Friday 3 March 2023

Sindh in history today (4th March), By. dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {4th March} & My Good Day Wish ************* ‎ ************* چوٿين مارچ کي اسان جي موجوده دور جي تاريخ ۾ خاص اهمت حاصل آھي. تنهن دور جي شاگردن وحشي حڪمرانن کي حيدرآباد شھر ٻاهران اکيون ڏيکاريون. انهئ واقعي ۾ شريڪ ٿيندڙن مان ڪي هيرو بڻجي ويا ڪن باقي شاگرد برادرئ کي ظلم خلاف مهاڏي اٽڪائڻ جو اتساه ڏنو. 4 مارچ جي حوالي سان ”سنڌ جي واقعاتي تاريخ“ ۽ مشھور شخصيتن جي ولادتن ۽ وفاتن جون تاريخون اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪريان ٿو. 4.3.1839: شاه شجاع جي سفير ڪمپني حڪومت کي لکيو هئو ته اوهان ڪنهن جواز کان سواء مير رستم علئ اسان جا ڏن طور لهڻل ست لک روپيا معاف ڪيا آھن. ان جي جواب ۾ گورنر جنرل جي سيڪريٽرئ اڄ لکيس ته مير رستم علئ اسان کي بکر جو قلعو ڏنو ۽ اسان جي فوج کي سهولتن سان پنهنج پرڳڻي مان لنگهڻ ڏنو, ان ڪري هن کان شاه شجاع لاء ڏن نه اڳاڙبو. 4.3.1930: ڪانگريس پارٽئ حڪومت خلاف ”عدم تعاون تحريڪ هلائي, سنڌي ڪانگريسين به ڀرپور حصو ورتو. هئ تحريڪ سڄو سال هلي ۽ پوء 4 مارچ گانڌئ ۽ وائسراء وچ ۾ ٿيل ڳالهين ڪري هئ تحريڪ ختم ٿي وئي. 4.3.1936: آغا خان ڪميونل بنيادن تي قائم ٿيندڙ سياسي پارٽين کي ملڪ لاء ھاڃيڪار چيو ۽ اها به راء ڏني ته اميرن تي گهڻا ٽيڪس لاڳو ڪيا وڃن. 4.3.1947: سرهارئ ۾ ”سنڌ هاري ڪميٽئ“ جي اهتمام سان ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس ٿي. هن ڪانفرنس هارين کي ”بٽئي اڌواڌ“ جو شعور ڏنو. 4.3.1971: پاڪستان جي مارشل لائي حڪومت نئين چونڊيل قومي اسيمبلئ جي ٿيندڙ اجلاس جي تاريخ ڦيرائي ته عوامي نئشنل پارٽئ جي سڏ تي سڄي اوڀر پاڪستان ۾ اسٽرائيڪ ٿي. 4.3.1972: جنرل ٽڪا خان کي ترقي ڏئي, جنرل گل حسن جي جاء تي ڪمانڊر ان چيف بڻايو ويو. 4.3.1973: ڀٽي مخالف ڌر جو ”ھنگامي حالتن هٽائڻ“ وارو مطالبو رد ڪيو. سال کان پوء اڄوڪي ڏينهن تي ويتر ان ۾ ڇهن مهينن جي واڌ ڪري ڇڏي. 4.3.1973: ڀڳوان داس هرچنداڻئ ڀوپال مان هفتيوار ”ڪام ديو“ اخبار جاري ڪئي. 4.3.1985: ظھورالحسن ڀوپالئ جي قتل ڪيس ۾ اڄ”اسپيشل ملٽري ڪورٽ“ اياز سمون کي موت جي سزا ٻڌائي. 4.3.1988: روس رضامندو ڏيکاريو ته ايندڙ 9 مهينن ۾ افغانستان مان فوج ڪڍي وٺندو. ************* ڏينهن 4 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون ************* جنم ڏينهن: 4 مارچ 1904ع مذهبي اسڪالر مولوي حافظ فضل احمد جو جنم ڏينهن آهي. 4 مارچ 1905ع سماجي ورڪر گنگا رام عاليداس (سنڌ / اجمير) جي پيدائش ٿي. 4 مارچ 1929ع شاعر چينراء انتر (لاڙڪاڻو / ڄامنگر) جو جنم ڏينهن آهي. 4 مارچ 1937ع صحافي نعمت الله ڀٽو (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 4 مارچ 1938ع اسڪالر ڊاڪٽر قمر واحد (حيدر آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 4 مارچ 1940ع شاعر ۽ صحافي ڊاڪٽر داد محمد خادم بروهي(جيڪب آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 4 مارچ 1949ع ليکڪ پرڪاش ديپ جو جنم ڏينهن آهي. 4 مارچ 1951ع شاعر علي بخش اصغر (جيڪب آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 4 مارچ 1956ع ليکڪ آزاد جتوئي جو جنم ڏينهن آهي. 4 مارچ 1960ع ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ سفرناما نگار ڊاڪٽر اسحاق انصاريجو جنم ڏينهن آهي. 4 مارچ 1961ع اديب ۽ ڪهاڻيڪار نثار ابڙو(لاڙڪاڻو / مڪو شريف ) جو جنم ڏينهن آهي. 4 مارچ 1970ع ليکڪا نجمه وفا (شهداد ڪوٽ) جو جنم ڏينهن آهي. 4 مارچ 1971ع سگهڙ غلام محمد ڪنرائي جو جنم ڏينهن آهي. 4 مارچ 1975ع شاعر تبسم شر جو جنم ڏينهن آهي. 4 مارچ 1980ع شاعر زخمي رشيد مهر جو جنم ڏينهن آهي. 4 مارچ 1982ع ليکڪ اياز دانش جو جنم ڏينهن آهي. 4 مارچ 1989ع شاعر درد هوش محمد (ڪولاب جيئل) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 4 مارچ 1960ع شاعر احمد خان ابڙو شيدا(هالا) جي وفات ٿي. 4 مارچ 1964ع شاعر اسلم مهيسر رفيقوي جو انتقال ٿيو. 4 مارچ 1975ع مذهبي اسڪالر مولانا عبيد الله لاشاري جي وفات ٿي. 4 مارچ 1985عناصر بلوچ کي الذوالفقار سان لاڳاپن سبب جهاز اغوا ڪيس ۾ سينٽرل جيل ڪراچي ۾ ڦاهي ڏني وئي. Dr. Pathan wishes you Good Day. [Let mind-made and so-called any ideology Or philosophy must not underestimates and Exploits worth and status of anybody. Let our ego-oriented actions and reactions Must not become high-risk for human Love & beauty and peace & tranquility Let us be, what we are]. آھي اھم ۽ اتم آدمي، ڪوڙن قدرن نظرین کان، لائق عزت محبت جو، ھر ڪو ساڳئ حیثیت سان، جي من ۾ انا ۽ 'مان'، تہ نفرت آدم سرت سلام سان. ************* SINDH (including Pakistan)IN HISTORY TODAY {4th March} EVENTS: 1841; Keeping in view the unsettled state of affairs at Heart and Qandhar, British Government of India decides to send to Karachi the Ordinance and Military stores and place at them at the disposal of Major Outram, their Political Agent for Lower Sindh. 1931: The settlement is arrived at between Mahatma Ghandi and the Viceroy, with the result that Civil disobedience movement is to be discontinued and certain action are to be taken by the Government and local Governments which include amnesty to persons convicted in connection with this movement, withdrawal of Ordinances etc . 1936: Sir Agha Khan warns against the formation of parties on a communal basis. While addressing gathering in Bombay, he says that he favours the rich being taxed for the benefit of poor. 1967: It is the day of resentment of Sindhi students and reaction by Hyderabad Administration. They day is celebrated as 4th Marchevery day. 1971: Complete strike is observed in East Pakistan to protest against postponement of the session of the National Assembly. 1973: Z.A.Bhutto rejects opposition’s demand to lift emergency

No comments:

Post a Comment