Sunday 26 March 2023

Sindh in history today (27th March). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) in history today [27th March]. By. Dr.Pathan ***** واقعاتي تاريخ۔ ************* ** 1923ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ۾ خلافت ڪاميٽي ۽ ڪانگريس جي گڏيل سڏ تي حڪومت جي ڪينيا بابت پاليسي خلاف هڙتال ڪئي وئي، ان موقعي تي ٻنهي جماعتن طرفان جلوس پڻ ڪڍيا ويا. ** 1931ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ سڀاش چندر ڀوس نوجوان ڪانفرنس کي خطاب ڪيو، هن ڀڳت سنگهه کي ڦاهي ڏيڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ عوام کي اپيل ڪئي ته حڪومت خلاف تحريڪ تيز ڪئي وڃي. ** 1933ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندو مها سڀا جي سينٽرل ورڪنگ ڪاميٽي جو اجلاس دهلي ۾ ٿيو، جنهن ۾ وائيٽ پيپر تي بحث ڪيو ويو ۽ ان کي هندو برادري جي مفادن خلاف قرار ڏنو ويو، گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته انهيءَ وائيٽ پيپر خلاف 9 اپريل تي هڙتال ڪئي ويندي. ** 1940ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ حڪومت نوٽيفڪيشن جاري ڪري مسجد منزل گاهه واري واقعي بابت عدالتي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ** 1945ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مسلم ليگ جي اڳواڻ جي ايم سيد قائد اعظم محمد علي جناح کي ٽيليگرام موڪليو ۽ کيس سنڌ جي سياسي صورتحال کان آگاهه ڪيو. ** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وفاقي حڪومت ايمرجنسي پاور آرڊيننس جاري ڪيو ۽ آئين کي عبوري طور معطل ڪيو ويو. ** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آمريڪا جي لاس اينجلس ايئرپورٽ جي رن وي تي ٻن بوئنگ جهازن ۾ ٽڪر سبب 583 مسافر مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، ايئرپورٽ جي رن وي تي ٿيل اهو پنهنجي نوعيت جو وڏو جهاز هو، جنهن ۾ ايترو گهڻو جاني نقصان ٿيو. ** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي احتساب بينچ اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، جڏهن ته احمد صادق بينظير ڀٽو خلاف گواهي ڏيڻ لاءِ راضي ٿي ويو، پي آءِ اي ۾ غيرقانوني ڀرتين ۽ ترقين جي ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، ان موقعي تي عدالت اڳوڻي ايم ڊي عمر فاروق ۽ اڳوڻي جنرل مئنيجر پي آءِ اي گلزار قاضي جا وارنٽ به جاري ڪيا، 24 اپريل تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، ريفرنس ۾ ناهيد خان، غلام قادر شاهه ڄاموٽ، ايس سراج ۽ نجم الحسن کي به نامزد ڪيو ويو. ٻئي پاسي ساڳئي تاريخ تي سنڌ ۾ مڪاني ادارن جون چونڊون اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪيون ويون. ************* 27 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 27 مارچ 1884ع شاعر پير احمد علي قريشي (هالا) جو جنم ڏينهن آهي. 27 مارچ 1931ع ليکڪ ۽ شاعر ٽهل ايسرداس ڪيسواڻي(روهڙي ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 27 مارچ 1932ع شاعر سعد الله غازي جو جنم ڏينهن آهي. 27 مارچ 1940ع شاعر بسنت ڪمار رائچنداڻي تياڳيجو جنم ڏينهن آهي. 27 مارچ 1955ع شاعر برج لال بيوس (دادو) جو جنم ڏينهن آهي. 27 مارچ 1962ع سياستدان ۽ شاعر مخدوم جميل الزمان (هالا) جو جنم ڏينهن آهي. 27 مارچ 1964ع شاعر محمد حبيب ميمڻ (هالا) جو جنم ڏينهن آهي. 27 مارچ 1971ع ليکڪ ۽ صحافي توفيق علي منگيجو جنم ڏينهن آهي. 27 مارچ 1976ع شاعر غريب گُل (سيتا روڊ) جو جنم ڏينهن آهي. 27 مارچ 1981ع ليکڪ مير دلشاد ڌاريجو (مٺا خان) جو جنم ڏينهن آهي. 27 مارچ 1985ع شاعر وفا زرداري (ڄام زرداري) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 27 مارچ 