Wednesday 22 March 2023

Sindh in history today (23rd March). By. Dr.Pathan

Dur Muhammed Pathan: SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY (23rd March}. My post consists of: 1). My Good Day Wish, 2. Events from history, 3). Link of my Video Talk on history. ************* **** 23.3.1840: ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت ڪراچي ۽ سکر ۾ فوج جي سپهسالاري سيڪنڊ ڪلاس برگيڊرن جي حوالي ڪئي ۽ هدايتون ڏنيون ته ٻنھي هنڌن کي فوج کي وڌيڪ منظم ڪيو وڃي ته جيئن سنڌ ۾ يا سنڌ کان ٻاهر ڪنهن هنگامي صورتحال ۾ انھئ فوج کي ڪم آندو وڃي. 23.5.1841: پوليٽيڪل ايجنٽ آئوٽرام اڄ تفصيلي خط لکي پنهنجئ سرڪار کي حيدرآباد ۽ ميرپور خاص سرڪارين جا احوال ڏيندي لکي ٿو ته مير شير محمد سان معاهدي تي ڳالهيون هلي رهيون آھن. ھن جا هندو صلاڪار کيس اسان کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. مير شير محمد حيدرآبادي ميرن تي ڪاوڙيو ويٺو آھي ته هنن سندس پرڳڻن تي ناجائز قبضو ڪيو آھي. جي مير شير محمد چيو ته مان سندن فيصلو ڪندس. 23.3.1843: نيپيئر اڄ حيدرآباد مان مير شير محمد کي لکيو ته وقت نه وڃاء هڪ دم اچي جنگي قيدئ جي حيثيت ۾ مون اڳيان پيش ٿي. ٻئ صورت ۾ سڀاڻي منھنجو انتظار ڪر ۽ جنگ کي منھن ڏي. 23.3.1863: ساڌو هيرانند پٽ راء بهادر ديوان شوقيرام حيدرآباد ۾ ڄائو. هن 1883 ۾ بي. اي ڪئي. "سنڌ سڌار" اخبار جو ايڊيٽر ٿيو. "سنڌ سڀا" جي نمائندي طور 1886 ۾ آل انڊيا ڪانگريس جي سالياني اجلاس ۾ شريڪ ٿيو. 1887 ۾ حيدرآباد ۾ سماجي ڪم شروع ڪيائين.1888 ۾ ”يونئن اڪيڊمي/ اين.ايڇ.اڪيڊمي" اسڪول کوليائين. 1890 ۾ ”سڌار پتريڪا" ۽ "سرسوتي" رسالا جاري ڪيائين. ڌئ کي پڙھائڻ لاء وٺي وڃي رهيو هو ته 13 جولاء 1893 تي بيڪانير ۾ گذاري ويو. پنھنجي دور جو وڏو سماج سڌارڪ, صحافي ۽ سياستدان هو. 23.3.1923: ڪراچئ ۾ سيٺ رامچند فتحچند جي صدارت ۾ ”شڌي سڀا" جي گڏجاڻي ٿي ۽ ان ۾ سنجوڳي شيخن کي وري هند بنائڻ بابت حڪمت عملي جوڙي وئي. "شڌي سڀا" ان جي سرگرمين سنڌ ۾ ھندو-مسلم اختلافن وڌائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو ويو. 23.3.1930: ميهڙ ۾ وڏي پئماني واري "سنڌ خلافت ڪانفرنس" ٿي. هن شهر تحريڪ آزادئ ۾ مثالي حصو ورتو پر شهر جي سونهري اکرن ۾ لکڻ جهڙي تاريخ تي ڪم نه ڪيو ويو آھي. 23.3.1931: ڀڳت سنگ ۽ سندس ساٿين کي سرڪار ڦاهي ڏني. سنڌ جي وڏن شھرن ۾ انھئ سوڳ ۽ سرڪار جي مذمت ۾ ھڙتال ٿي. 23.3.1938: سنڌ ۾ خانبھادر الله بخش سومري "اتحاد پارٽئ" جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ ڪانگريس جي مدد سان حڪومت/وزارت ٺاهي, جنھن ۾ پاڻ خزاني ۽ داخلا جا کاتا کنيائين, پير الاهي بخش کي روينيو جو کاتو ڏنائين ۽ پي.ڊبليو.