Tuesday 28 February 2023

Sindh in history today (1st March). By. Dr. Dur Muhammad Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {1st March} & My Good Day Wish. ************* 1. Dr. Pathan wishes you Good Night. [To find self and to be self is the only way to understand, accept & respect others, their love & beauty, and to follow sincerity & sacrifice with trust & hope. Egotism is not only self-rejection, but also to deprive self and others of human values, requirements of instincts and urge of love & beauty, peace & progress] خودي ناھي ڪا ئي خواري پرین، آھي اصلئون خود پرستي عذاب، آپي مان اھو ئي ٿو نڪري وڃي، جنھن برہ جو پڙھیو ناھي ڪو باب، اھو ڇا ڄاٹي ڇاهي گناھ يا ثواب، جو سمجھي نہ حساب سونهن جو. ************* 2.SINDH IN HISTORY TODAY (1st MARCH) EVENTS: 1848: British Government of Sindh intended to open post at Khandhkot, but the Government of Khairpur state raised objections. Therefore the Commissioner in Sindh directs Resident at Khairpur to take Khairpur ruler in confidence and make him believe that an opening post will be equally in the interest of both government and an object is the maintenance of peace on the Frontier. 1918: There is acute shortage of class rooms in the Primary school of GajiKhuhawar and pupils are getting education under shadow of tree.Therefore Dy. Collector of Mehar requests the District Local Board Larkano for allowing to run school in Musaferkhano. 1924: Quran Sharif is put on fire at Ratodero. Parchomal and two others are arrested under Section 295 of I.P.C and are brought before the court of the District Magistrate Larkano. BhojsingPahlajani Advocate of Sukkur pleads case in favour of Hindus. Whereas Pirzado Bar at Law appears for the Muslim side. 1930; Ulema of the District Larkano meet at village Wagan and decides to reorganize ‘Jamiat-ul-Ulema Sindh’. MoulanaKhus Muhammad Mirokhani, Moulana Muhammad Azim ‘Sheda’ and Moulana Muhammad Suleman ‘Waiz’ take active part in the move. 1933: LalchandNawalrai, while participating in debate in the session of the Indian Legislative Council demands withdrawal of ‘import Duty’ on material relating to Film Industry and criticizes the composition of ‘Joint Parliamentary Committee’, in which due representation of Minority has been ignored. 1948: Pakistan’s first coin and currency come into circulation. 1956: Pakistan decides to set up high –powered Atomic Energy Commission. 1962; The President enacts a new constitution providing for presidential form of government. Two third majority of the National Assembly can amend the constitution with the prior permission of the president. 1963: Guddo Barrage is inaugurated. 1971: National Assembly session of 3rd March is postponed on the plea that more time is being given to political leaders to arrive at a reasonable understanding on the issue of constitution-making. 