Sunday 5 March 2023

Sindh in history today (6th March). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {6th March} & My Good Day Wish. ************* WISH YOU GOOD DAY with love, respect and regards. Dr. Dur Muhammad Pathan. Founder, Gul Hayat Institute. [ CENTRAL IDEA OF MY POETRY: Life is not a bed of roses. It always gives tough time to those, who are men of vision & wisdom and work for love & beauty and peace & progress. Whoever has such noble cause, will be misunderstood, betrayed and opposed terribly. But, hatred & discrimination can't block their way. They are never disappointed but, are Golden Hearts and Loving Souls, sincere and dedicated with Noble Cause.] هر دفعي زندگئ شڪست ڏني هر دفعي زندگئ کي ماري ويس., سکن جي سيج نہ ٿي زندگي پر ڏکن ۾ کلي سا گهاري ويس, ٻاٽ اونده ڪڻدا ڪي رهيا پر مان لاٽ ھر دفعي ٻاري ويس, ڀروسن کي درياه ۾ لوڙھيو ويو ماڻھپو مگر مان تاري ويس, سمجھ آئون هاري ويس, پر دليون دعائن سلام سان ٺاري ويس ************* SINDH (including Pakistan)IN HISTORY TODAY {6th MARCH} EVENTS: 1843: Governor-General of India requests Charles Napier to take up himself the Government of of the Province of Sindh and also intimates him that he had asked the Commander-in-Chief to send two regiments of infantry and one of artillery to Sukkur, so as to protect invaded Sindh country from any threat. 1916: Annual General meeting of the Zorastrian Club of Karachi is held to elect new office-bearers. Those elected are: K.B.Nusserwanji R. Mehta (Father of Jamshed Mehta/President), Dhanji Shaw Jamsetji&BurjorajC.Dubash (Vice Presidents), KawasjiH.Katrak (Chirman of Managing Committee), RuttonjiByramjiEdulji&NadirshawR.Mehta (Joint Secretaries), H.P.Byramji (Treasurer) and B.P.Golwalla (Hon.Steward) 1920: RaisGhulam Muhammad Bhurgri writes to the Governor of Bombay and demands curtail of powers of Sindh Commissioner. 1934: Dow Committee Report recommends Government for the separation of Sindh from Bombay Presidency one year earlier than promulgation of new scheme of Reforms. 1953: Following widespread rioting against Qadyanis, Punjab is put under military rule. General Azam is appointed M.L.A. 1971: General Tikka Khan is appointed as Governor of East Pakistan replaces S.M.Ahsan. سنڌ جي تاريخ مان توجه ڇڪرائيندڙ واقعا ************* 6.3.1843: ٺڳئ ۽ دهمان سان سنڌ تي قبضو ڪندڙ نڀاڳي نيپيئر کي سرڪاري طور تي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو. 6.3.1843: متان اتر سنڌ مان فرنگين خلاف باه ڀڙڪي نه پئي, ان لاء فيروزپور مان فوج گهائي سکر ۾ گڏ ڪرڻ جو گونر جنرل اڄ فيصلو ڪيو. 6.3.1843: سنڌ جي فرنگي گورنر کي سندس گورنر جنرل هدايت ڪئي ته لکپت وجهو سنڌوندئ کي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ دوران ايندڙ رڪاوٽون هٽاء. 6.3.1843: گورنر جنرل اڄ نيپيئر کي هدايت ڪئي ته سنڌوندئ جي ٻنهي پاسن وارو پرڳڻو پنهنجي هٿ هيٺ رک. 6.3.1916: ڪراچئ جي قسمت ۾ ڦيرو تڏهن آيو, جڏهن نيپيئر ان کي گادئ جو شهر بڻايو. ان کان پوء هندستان جي مختلف شھرن مان واپاري لڏي اچي هن شھر ۾ آباد ٿيا. ڪيترا پارسي