Thursday 9 March 2023

Sindh in history today (10th March). In Sindhi & English. By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {10Tth March} & My Good Day wish. ************ ************* 10.3.1843 انگريزن کان اڳ سنڌ ۾ ” غلامن جو واپار" ٿيندو هو. خود مير به حبشي غلام رکندا هئا. اڄ ڪمپني حڪومت سنڌ جي گورنر نيپيئر کي غلامن جي واپار کي سختئ سان بندش وجھڻ لاء لکيو 10.3.1923 مولوي محمد هاشم جي صدارت ۾ ميرپور ماٿيلي ۾ خلافت جو وڏو جلسو ٿيو. 10.3.1940 سنڌ ليجسليٽو اسيمبلئ جي عمارت ٺاهڻ لاء پيڙھ جي پٿر رکڻ جي رسم ادا ڪئي وئي. 10.3.1943 مسلم ليگ سان واسطو رکندڙ سنڌ اسيمبلي ميمبرن پنھنجئ گڏجاڻئ ۾ ٺھراء پاس ڪري, حڪومت کان مطالبو ڪيو ته: 1. گانچي جي وڪري تي بندش وڌي وڃي, 2. رشوت بند ڪرڻ لاء عملدار مقرر ڪيا وڃن ۽ 3. بدامنئ جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاء ڪميٽي جوڙي وڃي. 10.3.1950 پير الاهي بخش کي پنجن سالن لاء مسلم ليگ مان ڪڍيو ويو 10.3.1952 قائد اعظم جي ڀيڻ فاطمه جناح وڏي جلسي کي خطاب ڪندي آئين-سازئ واري سست عمل جي ندا ڪئي. 10.3.1969 ايوب پنهنجي اقتدار جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي بچائڻ جي آخري ڪوشش ڪئي. حڪومت ۽ مخالف ڌر جون ڳالهيون شروع ٿيون. انھئ گڏجاڻئ ۾ مولانا مودودي, دولتانا, نوابزادو نصرالله, سردار شوڪت ۽ مفتي محمود وغيره شامل ٿيا. 10.3.1974 پنجاب جي وڏي وزير ۽ پيپلز پارٽئ جي شروعاتي ميمبر غلام مصطفا کر استعيفا ڏني 10.3.1995 ڪراچئ ۾ مسجد ۾ بم ڌماڪو ڪري 12 نمازي شھيد ڪيا ويا 10.3.1992 سنڌي ادبي سنگت صابو راهو شاخ جون ھن ريت چونڊون ٿيون: فدا سنجراڻي (سيڪريٽري), عبدالرحمان سائر (جوائنٽ سيڪريٽري), حماد راهو (آڊيٽر) ۽ عبدالجبار لاکو ( خزانچي) ************* ڏينهن 10 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون جنم ڏينهن: 10 مارچ 1872ع مولانا عبيدالله سنڌيجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 10 مارچ 1910ع صوفي الله بخش عرف سهڻو سائين جي خانواهڻ ۾ پيدائش ٿي. 10 مارچ 1913ع شاعر چندومل پرديسي (شڪارپور / الهاسنگر) جو جنم ڏينهن آهي. 10 مارچ 1923ع سماجي ورڪر سندرداس (سکر / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي. 10 مارچ 1932ع شاعر زيب ڀٽي (ٽنڊو محمد خان) جو جنم ڏينهن آهي. 10 مارچ 1933ع شاعر ۽ ليکڪ بشير مورياڻي(شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 10 مارچ 1935ع شاعر ۽ گلوڪار گل پاروهت (ڪراچي / الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي. 10 مارچ 1935ع آرٽسٽ شهزادو گلفام جو جنم ڏينهن آهي. 10 مارچ 1938ع شاعر ذوالفقار راشدي (شاهه ڳوٺ) جو جنم ڏينهن آهي. 10 مارچ 1939ع شاعر ضيغم حيدري (هالا) جو جنم ڏينهن آهي. 10 مارچ 1941ع مشهور شاعر امداد حسيني(ٽکڙ) جو جنم ڏينهن آهي. 10 مارچ 1945ع ليکڪ ڀڳوان اٽلاڻيجو جنم ڏينهن آهي. 10 مارچ 1947ع شاعر غلام سرور مسرور جو جنم ڏينهن آهي. 10 مارچ 1957ع ليکڪ عادل سخيراڻي جو جنم ڏينهن آهي. 10 مارچ 1964ع صحافي الاهي بخش چاچڙ (قادرپور) جو جنم ڏينهن آهي. 10 مارچ 1965ع ليکڪ وزير منگي (واسو ڪلهوڙو) جو جنم ڏينهن آهي. 10 مارچ 1973ع ليکڪ امر ملاح (سيتا روڊ) جو جنم ڏينهن آهي. 10 مارچ 1974ع شاعر حاجي عبدالغفور ڇٽو جو جنم ڏينهن آهي. 10 مارچ 1976ع ليکڪا فرزانه سنڌو جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 10 مارچ 1986ع سياستدان، جج ۽ صحافي ڪامريڊ تاج محمد ابڙوجو انتقال ٿيو. 10 مارچ 1995ع صوفي راڳي موهن ڀڳتجي وفات ٿي Dr.Pathan wishes you Good Day. [Out of countless people, if you are loved, respected and served by only one person, it is sufficient proof to believe that you are not being ignored but, offered your share of love and beauty. Dear! Accept it and don't be part in violation of human values and requirements of your own instincts, heart and soul] هن لکن سندي هت لوڪ منجھان، جي ھڪ بہ ڏئي محبت ۽ مان، سمجھ تہ اڃان مئو ناھي ماٹھپو، ڪو ڪو تہ آھي ماٹھو مھان، ان منجه تنھنجو ئي آھي شان،تہ کيس قبول سرت سلام سان. ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {10th March} EVENTS: 1923: Moulvi Muhammad Hashim presides over public meeting at Mirpur Mathelo. It is organized bt the local branch of the Khilafat Committee. 1940: The construction work of the building of the Sindh Legislative Assembly starts. Foundation stone lying ceremony held with Sindh Governor as the chief guest. 1943: The Sindh Assembly Muslim League Party decides to ask Government for imposing ban on local made Wine and take appropriate steps to curbs social evils. 1950: Pir Illahi Bux is expelled from Muslim League for five years. 1951: NWFP Governor I.I. Chundrigar dissolves the provincial Assembly. 1952: Fatima Jinnah criticizes low process in constitution-making. Addresses public meeting. 1954: Head of Ahamadis Mirza Bashiruddin is attacked by his follower in Rabwah. 1969: Government-Opposition talks starts in Rawalpindi. Bhutto, Bhashani and General Azam refused to participate. Opposition team consists of MoulanaMudoodi, Doultana, Nawabzada Nasrullah, Mufti Mahood, Sardar Shoukat and others. 1989: The dissolution of the National Assembly on May 29, 1988 was unconstitutional, says Supreme Court.

No comments:

Post a Comment