Tuesday 20 June 2023

Sindh in history today (21st June). By.Dr.Pathan

Post consists of 3 Parts: 1. Good Day Wish by Dr.Pathan @@@@@@@@@@@ 2. Sind History in English by. Mumtaz Ali Pathan.@@@@@@@@@ 3) Sindh in History in Sindhi by. Dr.Pathan. @@@@@@@@@@@@@@@@@ SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {21st June} and Good Day Wish. ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [My Dear Heart & Mind! Fight with your self. Fight to win for me, Motherland and its people. Defeat your ego and interest. Let the love win for protection of beauty & peace. Be at war and be at par with your vision & wisdom] جا جئ اندر ۾ جنگ، سا ھوتن لاء تون ھار، انا اجائئ ھوڏ کي، تون پنھنجي من کي مار، نينهن سان پوء نهار،سرت سونھن سلام کي. ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {21ST JUNE} EVENTS: 1916: Sawami Devananda delivers his first lecture, to be followed by series of lectures on the request of ‘Hindu Shewak Mandal’ of Karachi. (Source: Daily Gazette, Karachi). 1920: NGO of Shikarpur, Citizens’ Association of Shikarpur elects its officer-bearers. They are Diwan Vishindas Jethmilani (President), Seth Ghanshamdas Rajpal (Chairman Managing Committee), Balwantsing Lokram (Secretary)and Ramchand of H.M.Academy (General Secretary). 1943: A resolution conveying warm greetings to the heroic Red Army and Soviet people is passed at a meeting of Sindh-Baluchistan Communist Party. The second anniversary of Soviet-German war is celebrated. (Source: Indian Annual Register, Vol-1, 1943) 1955: Muhammad Ayunb Khuhro, Pir Ali Muhammad Shah Rasdi, Mir Ghulam Ali Talpur, Haji Moula Bux Soomro, Seromal and Yousif Haroon are elected as members of the Constituent Assembly (Source: Newspapers). 1960: Abdul Qadir Sanjrani from Sindh is inducted in West Pakistan cabinet. (Source: Newspapers). 1962: Moulv iFarid Ahmad, politician from East Pakistan demands Friday instead of Sunday as holiday. (Source: Ibid). 1964: Z.A.Bhutto is awarded ‘Hilali-i-Pakistan’ for his valuable services regarding reshaping of country’s foreign policy. (Source: “Source-Material on Bhutto family’’, compiled by Gul Hayat Institute). 1968: Some of accused in Agartala Conspiracy case confess that they were planing for an independent East Pakistan (Source: Newspapers). 1980: Zakat system is introduced in Pakistan. There will be compulsory deduction of Zakat from Bank deposited. (Ibid). 