Wednesday 1 March 2023

Sindh in history today (2nd March). By. Dr.Dur Muhammad Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {2nd March} & My Good Wish. ************ سڄڻ سائين! سياڻا چوندا آھن ته ماڻھونء جي سائنٽيفڪ هجي. اها سوچ تاريخ-فهمي سان پيدا ٿيندي آھي. دل ۽ دماغ جي ليبارٽرئ ۾ شخصيتن جي قول ۽ فعل, سوچن ۽ لوچن جي غلط يا درست هجڻ جا نتيجا ڪڍيا ويندا آھن. اسان ماڻھون تاريخ پڙھڻ کان وئون ٿا وڃون, ان ڪري پنهنجي سوچن لوچن جا قبلا درست ڪري نه ٿا سگهون. اچو پنهنجي تاريخ پڙھون ۽ ان تي غور فڪر ڪري ڪا ڪارائتي واٽ وٺون. *********** 2 فيبرورئ جي حوالي سان سنڌ جي واقعاتي تاريخ ********** ** 1916ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ناليواري ليکڪ ۽ استاد پهلاج راءِ ليلارام واسواڻي ڪراچي ۾ ينگ عاملس ايسوسيئيشن طرفان ڪوٺايل ليڪچر پروگرام ۾ ”اسان کي پنهنجو پاڻ ۾ تبديلي ڇو آڻڻ گهرجي؟“ جي عنوان تي تفصيلي ليڪچر ڏنو، ينگ عامل ايسوسيئيشن ڪراچي جي ان وقت جي مشهور اين جي او هئي، جنهن ڪيترائي ادبي پروگرام منعقد ڪرايا. ** 1917ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ڪانگريس ڪاميٽي منارٽي بابت رپورٽ جاري ڪرڻ تي جسٽس اي رحيم جو شڪريو ادا ڪيو. ** 1930ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريزن خلاف شروع ٿيل عدم تعاون تحريڪ ۾ حصو وٺڻ لاءِ لاڙڪاڻي ۾ رضاڪارن پنهنجا نالا لکرايا، جڏهن ته ٻين شهرن ۾ به اهو سلسلو شروع ٿيو. ** 1943ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ مسلم ليگ جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته زميندارن جي مفادن جو تحفظ ڪيو وڃي. ** 1945ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي مان شايع ٿيندڙ روزاني اخبار الوحيد جي ايم سيد جي قائداعظم بابت رويي تي سخت تنقيد ڪئي. ** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ سيٽلائيٽ ٽائون جي منصوبابندي ڪئي وئي، جنهن ۾ هڪ لک 20 هزار ماڻهن کي ترسائڻ جو پلان تيار ڪيو ويو. ** 1963ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان ۽ چين وچ ۾ سرحدي حدبندين بابت معاهدي تي صحيحون ٿيون. ** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو هڪ تقريب کي خطاب ڪندي تاشقند معاهدي کي رد ڪيو، هن ايوب خان کي چئلينج ڏنو ته ڀلي ان معاهدي تي ساڻس بحث ڪيو وڃي. ** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي قومي اسيمبلي جو اجلاس ملتوي ڪرڻ واري معاملي تي حالتون خراب ٿي ويون، ڍاڪا ۾ ڪرفيو لڳايو ويو. ** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پي اين اي بلوچستان ۾ چونڊن جو بائيڪاٽ ڪندي مطالبو ڪيو ته صوبي مان فوج کي واپس گهرايو وڃي *********** اڄوڪي ڏينهن 2 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون جنم ڏينهن: 2 مارچ 1888ع سياسي اڳواڻ سر شاهنواز ڀٽوجو جنم ڏينهن آهي. 2 مارچ 1889ع شاعر سيد محمد عالم شاهه عالم جي پيدائش ٿي. 2 مارچ 1902ع ليکڪ ۽ پبلشر چوهڙ مل هندوجا (سنڌ / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي. 2 مارچ 1915ع صحافت ۽ سياست سان تعلق رکندڙ قاضي عبدالمجيد عابدجو جنم ڏينهن آهي. 2 مارچ 1923ع عظيم شاعر شيخ ايازجو جنم ڏينهن آهي. 2 مارچ 1930ع سگهڙ پنهل شيخ جو جنم ڏينهن آهي. 2 مارچ 1938ع ليکڪ جئه رام روهڙا (لاڙڪاڻو / الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي. 2 مارچ 1943ع ناليواري اسڪالر ۽ ليکڪ هيرو ٺڪر (حيدرآباد / دهلي) جو جنم ڏينهن آهي. 2 مارچ 1944ع شاعر واسديو موهي (ميرپور خاص / احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 2 مارچ 1964ع ليکڪ ڊاڪٽر گُل بليدي جو جنم ڏينهن آهي. 2 مارچ 1970ع شاعر وفا ياسين (پيارو آرائين) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 2 مارچ 1941ع شاعر هادي بخش شاهه مسڪين جي وفات ٿي. 2 مارچ 1995ع شاعر واجد ناز (لاڙڪاڻو) جو انتقال ٿيو. 1. Dr. Pathan wishes YOU Good Day. [Human-being is not only supper creation, but reflection of the Creator. He/she, in spite of limitations is lovely and soure of love & beauty, peace & progress. Whoever accepts & respects him/ her without discrimination, becomes Great, Ideal & Beloved] ڪي چون آدم سر الاھي، ڪن کي آدم سان عداوت، تان جو نوري ناري ناھ اھو، پر سندس عجب عظمت، پنھنجي ساٹس محبت رغبت، آھي سرچشمو سلام جو. ************* 2. SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {2nd MARCH} EVENTS 2nd March 1916: Eminent writer and teacher PahlajraiLilaramWasvani delivers his lecture on the topic ‘Why to change ourselves?’. The lecture is organized by the NGO of Karachi ‘Young Amil’s Association’. 1917: The Karachi Congress Committee in its meeting resolves to offer thanks to Justice A.Rahim on his ‘Minority Report’. The party also decides to demand ban on indentured labour . 1930: Enrolement of volunteers to participate in ‘Non-c-operation Movement’ starts in Larkano. Moorsing, Gurmal and Munshi are enrolled on the spot. 1943: Muslim League Assembly Party meets at Karachi and demands protection of interests of landlords. 1945: The Daily ‘Al-Waheed’ of Karachi criticizes G.M.Syed for his attitude towards Quaid-i-Azam and his strong worded criticism on him. 1954: A Satelite town is planned in Karachi under Town expansion scheme for 120,000 persons. 1963: Border Agreement is signed between Pakistan and China. 1969: Z.A.Bhutto, while addressing a big rally in Karachi, challenges President Ayub to have a debate on Tashkent Declaration. 1971: Postponement of the National Assembly session creates resentment. Curfew is imposed in Dhaka. 1977: PNA boycotts election in Baluchistan. Demands withdrawal of army from there.

No comments:

Post a Comment