Monday 27 March 2023

Sindh in history today (28th March). By. Dr.Pathan

Dur Muhammed Pathan: SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {28th March} Good Day Wish, Events from history and my Video Talk link on Sindh history. ************* *** واقعاتي تاريخ ************* 28.3.1844: ڪمپني حڪومت سنڌ سرڪار کي اجازت ڏني تي ڀلي شڪارپور ۾ جيل ٺھرايو. (جابلو قبيلن جي وقت به وقت ڦرلٽ ۽ گرفتاري هن جيل جوڙڻ جو جواز بڻي). 28.3.1851: سنڌ سرڪار خانڳڙه {جيڪب آباد} ۾ فوجي ڇانوڻي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو. 28.3.1857: ڪراچئ جي ڪليڪٽر سيوهڻ سب ڊويزن جون ديهون تجويز ڪري, لسٽ ٺاهي منظورئ لاء ڪمشنر کي موڪلي ڏني. 28.3.1916: هرچندراء وشنداس جي صدارت ۾ ڪراچئ جي خالق ڏني هال ۾ جلسو ٿيو, جنهن ۾ وائسراء لارڊ ھارڊنگ جي واکاڻ ڪئي وئي ته هن پنهنجي تدبر سان ملڪ بهتر نموني هلايو. هن جلسي جا مک تقرير ڪندڙ هئا: راء بهادر آلومل ٽيڪچند, خانبهادر نسروانجي, گدومل ليکراج, درگداس آڏواڻي, لوڪومل چيلارام ۽ ڊاڪٽر ڌالا. 28.3.1956: الائي کل جهڙي ڳالھ آھي يا گنڀيرتا سان سوچڻ جهڙي ڳالھ آھي ته سياسي سرگرمين ڪري سنڌي سياستدان تحريڪ آزادئ يا تحريڪ پاڪستان دوران ايڏي تعداد ۾ جيلن ۾ نه ويا, پر پاڪستان واري ابتدائي دور کان اهي جيلن ۾ ضرور ويا. اڄ قاضي فضل الله ۽ پير الاهي بخش کي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو. 28.3.1964: پاڪستان جي پرڏيهي وزيرن ۽ وزير اعظمن مان ذوالفقار علي ڀٽو اهو واحد ماڻھو هو, جنهن ڪشمير تي گهڻو ڳالهايو ۽ گهڻي جاکوڙ ڪئي. ان سلسلي ۾ اڄ چئي ٿو ته ڪشمير مامرو پاڪستان ۽ انڊيا جي لاڳاپن تي منفي اثر وجهي رهيو آھي. 28.3.1977: “ڌاڌلئ وارن چونڊن“ جي نتيجي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ته وزير اعظم ٿي ويو, پر پي.اين.اي جي اڳواڻ مفتي محمود اڄ چيو ته قومي اسيمبلي عوامي نمائندگي نه ڪري ۽ اسان هن اسيمبلئ کي نه ٿا مڃون. 28.3.1994: ايم.ڪيو.ايم جي ابي الطاف حسين تي غدارئ جو ڪيس ڪيو ويو. 28.3.1995: سرڪار حيدرآباد مان هڪ سو مخالف سياسي ڪارڪن گرفتار ڪري ورتا. (عجيب ڳالھ آهي ته مخالفن کي جڏهن ڪڏهن وڏي پئماني تي گرفتار مارچ جي پوئين هفتي ڪيو ويو/ويندو آھي. صدر يحيا ايئن ڪيو, ذوالفقار علي ڀٽي ۽ بينظير به مارچ ۾ مخالف گرفتار ڪيا ۽ موجود حڪومت به عمران جا پوئلڳ ايئن مارچ ۾ گرفتار پئي ڪري). ************* ڏينهن 28 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 28 مارچ 1888ع مذهبي اسڪالر علامه محمد قاسم مشوري جو جنم ڏينهن آهي. 28 مارچ 1899ع ليکڪ ڀوڄومل جيوت رام (سنڌ / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي. 28 مارچ 1912ع سماجي ڪارڪن ابراهيم دائود گلزار ميمڻ(حيدرآباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 28 مارچ 1964ع شاعر ۽ نثر نگار نصير سومري جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 28 مارچ 1968ع شاعر بشير احمد ”جگر خون“ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 28 مارچ 1975ع باليووڊ اداڪار اڪشي کناجو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 28 مارچ 1985ع مشهور ملهه پهلوان رستمِ سنڌ شير ميربحرانتقال ڪري ويو. 28 مارچ 1990ع مذهبي اسڪالر علامه محمد قاسم مشوري لاڏاڻو ڪري ويو. Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Your Golden Heart is the Palace of Allah and full of Human love and respect. Selfish Soul can't stay there. You can't keep people like shadows with you when you are encircled by sorrows & longings. Ever running clouds never rain. Don't expect much of them. Who becomes tool of hatred and discrimination, can't be source of sincerity, beauty and love. Who can't listen to her/his nature and instincts, can't listen your love and respect song.] تنهنجي دل تہ خدا جو گهر آھي ان ۾ نفرت پرست رهي ڪيئن سگهندو؟ تانگھ ڇڏ پچر ڇڏ پاڇي جي ڏک جي ڀلا اونده ۾ ڪيئن هو اتي رهندو؟ ٿاڪ جو مٽائي اهو رمندو ڪڪر ڪٿ ڪڏهن بہ ناهي ڪڏھن ڪو وسندو، سو تنهنجو ناهي جو نينهن بدران سدائين انا ضد جي نهن تي پيو نچندو، تنهنجو سلام ات تي رسندو، جت سونهن ۽ سرت جي نگري ڪا آباد هوندي. ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY (28th March) EVENTS: 1843: The Governor General of India agrees with Governor Sindh, Charles Napier that Karachi be made capital of Sindh, and advises that communication between Hyderabad and Karachi be facilitiated, public buildings be erected and water be obtained from the under Gizri Hills. 1916: The Karachi Citizen’s Club lauds services rendered by Lord Harding for India and British Subject. Seth Harchandrai Vishindas presides over the public meeting held in Khalikdina Hall of Karachi. RaiBahadurAlomalTikamdas, Khan BahadurNusserwanji; JamshedNusserwaniji; GidumalLekhraj, Framroz E. Panthakey; DurgdasB.Adavani;LokomalChelaram; D.D.Dhala speak on the occasion and praised Lord Harding and his services. 1956: KaqiFazul-ullah and PirIllahiBux are released on bail. KaziFazul-ullah was one of absentees members, when Sindh Assembly voted for favouring One-Unit Scheme. 1977: Z.A.Bhutto takes oath as Prime Minister of Pakistan. Mufti Mahmmod says that newly elected National Assembly is not representative forum of the people and by the people. 1994: Sedition case is registered against MQM Chief Altaf Hussain, in Karachi. 1995: In a massive crackdown, police arrests in Hyderabad 100 political activists of various parties. [28/03, 5:38 am] Dur Muhammed Pathan: https://youtu.be/vtdbXVoWPsU

No comments:

Post a Comment