Monday 13 March 2023

SINDH IN HISTORY TODAY (14th March). Post in English & Sindhi by Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY{14th March} & My Good Day Wish. ************ Dr.Pathan wishes with Good Day. [Dear! Your beauty is a magnificent and magic. It combines head with sword to create life. It makes life lovely love. It has entered in my heart with all its colours and fragrance. Now, my soul is satisfied and I feel myself protected from hatred, discrimination and ego. Now, I believe that I am a human-being in all respects] جا خوشبوء سندء روح هن وجود سندي، جا تنھنجی صورت مورت ذاتي ۽ صفاتي، امر بٹائيو عشق کي ھئ هٻڪاري حیاتي، ملائي ٻن مان هڪ ڪيائين ڪنڌ ڪاتي, سندء سونهن سرير ۾ جئ ۾ جھاتي پاتي, لئون اسان لاتي, تو سان سرت سلام سان.‏‎ ‎ ************* SINDH (including Pakistan)IN HISTORY TODAY (14th March) EVENTS: 1843: The Government of India announces to prepare Standards of three colours of Military Ribbon of India, inscribed with words ‘Hyderabad 1843’ to be presented to ‘Sindh Horse’ for defeating enemy in battle of Meanee. 1932: Under Section 16 of the Indian Criminal Law Amendment Act, 1908 (X1V of 1908), Congress Committees of Karachi and Nawabshah and their branches are declared unlawful. 1944: The Sindh Provincial Muslim League elects G.M.Syed as president and Syed GhulamHyder Shah of Mirpurkhas as General Secretary. 1951: Cash prize of Rs.5000 is announced by the Government for proving information regarding where about of Syed SajjadZaheer, the master mind of the Rawalpindi conspiracy. 1952: Urdu is and will remain official language in Sindh, says Khuhro, the president of Sindh Muslim League, 1954: Governor’s rule is imposed in East Pakistan. 1969: Moulana Moudoodi asks his party men to fight against menaces of Socialism. 1975: Z.A.Bhutto, the Prime Minister of Pakistan inaugurates Larkana Sughar Mills. 1977: PNA is on roads. Processions are taken out in various cities of Punjab. مارچ جي حوالي سان سنڌ جي واقعاتي تاريخ. ************* 14.3.1839: ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل شڪارپور واري پنهنجي سفارڪار کي لکيو ته اهو اسان جو فيصلو آھي ته حيدرآبادي ميرن مان هرڪو ست لک روپيا شاه شجاع کي ڏن ڏين. جيئن ته مير رستم علي اسان سان سٺو هليو آهي, ان ڪري هن کان ايتري ڏن وٺڻ کان کيس معاف ڪيو آھي. پر تون هن سان ڳالهاء ته هو ڪيترو ڏن ڏيندو. 14.3.1839: ڏکڻ سنڌ جي فرنگي سفارتڪار پاٽينجر اڄ ھڪ تفصيلي خط لکي پنهنجي گورنر جنرل کي ٻڌايو ته هن مير شير محمد سان ڳالهيون هلايون آھن. هن جو ديوان اچي يقين به ڏياري ٿو ته مير شير محمد فرنگين سان ياري رکڻ تي آماده آھي. 14.3.1843: ڪمپني سرڪار فيصلو ڪيو ته ٽن رنگن واري فوجي ربن ٺھرائي ان تي ”حيدرآباد-1843“ لکرائي ”سنڌ هارس“ جي انهن فوجي سپاهين کي مانائتي نموني سان لڳايا ويندا, جن مياڻئ جي جنگ وڙھي. (فرنگي فوجي ڪرائي جا قاتل هئا, ان هوندي به سرڪار سندن قدر ڪيو. اسان ته هوشوء جي قبر به گم ڪري ڇڏي ۽ سنجيدگئ سان مياڻئ خواه دٻي جي شهيدن جي نالن جي لسٽ به ٺاهي سگهيا آھيون. اسان سنڌ دوست سڏائڻ ۾ ته فخر محسوس ڪريون ٿا, پر سنڌ جي تاريخ سان ويساه گهاتي ڪريون ٿا. 14.3.1932: ڪراچئ ۽ نواب شاه ضلعن جي ڪانگريس ڪميٽين ۽ انهن جي ذيلي شاخن کي 1908 واري ڪرمنل لا امينڊمينٽ ايڪٽ X1V جي سيڪشن 16 هيٺ پابندي لڳائي وئي. 14.3.1944: جي.ايم.سيد کي سنڌ مسلم ليگ جو صدر ۽ ميرپور خاص واري سيد غلام حيدر شاه کي سيڪريٽري چونڊيو ويو. (ياد رهي ته 1943 ۾ سنڌ ليجسليٽو اسيمبلئ مان ضورئ پاڪستان جي ٺھراء پاس ڪرائڻ کان پوء جي.ايم.سيد مسلم ليگ جو سگهارو اڳواڻ بڻجي ويو. اڄوڪئ چونڊ تي جي.ايم.سيد جي حريفن کيس تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ کيس ”سيد پرست“ جو الزام هڻي پروپيگنڊا ڪئي ته جي.ايم.سيد ”سنڌ مسلم ليگ“ کي ”سنڌ سيد ليگ“ بڻائي ڇڏيو آھي). 14.3.1951: پاڪستان سرڪار اعلان ڪيو ته جيڪو ڪميونسٽ ليڊر سجاد ظھير جو پتو ڏيندو ته کيس پنج هزار روپيا انعام ڏبو. ( پاڪستاني وزير اعظم لياقت علي خان روس جي دعوت کي رد ڪري آمريڪا وڃي دوستي رکي ۽ آمريڪا کي راضي ڪرڻ لاء ملڪي ڪميونسٽ اڳواڻڻ خلاف سخت قدم کنيا. ”راولپنڊي سازش ڪيس“ ان ڪري ٺھيو) 14.3.1952: سنڌ مسلم ليگ جي صدر محمد ايوب کهڙي چيو ته ”سنڌ جي سرڪاري زبان اردو آھي ۽ رهندي“. 14.3.1954: اوڀر پاڪستان ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪيو ويو. (سنڌ ۽ اوڀر پاڪستان کوڙ دفعا گورنر راڄ جا ڏينهن ڏٺا). 14.3.1969: ذوالفقار علي ڀٽي عوامي همدردي ۽ ووٽن وٺڻ لاء اسلامي سوشلزم جو شوشو ڇوڙيو ته جماعت اسلامئ وارا مٿس ڏمرجي پيا. اڄ مولانا مودودئ پنهنجي پوئلڳن کي چيو ته سوشلزم کي روڪڻ لاء تيار ۽ هوشيار ٿيو. 14.3.1975: ذوالفقار علي ڀٽي ”لاڙڪاڻه شگر مل“ جو افتتاح ڪيو (اها شگر مل هن کان پوء ٿيندڙ پاڪستاني حڪمرانن کي ”مرچن واري مل“ لڳي. 14.3.1977: ملڪ ۾ سياسي ڌماچوڪڙي شروع ٿي ۽ پي.اين.اي وارا ڀٽو حڪومت خلاف روڊن رستن تي نڪري آيا. ************* 14 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 14 مارچ 1879ع مشهور سائنسدان البرٽ آئنسٽائينجي پيدائش ٿي. 14 مارچ 1900ع صحافي ۽ ڪميونسٽ رهنما ڪامريڊ جمال الدين بخاري(احمد آباد / لاڙڪاڻو) جي پيدائش ٿي. 14 مارچ 1920ع شاعر لعل بن يوسف (حيدرآباد) جي ولادت ٿي. 14 مارچ 1922ع شاعر بردو سنڌي جو جنم ڏينهن آهي. 14 مارچ 1930ع شاعر ميرل جويو جو جنم ڏينهن آهي. 14 مارچ 1935ع آرٽسٽ دولت ٿانواڻي (شهدادپور / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي. 14 مارچ 1937ع ناليواري شاعر سرويچ سجاوليجو جنم ڏينهن آهي. 14 مارچ 1939ع شاعر نشتر ناٿن شاهي جو جنم ڏينهن آهي. 14 مارچ 1940ع شاعر شبير حاتف جو جنم ڏينهن آهي. 14 مارچ 1943ع ليکڪ ٽيڪم ڀاوناڻي جو جنم ڏينهن آهي. 14 مارچ 1946ع مذهبي اسڪالر ۽ سياستدان مولانا عزيز الله ٻوهيو جو جنم ڏينهن آهي. 14 مارچ 1960ع سگهڙ قائم الدين سهتو جو جنم ڏينهن آهي. 14 مارچ 1965ع باليووڊ اداڪار عامر خان جو جنم ڏينهن آهي. 14 مارچ 1976ع شاعر خادم سوڍڙ (ڪي اين شاهه) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 14 مارچ 1979ع شاعر اعجاز قادر مهر جو جنم ڏينهن آهي. 14 مارچ 1980ع شاعر راجا وسيم ابڙو جو جنم ڏينهن آهي. 14 مارچ 1985ع شاعر امتياز خاصخيلي (ٻيراڻي) جو جنم ڏينهن آهي. 14 مارچ 1989ع شاعر هوش محمد درد ابڙو (ڪولاب جيئل) جو جنم ڏينهن آهي. 14 مارچ 1990ع شاعر ۽ ايڊيٽر زاهد ڄامڙو جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 14 مارچ 1883ع فلاسافر، ماهر معاشيات، ماهر سماجيات، صحافي ۽ تاريخدان ڪارل مارڪسجو انتقال ٿيو. 14 مارچ 1890ع ايسرداس پرمانند ديهانت ڪري ويو. 14 مارچ 1940ع ميان عبدالرحيم جو انتقال ٿيو. 14 مارچ 1954ع شاعر قادر بخش بشير جي وفات ٿي. 14 مارچ 1976ع مولوي قاضي دوست محمد جو انتقال ٿيو. 14 مارچ 1987ع ليکڪ، اديب ۽ سياستدان پير علي محمد راشديجو انتقال ٿيو. 14 مارچ 2010ع صحافي احمد علي خانجو انتقال ٿيو. 14 مارچ 2018ع عظيم سائنسدان اسٽيفن هاڪنگ وفات ڪري ويو.

No comments:

Post a Comment