1897ع مذهبي اسڪالر مولانا عبدالرحمان ساکرو جي وفات ٿي. 27 مارچ 1898ع آزادي جي تحريڪ جي اڳواڻ ۽ عليڳڙهه يونيورسٽي جي باني سر سيد احمد خانجو انتقال ٿيو. 27 مارچ 1939ع صوفي بزرگ صوفي محمد شاهه جو لاڏاڻو ٿيو. 27 مارچ 1954ع پير عظيم شاهه (نصرپور) جو انتقال ٿيو. 27 مارچ 1968ع رئيس غلام رسول ڀرڳڙي وفات ڪري ويو. 27 مارچ 1997ع نوجوان راڳي مريد عباس ڪٽپر کي قتل ڪيو ويو. 27 مارچ 1999ع شاعر مسڪين ملاڪاتياري وفات ڪري ويو. ******** Dur Muhammed Pathan: SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {27th March). ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Your Golden Heart is the Palace of Allah and full of Human love and respect. Selfish Soul can't stay there. You can't keep people like shadows with you when you are encircled by sorrows & longings. Ever running clouds never rain. Don't expect much of them. Who becomes tool of hatred and discrimination, can't be source of sincerity, beauty and love. Who can't listen to her/his nature and instincts, can't listen your love and respect song.] تنهنجي دل تہ خدا جو گهر آھي ان ۾ نفرت پرست رهي ڪيئن سگهندو؟ تانگھ ڇڏ پچر ڇڏ پاڇي جي ڏک جي ڀلا اونده ۾ ڪيئن هو اتي رهندو؟ ٿاڪ جو مٽائي اهو رمندو ڪڪر ڪٿ ڪڏهن بہ ناهي ڪڏھن ڪو وسندو، سو تنهنجو ناهي جو نينهن بدران سدائين انا ضد جي نهن تي پيو نچندو، تنهنجو سلام ات تي رسندو، جت سونهن ۽ سرت جي نگري ڪا آباد هوندي. ************* SINDH (including Pakistan) EVENTS: 1889: Lord Ray, Governor-General Of India inaugurates the construction work of Sukkur-Rohri Railway Bridge. 1923: On the joint call of the Congress and Sindh Khilafat, Sindh observes the Hartal/Strike to protest against the Government’s Kenya Colony Policy. 1931: Subash Bose addresses the Naujwan Conference at Karachi. He condemns to Bhagat Sing’s execution and makes appeal to the audience for organization of peasants and workers and also pleads for the abolition of caste system. This may be kept in mind that it is said that while on his Sindh tour, Subash went to Gurang Bungalow and held meeting with Pir Pagaro Sureeh Badshah. Subashcame Sindh in 1931 and that time Pir Pagaro was not even in Sindh. Therefore, it is not correct that Pir Pagaro was politically influenced by Subash Chandra Bose. 1933: The Central Working Committee of the Hindu MahaSabha, in its meeting held at Delhi discusses on White Paper and terms it against interests of Hindu Community. It was decided that All-India strike will be held on 9th April to protest against the White Paper. 1939: Hindu ministers of Sindh are not happy with K.B. Allah Bux Government.NihchaldasVazirani and DialmalDoulatram resign as ministers, whereas Dr.Hemandas intends to move Mo-Confidence motion against K.B.AllahBux, the Premier. 1940: Sindh Government vide Notification No (s) 29H/207 appoints Judge to conduct Enquiry regarding the Masjid Manzilgah dispute and roots. 1945: G.M.Syed sends Telegram to the Quaid-i-Azam uprising him of political situation in Sindh and expelling him and HashimGazdar from the Party. 1955: The Government of Pakistan promulgates the Emergency Power Ordinance and assumes powers to make provision for framing the constitution, constitute the province of West Pakistan.

No comments:

Post a Comment