.​ 26 جون 2020ع جماعت اسلامي جو اڳوڻو امير منور حسن وفات ڪري ويو.

No comments:

Post a Comment