ڊي ۽ پبلڪ هيلٿ جا کاتا نهچلداس کي ڏنائين. 23.3.1940: آل انڊيا مسلم ليگ جي لاهور واري اجلاس ۾ ”پاڪستان ٺھراء“ پاس ٿيو. ان ۾ سنڌ مان شرڪت ڪندڙ سياستدان هئا: حاجي عبدالله هارون, جي.ايم.سيد, محمد ايوب کهڙو, علي محمد شاه راشدي, شيخ عبدالمجيد سنڌي, ايم.اي.خالق, سيد حسن بخش شاه محرابپور وارو, حاجي دوست محمد (لاڙڪاڻو), خانصاحب حق نواز (شڪارپور), امير احمد (لاڙڪاڻو), غلام محي الدين, عبدالحئي صديقي (سکر), منير احمد (لاڙڪاڻو), عبدالروف (ڪراچي), محمد اسلم (ڪراچي), محمد هاشم جوڻيجو, محمد رمضان, محمد علي چوڌري (ٿر), مقبول احمد (ٿر), چوڌري رحمت الله(ٿر), مرزا رحمان بيگ (سکر), ۽ رئيسئ افضل خان کيڙو (مورو). 23.3.1941: سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ "پاڪستان ڊي" ملهايو ويو. 23.3.1946: اقتدار منتقل ڪرڻ بابت سياسي اڳواڻن جي ويچارن کي ٻڌڻ لاء ”ڪئبينيٽ مشن" ڪراچئ پهتو. سنڌي جي سمورن هندو ۽ مسلمان سياستدانن مان ڪنهن به سنڌ جي آزاد ۽ خودمختيار ملڪ جي ڳالھ نه ڪئي. پر مسلمانن مسلم ليگ ۽ هندن ڪانگريس جي ڳالھ ڪئي. حالانڪ ان وقت سنڌ جي مطلق آزادئ بابت عوامي ۽ گروهي وايو منڊل جڙي چڪو هو. 23.3.1955: خان عبدالغار سرڪار کان گهر ڪئي ته ون-يونٽ ڏنڊي جي زور تي مسلط ڪرڻ بدران عوام کان ووٽ زريعي رضامندو وٺو. 23.3.1956: ايسٽ بنگال جو نالو مٽائي "اوڀر پاڪستان" ۽ فيڊرل ڪورٽ جو نالو بدلائي "سپريم ڪورٽ" رکيو ويو. 23.3.1985: محمد خان جوڻيجي پاڪستان جي وزير اعظم طور عهدو سنڀاليو. ************* {23 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} ************* [جنم ڏينهن:] 23 مارچ 1844ع مذهبي اسڪالر ۽ بزرگ ميان غلام صديق (شهداد ڪوٽ ) جي پيدائش ٿي. 23 مارچ 1863ع سماجي ورڪر ۽ صحافي ساڌو هيرانند (حيدرآباد) جو جنم ڏينهن آهي. 23 مارچ 1898ع ليکڪ آچاريه آسودومل گِدواڻي(ڪراچي) جو جنم ڏينهن آهي. 23 مارچ 1893ع آزادي پسند اڳواڻ گهنشام شِوِداساڻي (حيدرآباد) جو جنم ڏينهن آهي. 23 مارچ 1912ع سياستدان آغا بدرالدين دراني(ڳڙهي ياسين) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 23 مارچ 1924ع ليکڪ وشنداس آسراڻي (شڪارپور / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 23 مارچ 1929ع بيگم نصرت ڀٽو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 23 مارچ 1929ع براڊڪاسٽر سرور بلوچ(لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. 23 مارچ 1951ع اديبه آشا چاند(سندري ۽ اتم جي ڌيءُ) جو جنم ڏينهن آهي. 23 مارچ 1959ع شاعر آصف مٺياڻوي جو جنم ڏينهن آهي. 23 مارچ 1963ع صحافي احمد رضا بروهي(بوبڪ) جو جنم ڏينهن آهي. 23 مارچ 1968ع ليکڪ سردار چنا (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. 23 مارچ 1974ع صحافي شاهد مهيسر (لاