Thursday 2 March 2023

Sindh in history today (3rd March). Dr.Pathan

NDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {3rd March} & My Good Wish. ************* اسان تاريخ نه پڙھون. ان ڪري اسان اڪثر حالتن ۾ ويلنس کي هيروز ۽ هيروز کي ولينس طور قبول ڪري وٺندا آھيون. تاريخ پڙھنداسين ته خبر پوندي ته اسان جي وڏڙن مان ڪنهن اسان کي مصيبت جي منهن ۾ وڌو يا ڪنهن چڱائي ڪئي. وڏڙا جيڪو پوکي ويا, سو اسان لڻي رهيا آھيون ۽ جيڪو اسان پوکينداسين, سو اسان جا ايندڙ نسل لڙندا. اسان ”شخصيت پرستئ“ ۽ شخصيت جي وفات کان پوء سندس ”قبرپرستئ“ جي سياسي پريت جي ريت نڀائڻ واري دور ۾ رهون ٿا. اهڙي وايومنڊل ۾ قومي قدرن, نظرين ۽ قومي تاريخ تي ڪنهن جي نظر ئي نه ٿي پئي. سنڌ جي تاريخ جو اڄ اهم ڏينهن آھي. سائين جي.ايم.سيد جي تحرڪ سان اسان جي وڏڙن پاڪستان جي حق ۾ فيصلو ڪيو. اڄ جي ”واقعاتي تاريخ“ ان سلسلي ۾ اوهان سان ڳالهائڻ گهري ٿي. اڳ ۾ تاريخ سان ڳالهايو ۽ منهنجو سلام پوء سڀ کان آخر ۾ ٻڌجو, پڙھجو ۽ قبول ڪجو: ** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي چارلس نيپيئر ميرپورخاص جي مير شير محمد خان کي خط لکي ياد ڏياريو ته اوهان مون کي خاطري ڪرائي هئي ته انگريزن خلاف ڪنهن به ويڙهه ۾ شامل نه ٿيندا ۽ توهان جا فوجي دستا انگريزن کي نقصان نه پهچائيندا، مون کي يقين آهي ته اوهان ان واعدي جي پاسداري ڪندا، توهان کي ڪو خطرو نه هوندو پر انهن سڀني ڳالهين جي باوجود توهان جيڪڏهن شڪست يافته بلوچن تي ڀاڙيندا، فوجي دستا وڌائيندا يا حيدرآباد پهچي پنهنجي بيگناهي ثابت نه ڪندا ته آئون ڪارروائي ڪندس ۽ توهان کي سزا ڏني ويندي. ** 1943ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ اسيمبلي پاڪستان جي حق ۾ تاريخي ٺهراءُ منظور ڪيو، جيڪو جي ايم سيد طرفان پيش ڪيو ويو هو، اجلاس ۾ ووٽنگ وقت 27 ميمبر موجود هئا، ٽن غير مسلم ميمبرن گوڪلداس، ڊاڪٽر هيمنداس ۽ لالومل موٽواڻي مخالفت ۾ ووٽ ڏنو، جڏهن ته 24 مسلمان ميمبرن حمايت ۾ووٽ ڏنو، انهن ميمبرن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، امير علي لاهوري، غلام علي ٽالپر، غلام حسين هدايت الله، غلام محمد اسراڻ، جي ايم سيد، غلام نبي شاهه، پير الاهي بخش، نواب ڄام خان محمد، قيصر خان، سيد محمد علي شاهه، خانبهادر ايوب کهڙو، محمد هاشم گزدر، عثمان سومرو، محمد يوسف چانڊيو، نور محمد شاهه، رسول بخش انڙ، علي گوهر مهر، شمس الدين بارڪزئي، سهراب خان سرڪي ۽ مسز جي الانا شامل هئا. ** 1950ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ٽن ڏينهن واري هاري ڪانفرنس سائين جي ايم سيد جي صدارت ۾ شروع ٿي، جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ ۾ جاگيرداري نظام ختم ڪيو وڃي، ڪانفرنس ۾ حيدر بخش جتوئي کي صدر، عبدالقادر کوکر کي جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. ** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ چيف ڪورٽ سنڌ حڪومت طرفان جاگيرداري سسٽم جي خاتمي لاءِ شروع ڪيل آپريشن خلاف اسٽي جاري ڪري ڇڏيو. ************* 3 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 3 مارچ 1737ع مذهبي اسڪالر مخدوم يار محمد جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 3 مارچ 1828ع اسڪالر ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جو جنم ڏينهن آهي. 3 مارچ 1847ع سائنسدان اليگزينڊر گراهم بيل(ٽيليفون جو موجد) جو جنم ڏينهن آهي. 3 مارچ 1860ع صوفي سيد مهدي شاهه جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 3 مارچ 1863ع مذهبي اسڪالر مولوي غلام رسول عباسي جو جنم ڏينهن آهي. 3 مارچ 1903ع شاعر محمد خان غني جو جنم ڏينهن آهي. 3 مارچ 1930ع شاعر غلام رسول مسرور جو جنم ڏينهن آهي. 3 مارچ 1930ع صحافي صوفي محمد حسن منگي جو جنم ڏينهن آهي. 3 مارچ 1939ع ليکڪ فتاح ملڪ جو جنم ڏينهن آهي. 3 مارچ 1942ع سگهڙ طالب ماڇي (ميان وريل) جو جنم ڏينهن آهي. 3 مارچ 1942ع شاعر محمد هارون اداسي مهر جو جنم ڏينهن آهي. 3 مارچ 1949ع شاعر دل مطلباڻي جو جنم ڏينهن آهي. 3 مارچ 1951ع شاعر يوسف مست جو جنم ڏينهن آهي. 3 مارچ 1951ع اديب ڊاڪٽر اشرف سمون جو جنم ڏينهن آهي. 3 مارچ 1953ع سگهڙ شفيع چنو (محمود چنو) جو جنم ڏينهن آهي. 3 مارچ 1958ع ليکڪ نثار قريشي جو جنم ڏينهن آهي. 3 مارچ 1958ع شاعر محمد خان پرديسي جو جنم ڏينهن آهي. 3 مارچ 1958ع تارا چند بيوس جو جنم ڏينهن آهي. 3 مارچ 1961ع سگهڙ روشن ڪوري (جروار) جو جنم ڏينهن آهي. 3 مارچ 1962ع سياستدان ۽ گورنر عشرت العباد خان جو جنم ڏينهن آهي. هن تي حڪيم سعيد کي قتل ڪرڻ جو الزام هو. ان باوجود کيس گورنر مقرر ڪيو ويو ۽ سنڌ جي موجوده تاريخ ۾ ھن تمام وڏي عرصي تائين گورنري ڪئي. 3 مارچ 1964ع ليکڪ محمد صالح ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي. 3 مارچ 1969ع صحافي منور شيخ (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 3 مارچ 1971ع شاعر عزيز ڪٽپر (نئون ديرو) جو جنم ڏينهن آهي. 3 مارچ 1985ع ليکڪ بشير ملاح جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 3 مارچ 1707ع مغل بادشاهه اورنگزيب عالمگيرجي وفات ٿي. ************ Dr.Dur Muhammad Pathan wishes You Good Day: ڪڏھن ڪین ٿيندوعشق اللہ سان؟ جي ناھي ماٹھن سان محبت, ناهي شان اشرف المخلوقات جو ڪري ڪوڙي انا ڪدورت نفرت, مڃي نہ ڪنهنجي محنت نہ سمجهي ڪنهنجي ڪائي ضرورت, جي سندر ناهي سيرت ٿہ پوء ڪهڙي ڪم جي ٿيندي صورت؟ جانب ٺاهج من جي مورت, سرت سچ سونهن ۽ دعا سلام سان. Subuh-ba-Khair. Sada Salamat. Sada Abad. Dukh Dard Marz dooor. Zindagi pur sukoon o masroor. Take care. [Translation of my poetry: Dear! Whoever can't love human being, can not love Allah. Whoever can't appreciate work & labor, can't accept and respect love & beauty, but is high risk for peace & progress and promoter of ego, hatred and discrimination] ************* SINDH ( including Pakistan )IN HISTORY TODAY {3rd March} EVENTS: 1843: Charles Napier writes to Mir Sher Muhammad Khan of Mirpurkhas that’ You wrote to me, and said that you had not joined in battle against the English. I believed you, and told you to disperse your troops, and that, you would be safe. Had you done so, you would have been in no danger; but, instead of this, you are rallying the defeated Balochis; you have increased the number of troops; and unless you come to my camp at Hyderabad, and prove your innocence, I will march against you, and inflict a single punishment upon you.’ 1912: Anjuman Ashraf-ul-Islam of Karachi organizes function in Old Market Chowk. It is addressed by Abubakar and Moulvi Abdul KarimDars. 1917: NGO of Karachi, ‘NawvalraiBalakVidyalaBrahmoSamaj’ holds function. Seth HarchandraiVishindas attends as its Chief Guest. 1924: Turkey abolishes ‘Khilafat’ as institution. The decision disappoints Muslims of Sindh and Hind.HoweverKhilafat Committee and Khilafat Movement existed for years in Sindh. 1935: AllamaI.I.Qazi forms ‘AnjumanTablegh Islam’ with Karachi as its Head qurter. 1943: The Legislative Assembly of Sindh resolves to opt for Pakistan. It was move from G.M.Syed and his debate speech was prepared to very much extent by AllamaI.I.Qazi. on the eve of voting 27 members were present in the session. Three non-Muslim members, namely Gokaldas, Dr.Hemandas and LalomalMotwani casted their votes against the move and all 24 Muslim Members supported the Move and they were: Shaikh Abdul Majeed Sindhi; Amir AlibLahori; Ghulam Ali Talpur; GhulamHussaiHidayatullah; Ghulam Muhammad Isran; G.M.Syed, GhulamNabi Shah; PirIllahiBux; Nawab Jam Khan Muhammad; JenabaiG.Allana; Qaisar Khan, Syed Muhammad Ali Shah; K.B.Khuhro; M.HashimGazdar; Muhammad UsmanSoomro; Muhammad YousifChandio; Noor MuhammadShah; RasoolBuxUnar; Ali GoharMahar; Shamis-u-din Barakzai and Sohrab Khan Sarki. 1947: Sindh Government constitutes a Committee with Sir Roger TomisMor as its head to investigate into problems of peasants and prepare report in this regard.MuhammadMasoodKhadaposh, NooruddinSidiqui are included as its members, and Agha Shai is its Secretary.. Agha Shahi was replaced with Gopichand later on. 1950: 3-day Hari Conference is held with G.M.Syed in Chair. It demands abolition of Jageerdari system and elects new office-bearers. They Are: HyderBuxJatoi (President), MoulviNazirHussainJatoi& Syed Shamisudin Shah (Both Vice President); Abdul QadirKhokhar (General Secretary); Ghulam Muhammad Laghari& Abdul Khaliq (Both Joint Secretaries); Moulvi Muhammad Maaz (Treasurer). The Working Committee as per election is formed with following members: GhulamHussainSoomro& Allah Jurio (From Hyderabad District), Mir Muhammad Talpur& Muhammad SaleemLeghari (Tharparkar); Noor Muhammad Palijo& Ali Muhammad Shoro (Thatto); G.M.Syed& Ali Ahmad Qureshi (Dadu); NoorullahDahraj & Osto Muhammad (Nawabshah); AlluddinSamo& Muhammad AalamMangrio (Sukkur) and MoulviAzizullahJarwar& Abdul Wahid Soomro (Larkano District). 1955: The Chief Court of Sindh grants interim stay order against the operation of the Sindh Governmenr order abolishing Jageerdari in Sindh. 1973: Joint front of eight party demands PPP Government to lift Emergency and restore democracy.

No comments:

Post a Comment