1988: Supreme Court strikes down registration of political party’s clause. Decision is given in Benazir Bhutto’s petition on Party Act. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1992: Major Arshad pleads guilty of killing nine persons in TandoBahawal. Confession made before an army court of inquiry. (Source: Newspapers). Dr.Pathan. 22 جون جي حوالي سان وڌايل, ۽ سڌاريل سنڌ جي "وضاحتي واقعاتي تاريخ". تحقيق ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ. نئين, منفرد ۽ مستند انداز سان سالن کان سنڌواسين لاء سنڌ-شناسئ, تاريخ- بينئ ۽ تاريخ-فهمئ لاء تاريخ ٻڌائڻ جو اڻ-کٽ سلسلو. *************** توجه طلب واقعا *************** 21.6.1832: پاٽينجر اڄ پنهنجئ سرڪار کي ٻڌايو ته حيدرآباد وارو مير نور محمد خان بيمار ٿيو ته سرڪار جي اجازت سان سرجن هيٿرون کان سندس دوا ڪرائي وئي هئي. هاڻ مير جي طبيعت سڌري چڪي آھي. اوهان سرجن هيٿرون کي سنڌ ۾ رهڻ وارو الائونس ڏيو. 21.6.1842: آئوٽرام پنهنجي گورنر جنرل کي لکي ٿو ته مير حڪمرانن جي اسان خلاف ٿيندڙ سازش مٿان سازش, اسان جي طاقت ۽ واپار جي کي رسندڙ ڌچڪي وارئ صورتحال ۾ مير حڪمرانن سان نئين انداز سان ڳالهائڻ ۽ نئين معاهدي ڪرڻ جي ضرورت آھي. مير لاهي پاهي اسان جي مفادن خلاف ڪم ڪن ٿا. عوام اسان جي ٽپال ۽ رابطن جي ذريعن وسيلن کي ڇيهي رسائڻ جو جهڙوڪ قسم کنيو آھي. سنڌ ۾ اسان جي فوج جي نفري گهٽ آھي. هاڻي اسان کي ميرن کان پنهنجئ مرضئ وارا معاهدا زورئ مڃرائڻ گهرجن. هو لکي ٿو ته اسان کي پنهنجي آگبوٽس لاء ڪوئلي ۽ ٻارڻ جي بندوبست ڪرڻ لاء سنڌوندئ جي ڪنارن تي قائم جنهنگ ۽ ٻيلا وڍڻ گهرجن. بکر واري قلعي تي اسان جي سخت گرفت هجڻ گهرجي. 21.6.1848: سنڌ جي ڪمشنر کي ممبئي سرڪار اجازت ڏني ته ڪوٽڙئ ۽ سيوهڻ وچ ۾ ٽپال واري سسٽم وڌيڪ بهتر بڻاء. 21.6.1943: ڪراچئ ۾ ”سنڌ بلوچستان ڪميونسٽ پارٽئ" جي گڏجاڻي ٿي ۽ ان ۾ ٺھراء پاس ڪري روس جي عوام ۽ اتان جي "ريڊ آرمئ" کي مباڪون ڏنيون ويون. انھئ ڏينھن تي روس-جرمنئ وچ ۾ ٿيل جنگ جي ياد واري ڏينھن ملهايو ويو, جنهن ۾ روس کي ڪاميابي ملي هئي. 21.6.1952: آمريڪا پاڪستان کي 20 ملين ڊالر امداد ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. [پاڪستان کي قائم ٿيڻ کان وٺي ڪهڙن ملڪن ۽ ادارن ڪيتري مالي امداد ڪئي يا قرض ڏنو ۽ ان مان سنڌ کي ڪيترو حصو مليو, يا انھن قرضن/امداد ملڪي سياست تي ڪهڙا ۽ ڪيترا اثر وڌا, سنڌي معاشي محقق شايد قيامت تائين انھئ موضوع تي تحقيق نه ڪري!!!] 21.6.1955: پاڪستان قائم ٿئي سال گذريا, پر ملڪ جو آئين نه ٺھيو ته جيئن ڪي شاهينگ پنهنجي ذاتي مطلبن ۽ خواهشن مطابق حڪومت هلائي سگهن. اڄ سنڌ مان محمد ايوب کهڙو, پير علي محمد شاه راشدي, مير غلام علي ٽالپور, حاجي مولا بخش ۽ مکي سيرومل "آئين ساز اسيمبلئ" جا ميمبر چونڊيا ويا. 21.6.1960: سنڌ مان عبدالقادر سنجراڻئ کي "اوله پاڪستان حڪومت" ۾ وزير طور کنيو ويو. ون-يونٽ جي زماني ۾ سنڌ مان ڪهڙا ڪهڙا اسيمبلئ جا ميمبر ٿيا ۽ ڪهڙا ڪهڙا وزير ٿيا, انھئ موضوع تي تحقيق ٿيڻ جي ضرورت آھي. سنڌ جون اهي يونيورسٽيون جن ۾ ”پاڪستان اسٽڊيز"/"پوليٽيڪل سائنس"/”هسٽري" جا شعبا آھن, انھن کي هن موضوع تي ايم.