Friday 10 March 2023

Sindh in history today (11th March)- Post in Sindhi & English. By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {11th March} & My Good Day Wish. ************* واقعاتي تاريخ ************* 11.3.1836: پاٽينجر, جيڪو سفارتڪارئ سبب سنڌ ۾ موجود هو, تنهن اڄ پنهنجئ سرڪار کي ٻڌايو ته هن مير نور محمد خان سان نئين معاهدي تي ڳالھ ٻولھ ڪئي آھي. 11.3.1839: سنڌ ۾ موجود فرنگي سفارتڪارن کي اڄ ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل وڏو هدايت نامو موڪليو ته ميرن سان نرمئ بدران سختئ سان پيش اچو. ميرن جي ڪراچئ وارن سپاهين لنگرانداز ٿيڻ وقت اسان جي پاڻئ واري فوجي جهاز تي معمولي فائرنگ ڪري ناعاقبت انديشئ جو مظاهرو ڪيو. هو هدايتنامي ۾ وڌيڪ لکي ٿو ته اوهان ميرن کي ٻڌايو ته اسان ڪراچي فتح ڪئي آھي ۽ هاڻي هو اتي ڪو عمل ڪندا ته کين ڀوڳڻو پوندو. گورنر جنرل جو هدايت نامو تمام وڏو آھي ۽ ان ۾ ھن سنڌ ۾ موجود پنهنجن نمائندن کي 68 هدايتون ڪيون آھن. 11.3.1839: ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل آڪلنڊ اڄ مير نور محمد ۽ ٻين ميرن ڏي ڪاوڙ ۾ خط لکيو ته اوهان اسان جي افغان حڪمت عملئ خلاف ڪم ڪري رهيا آهيو. سنڌي ماڻھن کي موقعو ملي ٿو ته اسان جي ماڻھن سان وڙھن ٿا. اوهان پنهنجي روين تي نظرثاني ڪريو. 11.3.1840: معاهدي تي پنهنجا اعتراض ٻڌائڻ ۽ ٻين مسئلن تي وضاحتون ڏيڻ لاء ميرن پنهنجي طرفان سيد محمد جعفر شاه کي سفير وڪيل بڻائي ممبئئ موڪليو ته اتي فرنگي سرڪار سان وڃي ملي. هو ملي ته نه سگهيو, پر ميرن تي فرنگي سرڪار ڪاوڙجي پئي. ان تي ميرن معافي وٺي مامرو ختم ڪيو. ميرن جو ماڻهو پاڻ سڌو وڃڻ بدران سنڌ ۾ مقيم فرنگي سفارتڪار معرفت فرنگي سرڪار سان ملي ٿي سگهيو, پر سيد محمد جعفر شاه وڃي سڌو پاڻ ملڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. 11.3.1850: شڪارپور جي ڪليڪٽر اڄ گورنر جنرل طرفان خيرپور جي والئ مير علي مراد خان کي تحفا پهچايا. مير وري موٽ ۾ ھڪ گهوڙو ۽ هڪ اٺ سوکڙئ طور گورنر جنرل لاء ڪليڪٽر جي حوالي ڪيا. انهن جانورن کي حيدرآباد ۾ 2973 روپين ۾ وڪرو ڪري ڏوڪڙ سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرايا ويا. 11.3.1917: سنڌ جي چوٿين صوبائي ڪانفرنس شڪارپور ۾ شروع ٿي. ڪانفرنس جو سمورو احول گل حيات جي ويب سائيٽ تي رکيل آھي ۽ اتان پڙھي سگهجي ٿو. ياد رهي ته اهي ڪانفرنسون ڪراچئ, لاڙڪاڻي, جيڪب آباد ۽ سکر ۾ ٿيون. اهي هر سال ٿينديون هيون ۽ 1920 تائين ٿيون. انهن ۾ هندو توڙي مسلمان شريڪ ٿيندا هئا ۽ سنڌ جي مسئلن تي ويچار ونڊيندا هئا. 11.3.1923: اٻاڙو ۾ اتان جي ”خلافت ڪميٽئ“ طرفان وڏو جلسو ٿيو, جنهن جي صدارت مولوئ علي شير ڪئي. 11.3.1945: آل انڊيا مسلم ليگ سنڌ جي وڏي وزير کي استعيفا ڏئي, نئين ”گڏل حڪومت“ ٺاهڻ لاء چيو ۽ هن کي اهو تاڪيد به ڪيو ته مسلمانن کي ئي وزير طور کڻو, پر ڪو غير ليگي وزير نه کڻجو (سنڌ جا مسلمان سياستدان جو وڏو انگ فرمانبردائ ۽ مسلم ليگ جو پوئلڳ بڻجي چڪو هو ۽ ھنن پاڻ فيصلا ڪرڻ بدران ٻين جي فيصلن کي قبول ڪرڻ پسند ڪيو). 