Sunday 18 June 2023

Sindh in history today (19yh June). Dr.Pathan

GOOD DAY WISH BY Dr.Pathan SPNDH IN HISTORY TODAY (ENGLISH) By. Mumtaz Ali Pathan SINDH IN HISTORY TODAY (Sindhi) By. Dr.Pathan SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {19th June} and Good Day Wish. ************ Dr.Pathan wishes you Good Day. [If you are well wisher of Human-beings without discrimination. If you love & respect and serve & support people, and if you are setting trends in sincerity & selflessness; and you are protecting & promoting truth, peace & beauty, then you have to face tough time. Ali, the greatest figure in Muslim history, was assassinated because of this noble cause. Dear! Don't be thankless. Love & respect those, who love & respect you and well wishers] جو ڪونہ ڄاٹي محبت ماٹھپو، سو پنھنجي محسن کي ماري، علئ ۽ سندس اولاد شھید ٿیو، جوحق سچ سمجھایوسونھاري، اھو ماٹھو هت گهنگهر ٿو گهاري، جو ساٿي سچ سرت سلام جو. ************ EVENTS (19th june) 1847: The Collector of Karachi is directed not to interfere in the affairs of Karachi town as all Magistraterial duties would be performed by the Police authorities. (Source: Govt.’ letter No. 2057). 1842: Differences are erupted over the ownership of some villages between Mir Ali Murad Khan and Mir Rustom Khan. Today, Mir Ali Murad Khan asks Lieutenant Brown that his case be taken up by the British Government and he would be willing to abide by their decision (Source: Letters No. 57, 127) 1850: Brigadier-General John Jacob forwards to Commissioner for approval a plan and description of the military limits at Khan Garag [Jacobabad]. (Source: His office letter No.821). 1917: The Larkana District Local Board approves Annual grants to following Schools: Sindh Madressah, Karachi-Rs.2500, D.J.Sindh College, Karachi-Rs.1000, Technical School Sukkur- Rs.100, A.V.School, Tilti-Rs.250, Larkana Madressah-Rs.2500, Mehar Madressah-Rs.500, A.V.School, Dadu-Rs.600, Girls School, Sehwan-Rs.100. 1932: The Muslim Majority of Sindh observes ‘Sindh Separation Day’. (Source: ‘Sindh ji Siyasi Jidojhid’). 1947: Muslim League High Command selects Karachi as the capital of Pakistan. Other proposals discussed were Lahore and Dhaka. (Source: History of the All-India Muslim League). 1954: Pakistan informs the Soviet Union of her decision to impose reciprocal restrictions on the movement of Soviet Diplomats in Pakistan (Source: Newspapers). 1968: The Agartala Conspiracy trial begins in Dhaka. The Special Tribunal is headed by Justice S.A.Raman (Source: Newspapers), 1996: Nawaz Sharif gives strike call to protest against the budget, terming it highly inflationary. (Source: Ibid). Dr.Pathan. 