1976: General Zia-ul-Haq takes over as Chief of the army staff and replaces General Tikka Khan. ***** واقعاتي تاريخ ************ 1.3.1843: ڪراچئ ۾ گرفتار ٿيل ميرن جي عملدارن کي فرنگي حڪومت آزاد ڪيو. نائونمل جي ڀاء سکرام داس کي ڪسٽم جو ڪليڪٽر ۽ ديوان مولچند کي ڪراچي ٽائون پوليس ٿاڻي جو انچارج مقرر ڪيو ويو. **1848ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي انگريز حڪومت ڪنڌڪوٽ ۾ پوسٽ آفيس کولڻ جو فيصلو ڪيو پر خيرپور رياست جي حڪومت ان تي اعتراض واريا، جنهن کانپوءِ ڪمشنر سنڌ خيرپور ۾ مقرر ريزيڊنٽ کي حڪم جاري ڪيو ته هو خيرپور جي حڪمران کي اعتماد ۾ وٺي، پوسٽ آفيس جي قيام سان سنڌ کي فائدو ٿيندو. 1.3.1918: هندستان سرڪار جي ڊائريڪٽر اڄ سرڪار کي لکيو ته سنڌي پرڏيهي واپاري جنهن جنهن ملڪ ۾ واپاري ڪوٺيون قائم ڪري ويٺا آھن, اتان هندستان جي فرنگي سرڪار خلاف ڪم ٿا ڪن, باغي جماعتن کي ڏوڪڙ ٿا ڏين ۽ اسان جي مخالف حڪومتن سان رابطو رکي انهن جو لٽريچر گهربل هنڌن تي پهچائن ٿا. ** 1918ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ميهڙ جي ڊپٽي ڪليڪٽر ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ لاڙڪاڻي جي انتظاميا کي درخواست ڪئي ته گاجي کهاوڙ ۾ اسڪولن جا ڪلاس روم ٺهرائي ڏنا وڃن، واضح رهي ته گاجي کهاوڙ ۾ موجود پرائمري اسڪول ۾ ڪلاسن جي عمارت ٺهيل نه هئي، جنهن ڪري ٻارڙا وڻ جي ڇانو ۾ ويهي تعليم پرائي رهيا هئا. 1.3.1924: رتيديري ۾ ڪن ھندن سر عام قرآن شريف کي ساڙيو. پوليس انهئ ڏوه ۾ پرچومل ۽ سندس ساٿين کي انڊين پينل ڪوڊ جي قلم 295 هيٺ گرفتار ڪري چالان ڪيو. ** 1933ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انڊين ليجسليٽو ڪائونسل ۾ سنڌي ميمبر لالچند نول راءِ مطالبو ڪيو ته فلم انڊسٽري سان لاڳاپيل سامان تي امپورٽ ڊيوٽي ختم ڪئي وڃي پر ان تجويز جي مخالفت ڪئي وئي. ** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان جو پهريون سڪو ۽ ڪرنسي مارڪيٽ ۾ اچي وئي. ** 1956ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان حڪومت ايٽامڪ انرجي ڪميشن قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ** 1963ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گڊو بئراج جو افتتاح ڪيو ويو. ** 1976ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جنرل ضياءُالحق جنرل ٽڪا خان جي جاءِ تي آرمي چيف جو عهدو سنڀالي ورتو. 1.3.1986: شڪارپور ۾ صوفي جهامنداس جي جوڙيل ”اداره سچل سرمست“ طرفان درگاه غلام فريد جي سجاده نشين خواجه عبدالرسول جي صدارت هيٺ مشاعرو ٿيو. 1.3.2003: سعيد سومري جي صدارت هيٺ سنڌي ادبي سنگت قمبر شاخ جي دستوري گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ ڪوڙل قربدار, اداسي چانڊئي, سرمد سومري, رياضت ٻرڙي, شبير حسين ۽ منير چانڊئي شرڪت ڪئي. ************* اڄوڪي ڏينهن پهرين مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: احسن ڪربلائي (ٽنڊوآغا / شاعر / 1897)، مينهل فقير مهر (طيب / شاعر / 1920)، نورالدين ”نور“ (ڏاتو جي وانڍ / شاعر / 1929)، محمد پنهل شيخ (ڦل پوٽا / سگهڙ شاعر / 1930)، عبد الحليم ”جوش“ (ڪراچي / شاعر / 1931)، گل حسن گوپانگ (شاعر / 1933)، گورڌن ڪرشناڻي (ڳيريلو – اجين / اديب / 1933)، سوڀراج مينگهاڻي (ميرپورخاص – ممبئي / اداڪار / 1934)، موتي لعل ٺڪر (سيوهڻ – اجمير / سماج سڌارڪ / 1934)، قنمبر ڪوهستاني (ٿاڻو بولان خان / شاعر / 1935)، عام جائي ڪوڏ (عامر جي – بئراڳڙهه / شاعر / 1935)، ڪشن موٽواڻي (ملڪ – اجمير / اداڪار / 1936)، سيد غلام رسول ”سوز“ (اصغرآباد / شاعر / 1938)، ڊاڪٽر شاهنواز ٻرڙو (گهٽهڙ / محقق / 1938)، لعل ”لاچار“ (نواب شاهه – گانڌيڌام / شاعر / 1938)، جان محمد ڪٽوهر (اميد علي / اديب / 1939)، مستنصر حسين تارڙ (لاهور / ليکڪ، اداڪار ۽ ڪمپيئر / 1939)، الاهي بخش شيخ (روهڙي / اديب / 1939)، عبدالخالق ”آزاد“ ڀٽو (شاعر ۽ سياستدان / 1942)، نٿو مورواڻي (ٽنڊوباگو / شاعر / 1945)، حسن هڪڙو (بٺي هڪڙا / شاعر / 1945)، هريش ميرچنداڻي (حيدرآباد – ممبئي / سنگيتڪار / 1946)، غلام عباس ”بدر“ (شاعر / 1947)، جئڪشن ”آمليٽ“(الهاس نگر/گائڪ، سنگيتڪار / 1947)، ”حبيب“ سنڌي (چوکنڊي / شاعر / 1948)، محسن علي ”محسن“ شر (مينگهو شر / شاعر / 1948)، ڊاڪٽر درشهوارسيد (سن / محققه / 1949)، ملڪ الطاف حسين (جيڪب آباد / صحافي / 1953)، منصور عالم ابڙو (قمبر علي خان / مصور ۽ اديب / 1953)، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو (بجار تعلقو قنمبر / زرعي سائنسدان ۽ استاد / 1955)، نظر محمد ڳاهو (خيرپور / سياسي ۽ سماجي اڳواڻ/وڪيل / 1956ع)، آفتاب ابڙو (ڏوڪري / اديب / 1956ع)، سجاد ميراڻي (پريان لوءِ / شاعر / 1956)، گل بيگ ”گل“(شاعر / 1957)، ”سائل“ وسطڙو (شاعر / 1958)، محمد قاسم ”نوشاد“ (رستم / شاعر / 1958)، سائينداد ساند (شاعر / 1959)، منصور عباسي (مسو ڪلهوڙو / اديب / 1959)، حامد ڪلوڙ (عادلپور / شاعر / 1960)، غلام اصغر ”آزاد“ (شاعر / 1961)، زاهد راهوجو (اديب / 1961)، نازسهتو (صحافي / 1963)، جڳديش شيوڪاڻي(اجمير / اديب / 1963)، سڪندر مگسي (بدل مگسي / شاعر / 1964)، عنايت راهي (ميهڙ / شاعر / 1966)، امان چنو (ڇتومنگي / شاعر / 1966)، سرور سميجو (دلدار سميجو / اديب / 1968)، احمد مغل (پريا لوءِ / گلوڪار / 1968)، منصور حسين شيخ (شڪارپور / صحافي / 1969)، منصور گوزائي (گوزو / شاعر / 1969)، جاويد لانگاهه (گوزو / اديب / 1969)، ”وفا“ منظور چوهاڻ (شڪارپور / شاعر / 1969)، ثاقب لطيف(جيڪب آباد / صحافي / 1970)، مارو جمالي (اديب / 1970)، امان الله عرف سليم لاکو (آباد لاکا / اديب / 1970)، نثار عڪاس (رتوديرو / شاعر / 1971)، احمد علي ڪلهوڙو (خيرمحمد آريجا / صحافي / 1972)، دامن علي جتوئي (ماٽو / صحافي / 1972)، جبار ملاح (عليم / شاعر 1973)، ميرمحمد ”رضا“ (تاڪو وڏو / شاعر / 1973)، اخلاق چارڻ (دادو / 1976)، ساحل لاشاري (ڳاڙهي / شاعر / 1976)، ”وفا“ ڪوڙل چنو(ابڙان / شاعر / 1977)، يوسف سارنگ (مڪومعظم / اديب / 1978)، حبدار سولنگي (ڳيريلو / اديب / 1978)، جاويد سوز هالائي (شاعر / 1978)، زمان سومرو (پاٽ / اديب / 1979)، عبد الصمد سومرو (ميرڻ دڙو / اديب / 1979)، گلڻ ڄامڙو (گل محمد ڄامڙو / 1979)، شاهد آفريدي (ڪرڪيٽر/ 1980)، شير مهراڻي (احدي راڄپر / شاعر / 1980)، نورحسين مغيري (خدابخش / اديب / 1980)، ڪرم خان احمداڻي (ڊگهڙي / اديب / 1980)، سلامت جويو (دادو / اديب / 1981)، فرحانه قريشي (دادو / اديبه / 1981)، مختيار سهتو (ٽنڊو غلام علي / شاعر / 1982)، منير پنهيار (ڪنب / شاعر / 1983)، سيد منظور شاهه (موندر / اديب / 1984)، اصغر جمالي (شاهه محمد / اديب / 1986) وڇوڙو: مولانا محمد هاشم قاسمي (1940)، مير سهراب خان ثالث (1962) پير خدا ڏنو رضوي (1963)، سيد خادم حسين شاهه نصرپوري (1963)، مولانا علي محمد ڪاڪيپوٽو (1967)، محمد خان ”غني“ (ٽنڊومحمد خان / شاعر / 1979). مراد علي مرزا (حيدرآباد / ڊراما نگار، افسانه نگار ۽ ناول نگار / 2011ع) مشتاق چنگيزي ( سنڌي فلمن جو هيرو / 2012ع)

No comments:

Post a Comment