11.3.1952: ”سنڌ سڌار ليگ“ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته سنڌئ کي سنڌ جي سرڪاري ٻولي بڻايو وڃي. (اسان سڌي ٻولئ کي تعليمي, تدريسي ۽ تاريخي حق وٺي ڏيڻ لاء شروع کان وٺي فقط بيان بازئ تي ئي ڀاڙيو آھي ۽ هڪ اڌ جلوس ڪڍي سمجهندا آھيون ته پنهنجو فرض پورو ڪيوسين). 11.3.1955: سنڌ چيف ڪورٽ فيصلو ڏنو ته محمد ايوب کهڙي جي وڏي وزير طور ٿاڦيل مقرري غير قانوني آھي. 11.3.1971: اسان جي حاڪمن جي حماقتن ڪري اوڀر پاڪستان جون حالتون ايتريون ته بگڙجي ويون, جو غير ملڪي ماڻھن اوڀر پاڪستان ڇڏڻ شروع ڪيو. 11.3.1977: ڀٽو-مخالف سياسي اتحاد پي.اين.اي جي سڏ تي ملڪ ۾ جزوي هڙتال ٿي. انهئ اتحاد چونڊن جي نتيجن کي رد ڪيو ۽ حڪومت تي ڌانڌلئ جو الزام لڳايو. (ياد رهي ته صوبائي اسيمبلين جي چونڊ-نتيجن مطابق پنجاباسيمبلئجي 240 سيٽن مان پيلپز پارٽئ 232 سيٽون کٽيون هيون. سرحد ۾ 80 سيٽن مان 69, بلوچستان جي 40 سيٽن مان 34 سيٽون ۽ سنڌ مان سو فيصد سيٽون کٽيون). 11.3.1981: پي.آء.اي جو جهاز ڀڄائيندڙن پاڪستان سرڪار کي 55 ماڻھن جي نالن جي لسٽ ڏئي, کين جيلن مان آزاد ڪرڻ ۽ ملڪ کان ٻاهر موڪلڻ جو مطالبو ڪيو. 11.3.1984: ضياء الحق واضح ڪيو ته ملڪ ۾ مغربي جمهوريت جي قطعي گنجائش ڪانهي. هتي مذھبي سياست قائم ڪرڻ ڪريون پيا. ************* 11 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 11 مارچ 1898ع ليکڪ ۽ سياستدان ميران محمد شاهه جي پيدائش ٿي. 11 مارچ 1910ع سگهڙ لعل بخش چانڊيو جي پيدائش ٿي. 11 مارچ 1924ع فريڊم فائيٽر شهيد هيمون ڪالاڻي (سکر) جو جنم ڏينهن آهي. 11 مارچ 1935ع شاعر ڪوڏومل ڪوڏ جي ولادت ٿي. 11 مارچ 1943ع اسٽيج ڊائريڪٽر موهن مهرچنداڻي (دريا خان مري / جئپور) جو جنم ڏينهن آهي. 11 مارچ 1951ع شاعر سمن ڌيرواڻي (راجڪوٽ) جو جنم ڏينهن آهي. 11 مارچ 1960ع شاعر مجبور ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي. 11 مارچ 1963ع ليکڪ نور راهوجو جو جنم ڏينهن آهي. 11 مارچ 1968ع شاعر جميل شهزاد (سکر) جو جنم ڏينهن آهي. 11 مارچ 1969ع ليکڪ ۽ سوشل ايڪٽوسٽ جامي چانڊيي جو جنم ڏينهن آهي. 11 مارچ 1971ع شاعر زبير مسرور ٻرڙو جو جنم ڏينهن آهي. 11 مارچ 1980ع شاعر خادم ستاڻي (ستاڻي چانڊيو) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 11 مارچ 1712ع هالا جي بزرگ شخصيت مخدوم فتح الله ڀٽي جو لاڏاڻو ٿيو. 11 مارچ 1863ع سنڌ ۾مقرر برطانيه جي پوليٽيڪل ميجر اوترام جو انتقال ٿيو. 11 مارچ 1887ع هالا سان تعلق رکندڙ اسڪالر آخوند رحمت الله سانواڻي جو لاڏاڻو ٿيو. 11 مارچ 1993ع صداڪار ۽ براڊ ڪاسٽنگ جي اهم شخصيت ايم بي انصاريجو لاڏاڻو ٿيو. 11 مارچ 2013ع ناميارو راڳي غلام علي سنديلولاڏاڻو ڪري ويو Dr.Pathan wishes you Good Day. [Whoever cannot knock his/her own door for resolving his/her problems, will underestimate his/her