فل يا پي ايڇ.ڊي ڪرائڻ گهرجي. 21.6.1964: پاڪستان سرڪار طرفان صدر ايوب هٿان ذوالفقار علي ڀٽي کي "هلال پاڪستان" ايوارڊ ڏنو ويو. [جڏهن ايوب-شاهئ خلاف تحريڪ چوٽ تي هئي ته ڀٽي اهو ايوارڊ واپس ڪيو هو] 21.6.1968: "اگر تله سازش ڪيس" ۾ پڪڙيل ماڻھن اڄ ٽريبينل اڳيان مڃيو ته هنن آزاد بنگلا ديش ٺاهڻ جي منصوبه بندي ڪئي هئي. [ اهي ماڻھون بي گناه هئا ۽ سياسي مخالفت جو نشانو بڻايا ويا هئا. پر هنن حڪومت جي ڏاڍ مان فائدو ورتو ۽ پنهنجو ڏوه باسي پنهنجي آزادئ جي تحريڪ کي شھرت ۽ هٿي ڏنائون. ان لاء هنن پنهنجي جان جي پرواه نه ڪئي. بنگالين غلام قومن کي ھڪ سياسي ڏانء ڏنو. اهڙي ڏوه ۾ بنگالي پڪڙي گم ڪيا ويا ته سندن ڀينرن ۽ مائرن روڊن رستن ۽ پريس ڪلبن اڳيان ڪو روڄ راڙو ڪونه ڪيو!!!] 21.6.1977: پي.اين.اي طرفان سندس حڪومت خلاف هلايل تحريڪ ۽ ٿيل ڳالهين تي اثرانداز ٿيڻ لاء ذوالفقار علي ڀٽي اقتدار جي آخري ڏينھن ۾ مسلم ملڪن جا هنگامي دورا ڪيا. اڄ ھن ڪوويت, ايران ۽ افغانستان جو دورو ڪيو. پر حالتن کي سندس ڪابه سياسي يا سفارتڪارئ واري ڪوشش بدلائي نه سگهي. 21.6.1980: جنرل ضياء الحق طرفان پنهنجئ مرضئ وارن مذھبي سڌارن آڻڻ جي پوئوارئ ۾ اڄ زڪوات جي زورئ ڪٽوتئ جو عمل شروع ٿيو. 21.6.1992: آرمي ڪورٽ اڳيان اڄ ميجر ارشد مڃيو ته ٽنڊو بهاول ۾ هن جي حڪم تي دهشتگرد نه پر بيگناه 9 هاري ماريا ويا. ************** {21 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 21 جون 1921ع فريڊم فائيٽر ڊاڪٽر ڀڳوانداس چندواڻي (سکر / اجمير) جي پيدائش ٿي. 21 جون 1932ع شاعر لائق سيتائي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 21 جون 1944ع شاعر سيف ٻنوئ جو جنم ڏينهن آهي. 21 جون 1951ع گلوڪار ڪشن ڪمار ڀولاڻي (جئپور) جي پيدائش ٿي. 21 جون 1953ع بيگناه ماري ويل محترمه بينظير ڀٽوجو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 21 جون 1037ع مشهور مسلمان سائنسدان، طبيب ۽ فلاسافر ابن سيناجو انتقال ٿيو. 21 جون 1935ع شاعر ۽ ليکڪ آخوند هدايت الله مشتاق هالائئ جو انتقال ٿيو. 21 جون 1938ع مذهبي عالم مولوي عبدالحڪيم راجنپوري جو انتقال ٿيو. 21 جون 1947ع فريڊم فائيٽر حاجي عبدالرحيم شاهه (سجاول) جو انتقال ٿيو. 21 جون 1963ع فريڊم فائيٽر حاجي علي شير ڀرٽ جو انتقال ٿيو. 21 جون 1989ع ليکڪ غلام محمد سومرو (حيدر آباد) جو انتقال ٿيو. 21 جون 2012ع سياستدان سيد اميد علي شاهه رضوي(ٽنڊو الهيار) جو لاڏاڻو ٿيو.

No comments:

Post a Comment