Monday 20 March 2023

Sindh in history today (21st March). By. Dr.Pathan

: SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {21st March} 1). My Good Day Wish, 2). Events from history, 3). Link of my Video Talk on history. ************* Dur Muhammed Pathan: 21 مارچ جي حوالي سان اوهان سان هنن موضوعن تي ڳالھ ٻولھ ٿيندي: 1). واقعاتي تاريخ, 2). ولادتن ۽ وفاتن جون تاريخون, 3). منهنجو سلام, 4). تاريخ بابت منهنجي وڊيو ٽاڪ جي لنڪ. ************* EVENTS FROM SINDH HISTORY (21st March) By: Dr. Pathan ** 1917ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن ليڪچر پروگرام منعقد ڪرايو، جنهن ۾ آر ڊي ڪرمارڪر هندستان جي ستارن واري علم جي عنوان تي ليڪچر ڏنو، واضح رهي ته ان دور ۾ مختلف اين جي اوز ليڪچر پروگرام منعقد ڪرائينديون هيون ۽ هر اڱاري جي ڏينهن تي اهڙا پروگرام ٿيندا هئا. ** 1932ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاهور ۾ منعقد ٿيل آل انڊيا مسلم ڪانفرنس ۾ سنڌ مان شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ حاجي عبدالله هارون شرڪت ڪئي، ڪانفرنس جي صدارت علامه اقبال ڪئي، ڪانفرنس ۾ آيل ماڻهن تمام گهڻو گوڙ ڪيو ۽ پروگرام کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪجهه ماڻهن کي علامه اقبال جي سياسي ڪردار تي اعتراض هو، شيخ عبدالمجيد سنڌي ڪانفرنس ۾ اٿي بيهي چيو ته منهنجا دوستو! مهرباني ڪري خاموش ٿي وڃو، ان ماڻھن جا آواز آيا ته ”سنڌي ڪو سنو, سنڌي ڪو سنو“. ان کانپوءِ خاموشي ٿي وئي ۽ پروگرام جي ڪارروائي شروع ڪئي وئي. واضح رهي ته شيخ عبدالمجيد جي نالي پويان سنڌي جو لفظ انهيءَ ڪانفرنس کانپوءِ پيو. ** 1935ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انڊين ليجسليٽو اسيمبليءَ ۾ ڪراچي رتوڇاڻ تي ڳالهائيندي سنڌ جي ميمبر لالچند نولراءِ چيو ته سنڌ ۾ رهندڙ هندو ۽ مسلمان هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن، مسلمانن ۽ هندن ۾ ڀائيچارو آهي، ڪجهه ماڻهو انهن ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر اهي ڪامياب نه ويندا. ** 1951ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم لياقت علي خان راولپنڊي سازش ڪيس جي مک جوابدار جو نالو ظاهر ڪيو، هڪ تقريب ۾ ڳالهائيندي لياقت علي خان چيو ته راولپنڊي سازش جو ماسٽر مائينڊ ميجر جنرل اڪبر آهي. ** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي چيف جسٽس محمد منير جي سربراهي ۾ فيڊرل ڪورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي مولوي تميز الدين جي ڪيس ۾ ڏنل فيصلي کي برقرار نه رکيو. ** 1966ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ذوالفقار علي ڀٽو چيو ته ڀارت تاشقند معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. ** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جنرل يحيٰ خان ۽ شيخ مجيب الرحمان وچ ۾ ٿيل ڳالهيون ناڪام ٿي ويون، جنهن کانپوءِ جنرل يحيٰ خان ذوالفقار علي ڀٽو کي ڍاڪا ۾ طلب ڪيو، کيس چيو ويو ته هو ڳالهين جي ڪاميابي ۽ صورتحال جي بهتري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. ** 1999ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پونم جي حيدرآباد ۾ ٿيل جلسي ۾ وفاقي حڪومت کي چتاءُ ڏنو ويو ته جيڪڏهن ننڍن صوبن کي حق نه ڏنا ويا ته پوءِ ملڪ ۾ جهيڙو ٿيو ۽ ملڪ ٽٽي ويو ته ذميوار پنجاب پاڻ هوندو. پنجاب جو حڪمران طبقو مظلوم قومن جا حق ڦٻائي ويٺو آهي. ************* 21 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون جنم ڏينهن: 21 مارچ 1903ع ليکڪ ۽ پبلشر پرڀ داس برهمچاري جو جنم ڏينهن آهي. 21 مارچ 1919ع سياسي اڳواڻ حاجي محمد ابراهيم هنڱورو جو جنم ڏينهن آهي. 21 مارچ 1928ع شاعره راڻي نماڻي جو جنم ڏينهن آهي. 21 مارچ 1936ع شاعر عابد انصاري (باجارا) جو جنم ڏينهن آهي. 21 مارچ 1936ع امداد الله انڙ(لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. 