own status, honour & dignity and will knock other doors. Whoever cannot and will not believe in his/her own beauty, will beg for love from everybody] تون پاڻ نہ ڪرین داد فریاد، ان لاء در در پیو دانھین، ایڏي نفرت تو کي پاڻ کان ! جو تون پاڻ نہ ٿو پرچائین، قیدي انا نفرت جو ناھین، آھين سرت سونھن سلام پرین. ************ EVENTS from history: 1836: Colonel Pottenger, Political Agent of the Government of India, in Sindh, informs his Government that he has discussed the Draft of new treaty with Mir Noor Muhammad Khan. 1850: On behalf of Governor-General of India, presents are made to His Highness Mir Ali Murad Khan by the Collector of Shikarpur and on this occasion a horse and camel is presented to the Governor-General by His Highness and is received by the Collector. Presents given by His Highness were sold in Rs.2973 at Hyderabad and amount was deposited in Government Treasury. 1917: 4th Sindh Provincial Conference starts at Shikarpur. It is the great political event in the political history of Shikarpur. Hindus and Muslims are with one Agenda to serve Sindh and her people. Details of this Conference are available on our website 1923: It is Sunday today and a big public meeting is held at Ubaoro with Moulvi Ali Sher in chair. The function is organized by the local branch of Khilafat Committee so as to create political awareness. 1931: Addressing a gathering of students at the Arabic College, New Delhi, Mrs.Sarojini Naidu referring to the Muslim demand for safeguards, says that it shows that Muslims were weak and afraid of other communities. This is an entirely erroneous idea. Muslims with their culture and traditions, courage and virility could never be weak. 1945: The Central Parliamentary Board of the All-India Muslim League calls upon the Sindh Premier to tender the resignation of the whole cabinet and to reconstitute a Coalition Ministry in which there should not be any Muslim who is not a Muslim Leaguer. 1952: The ‘Sindh Sudhar League’ demands Sindhi as an official language. 1955: Sindh Chief court declares appointment of AyubKhuhro as illegal. 1969: Political Pandits doubts about imposition of Martial Law and beginning of destruction. 1971: Foreign nationals start leaving East Pakistan due to critical political situation. 1981: Hijackers of a PIA plane give list of 55 persons , to be released from Pakistani prisons. 1984: No room for Western Democracy in Pakistan, declares Zia-ul-Haq. As an Agenda is being set for Talibanization.

No comments:

Post a Comment