واپاري ته سنڌ تي قبضي ٿيڻ کان اڳ فرنگي فوجين کي سامان وڪڻڻ لاء ساڻن گڏ آيا هئا. پوء اهي سکر ۽ ڪراچئ ۾ آباد ٿيا. ڪراچئ ۾ جيڪي به واپاري برادريون آيون, انهن پنهنجو ۽ ڪراچئ جو تشخص قائم رکيو. ڪنهن به برادرئ ڪراچئ يا ان جي ڪنهن حصي کي ڌار ڪرڻ جي ڳالھ نه ڪئي, پر هنن سنڌين سان ٻوڙو ٻڌي آچار ڪيو ۽ شھر کي ترقي وٺرائي. پارسين جي آڳاٽي ڪلب هئي ”زوريسٽرين ڪلب“ اڄ ان جي سالياني ميڙ ۾ ڪلب جون هن ريت چونڊون ڪيون ويون: خانبهادر نسروانجي آر مهتا- جمشيد مهتا جو پئ (صدر), ڌنجي شا جيمسٽي (نائب صدر-1), بروجنجي سي ڊباش (نائب صدر-2), ڪائوسجي ايڇ ڪئٽرڪ (چيئرمن انتظاميه ڪميٽي), رتن جا بيرام جي ايڊلجي (جوائنٽ سيڪرٽري) ۽ ايڇ پي بيرامجي )خزانچي). 6.3.1920: رئيس غلام محمد ڀرڳڙئ اڄ ممبئي جي گورنر کي سنڌ جي ڪمشنر اختيارن کي گهٽائڻ لاء لکيو ۽ شڪايت ڪئي ته 1898 واري ايڪٽ مطابق ڪمشنر کي ايترا اختيار ڏنا ويا آھن جو هو ڪنهن وزير جي به ڳاله نه ٿو ٻڌي. 6.3.1934: ”ڊو ڪميٽئ“ سرڪار کي پنهنجي رپوٽ پش ڪئي, جنهن ۾ سفارش ڪئي وئي ته هندستان ۾ نون آئيني سڌارن آڻڻ ۽ لاڳو ڪرڻ کان هڪ سال اڳي ئي سنڌ کي ممبئي کان الڳ ڪري, ان کي صوبو بڻايو وڃي ( اها رپورٽ گل حيات ۾ به موجود آھي). 6.3.1953: پنجاب ۾ قاديانن خلاف وڳوڙن گنڀير صورتحال اختيار ڪئي. ان ڪري جنرل اعظم جي اڳواڻئ ۾ صوبي کي فوج حوالي ڪيو ويو. 6.3.1956: ڪراچئ ۾ ٽن ڏينهن واري سيٽو SEATO ڪانفرنس شروع ٿي. 6.3.1968: تربيلا ڊيم تعمير ڪرڻ جو ٺيڪو 827 ملين ڊالرن ۾ ”اٽلين-فرينچ ڪنسورشيم“ کي ڏنو ويو. 6.3.1969: ڪراچئ جي سائيٽ ايريا ۾ ھنگامو شروع ٿيو. مليشيا فورس کي گهرايو ويو. وڳوڙ ۾ ٻه ماڻھون مري ويا ۽ ڪيترا زخمي ٿيا. 6.3.1971: ليفٽيننٽ جنرل ٽڪا خان کي اوڀر پاڪستان جو گورنر بڻايو ويو. هن اعلان ڪيو هو ته اسان کي ماڻھون نه پر ڌرتي گهرجي. پر تاريخي حالتن سندس اها اميد پوري نه ڪئي. 6.3.1979: حفيظ پيرزادي اڄ جنرل ضياء الحق, جنرل عارف ۽ جنرل چشتئ سان ملاقات ڪئي. چيو وڃي ٿو ته پيرزادي هنن سان ڀٽي جي سزا معاف ڪرڻ لاء گذارش ڪئي. 6.3.1981: پي آء اي جو جهاز افغانستان ڀڄائي ويندڙن اڄ ڪئپٽن طارق رحيم کي اڦٽ ماريو ۽ پاڪستان سرڪار کي 8 مارچ تائين مطالبن مڃڻ جو چتاء ڏنو. ************* 6 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 6 مارچ 1903ع سياستدان آغا عبدالنبي (سلطان ڪوٽ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي . 6 مارچ 1909ع سيد صبغت الله شاهه سورهيه بادشاهه جي ولادت ٿي. 6 مارچ 1921ع شاعر محمد صالح لاکو (ٻڍو ڏاهري) جو جنم ڏينهن آهي. 6 مارچ 1934ع ليکڪ ارجن سچاڻي (سکر / راجڪوٽ) جو جنم ڏينهن آهي. 6 مارچ 1938ع اسڪالر عبدالرحمان قريشي جو جنم ڏينهن آهي. 6 مارچ 1938ع ليکڪ منوهر مٽائي (ڪراچي / نئين دهلي) جو جنم ڏينهن آهي. 6 مارچ 1952ع ليکڪ امين ٿيٻو جو جنم ڏينهن آهي. 6 مارچ 1959ع مشهور شاعر اياز گُل(سکر) جو جنم ڏينهن آهي. 6 مارچ 1980ع شاعر سعيد سچائي (ڪي اين شاهه) جو جنم ڏينهن آهي. 6 مارچ 1980ع ليکڪ آزاد انور ڪانڌڙوجو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 6 مارچ 1967ع ديني عالم ابوبڪر شبلي(لاڙڪاڻو) جي وفات ٿي. 6 مارچ 1990ع مشهور گلوڪاره مالا وفات ڪري وئي. 6 مارچ 1992ع سياسستدان ۽ اڳوڻو وزير اعلى ڄام صادق علي وفات ڪري ويو. 6 مارچ 2000ع ليکڪ ۽ شاعر الله بخش انيس انصاري جو لاڏاڻو ٿيو. 6 مارچ 2001ع ليکڪ ۽ شاعر انور ضياء عباسي(ميهڙ) انتقال ڪري ويو.

No comments:

Post a Comment