21 مارچ 1940ع اسڪالر ۽ سائين جي ايم سيد جي نياڻي جيجي درشهوار سيدجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 21 مارچ 1943ع شاعر مولا بخش مولائي (نبي بخش جتوئي) جو جنم ڏينهن آهي. 21 مارچ 1955ع صحافي بشير احمد ميمڻ (هالا پراڻا) جو جنم ڏينهن آهي. 21 مارچ 1961ع صحافي عبدالڪريم ميمڻ (هالا) جو جنم ڏينهن آهي. 21 مارچ 1965ع ليکڪ خادم حسين شيخ (ڪڍڻ) جو جنم ڏينهن آهي. 21 مارچ 1978ع باليووڊ اداڪاره راني مکرجيجو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 21 مارچ 1953ع مذهبي شخصيت حافظ غلام احمد مهيسر (ساجن مهيسر) جو لاڏاڻو ٿيو. 21 مارچ 1970ع سياستدان ڪامريڊ حاجي محمد پيرزادي جو انتقال ٿيو. 21 مارچ 2014ع تي شهيد بشير قريشي جي ڀاءُ مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو کي گوليون هڻي شهيد ڪرڻ کانپوء گاڏيء کي باهه ڏئي ساڙيو ويو. کين ميهڙ کان دادو ويندي اغوا ڪيو ويو جڏهن ته سندن سڙيل گاڏي ڀريا لنڪ روڊ تان ملي جنهن ۾ سندن لاش پيل هئا. Dr.Pathan‏ ‏wishes you Good Day. [Dear! Neither you are any shadow, nor any unknown person. You are not figment of imagination, but reality with body & soul. You are a complete & colourful personality with golden heart and beautiful mind. You are an ideal and role-model. Know your Self, your strength and power. You are not subject of desires, traditions and out-dated values, but ruler of love & beauty. Dear! Be, what you are. Don't deprive us of your greatness & kindness and vision & wisdom please.] پرین !تون نہ پاڇو نہ تماشو نہ شخص مگر شخصیت، ڪوہ نہ ڄاٹین ۽ ماٹین پنھنجي حیثیت اصلي طاقت؟ تنھنجي طلبیان محبت, ڳائیان عظمت سرت سلام سان. ************* 21st March 2022 Sindh History (March 21, 2022) SINDH IN HISTORY TODAY (21st March) EVENTS: 1917: The Sindh Graduates Association arranges lecture program and R.D.Karmarkar delivers his lecture on the topic of ‘Indian Astronomy’. This may kindly be kept in mind that these NGOs arranged so many lecture programs and those were held on every Tuesday. Prof. Shahani gave his lecture on Gentanjali’ of Tagore and Prof. Dhopeshwarkar spoke on ‘Time and Free Will’. All lectures delivered in these programs arranged by NGOs during British Period, if collected and compiled, can surprise so many people. 1932: Haji Abdullah Haroon and Shaikh Abdul Majeed participate in the All-India Muslim Conference held at Lahore. The Conference is presided over by AllamaIqbal. Audience is not calm and wants to disturb the function. Perhaps they want to show their resentment on Allama Iqbal’s political approach. The situation is deteriorating. Shaikh Abdul Majeed appears at stage and starts speaking. Audience start raising voices: LISTEN TO SINDHI. FRIENDS ! BE CALM AND QUITE. Every, body is seated and situation is under control and proceedings are started peacefully and accordingly. Shaikh Abdul Majeed earns name and later on he is called and known ‘SINDHI’. 1935: While speaking on the motion on the Karachi killings, Lalchand Nawalrai says in the Indian Legislative Assembly that in Sindh, Hindus and Muslims are two sides of one coin and it was due to policy of ‘Divide & Rule’ that another Third party is pushing them in battle with each other. 1951: Liaquat Ali Khan, Prime Minister of Pakistan discloses the name of key- leader of the Rawalpindi Conspiracy. He is Major General Akbar. 1955: The Federal Court headed by Chief Justice Muhammad Munir set aside judgment of the Sindh Chief Court in Moulvi Tamizuddin Khan’s petition. 1966: Z.A.Bhutto says that India is violating Tashkent Declaration.1971: Yahya-Mujeeb talks fail, Z.A.Bhutto is invited by Yahya Khan to reach Dhaka for playing his role in the situation. [21/03, 5:54 am] Dur Muhammed Pathan: https://youtu.be/dDq2cI4IGi0

No comments:

Post a Comment