19 جون جي حوالي سان سنڌ جي "واقعاتي تاريخ". تحقيق ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ. *************** توجه طلب واقعا *************** 19.6.1839: سنڌ جو اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ لفٽيننٽ ليڪي پنهنجي سرڪار کي اطلاع ٿو ڏئي ته ايران طرفان حملي جو خطرو وڌي ويو آھي ۽ ميرن هنن حالتن مان فائدي وٺڻ ۽ اسان سان ٿيندڙ ٺاه تي صحيون ۾ دير ڪرڻ لاء مير نور محمد, مير نصير خان ۽ مير محمد خان فيصلو ڪيو آھي ته اسماعيل شاه ۽ سندس پٽ صادق شاه کي گورنر جنرل ڏي موڪليو وڃي ته جيئن ٿيندڙ ٺاه ۾ ڪجھ ڦير ڪئي وڃي. 19.6.1840: آئوٽرام اڄ پنهنجئ سرڪار کي خط ذريعي سنڌ ۾ غير فرنگين جي آمد ۽ چرپر جي خبر ڏيندي لکي ٿو ته ڪجھ ڏينھن اڳ ايران مان ڪي ماڻھون مسقط رستي ڪراچئ پهتا. ڪراچئ جي ميرن واري گورنر کين عزت ۽ حفاظت سان حيدرآباد پهچايو. هو ٽي ڏينھن سيد زين العابدين وٽ رهيا. هو هاڻي خيرپور کان ٿيندا لاهور ويندا. هنن کي ترڪي لباس پاتل آھي. هر ڪنهن وٽ پستول ۽ خنجر به آھي. 19.6.1842: سنڌ کي غلام ٿيڻ ۾ اڃان ڏينھن پيا آھن. سنڌ ۾ جتي ڪٿي ميرن جي حڪمراني آھي. پر حڪمرانن جا پاڻ ۾ اختلاف ٿين ٿا ته پاڻ ٻوڙو ٻڌي آچار نه ٿا ڪن. ليڪن فرنگين کي عاقل ۽ فاضل ڄاڻي فيصلا فرنگين کان ٿا ڪرائن. خيرپور جي مير علي مراد ۽ مير رستم علي خان وچ ۾ ڪن ڳوٺن جي مالڪئ جو مامرو ٿيو ته پوليٽيڪل ايجنٽ لفٽيننٽ بروان کي چيائون ته فرنگي سرڪار فيصلو ڪري. 19.6.1850: برگيڊيئر جنرل خان ڳڙھ (جيڪب آباد) ۾ ڇانوڻئ جي حدن جو پلان ٺاهي اڄ منظورئ لاء سنڌ جي ڪمشنر ڏي ڏياري موڪليو. 19.6.1917: فرنگي سرڪار تعليمي ادارن ۽ اسپتالن وغيره جي پاڻ مالي مدد ڪرڻ بدران اهو بار سنڌ جي ضلعي لوڪلبورڊن تي رکندي هئي. اهي بورڊ سنڌ مدرسي, ڊي.جي.ڪاليج, سکر جي ٽيڪنيڪل اسڪول ۽ مکيه اسپتالن کي جون مهيني گرانٽون ڏيندا هئا. 19.6.1932: هندن جي سخت مخالفت باوجود سنڌ جي اپر ڪلاس سنڌ جي ممبئئ کان علحدگئ واري تحريڪ هڪ زوردار تحريڪ بڻائي ڏيکاريو. اڄ انھئ سلسلي ۾ اڄ سنڌ جي وڏن شھرن ۾ ”سنڌ جي علحدگئ جو ڏينھن" ملهايو ويو. 19.6.1947: مسلم ليگ هاء ڪمانڊ ڪراچئ کي پاڪستان جي گادئ جو هنڌ/شھر طور منظور ڪيو/فيصلو ڪيو. [ياد رهي ته پاڪستان جي گادئ لاء ڍاڪا, لاهور ۽ ڪراچئ, ٽنھي شھرن تي سوچيو ويو هو. پر فيصلو ڪراچئ بابت ڪيو ويو] 19.6.1954: اگر تله سازش جي حوالي سان مجيب الرحمان ۽ سندس ساٿين تي ملڪ ٽوڙڻ ۽ ملڪ سان غداري ڪرڻ جي ڏوه ڪيس هلائڻ لاء جسٽس ايس.اي.رحمان جي قيادت ۾ ٽريبيونل جوڙيو ويو. [ سنڌ ۾ اهڙن ڏوهن لاء فردن تي ته ڪيس ڪيا ويا,پر ساڳي ڏوه ۾ گهڻن ماڻھن کي ملوث ڪري ڪو ٽرائبيونل نه بڻايو ويو. سنڌ ۽ اوڀر پاڪستان ۾ فرق اهو رهيو ته اتي عوامي ۽ اجتماعي تحريڪ ۽ سوچ ھلي ۽ سنڌ ۾ اها انفرادي تحريڪ ٿي اڀري] 19.6.1996: حڪومت بجيٽ پيش ڪئي ته اڄ نواز شريف بجيٽ کي عوام-دشمن چوندي اسٽرائيڪ جي ڪال ڏني. [بجيٽ خلاف اسٽرائيڪ ڪال ڏيڻ جي ريت ۽ روايت اڄ به قائم آھي] ************* { 19 جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 19 جون 1931ع ليکڪ هاشو پارواڻي (دادو / الهاس نگر) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 19 جون 1932ع ناليواري تعليمدان آپا مريم نوحاڻي(حيدر آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 19 جون 1937ع ليکڪ جمال رند جو جنم ٿيو. 19 جون 1944ع شاعر مير محمد پيرزادو(ٻلهڙيجي) جو جنم ڏينهن آهي. 19 جون 1950ع ليکڪ آفتاب ميمڻ (ڏيپلو) جو جنم ڏينهن آهي. 19 جون 1952ع صحافي حاڪم علي سهتو جو جنم ڏينهن آهي. 19 جون 1958ع بدين سان تعلق رکندڙ صحافي ظهير حسين حيدري جو جنم ڏينهن آهي. 19 جون 1981ع شاعر پروانو غفور لغاري جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 19 جون 1947ع بزرگ هري رام بائو (ڀريا) ديهانت ڪري ويو. 19 جون 1963ع غزل ۽ ڪلاسيڪل راڳ جي شهنشاهه راڳي استاد برڪت علئ جو انتقال ٿيو. 19 جون 1986ع شاعر ۽ صحافي حافظ احسن چنا (ملڪاڻي) جو انتقال ٿيو.

No comments:

Post a Comment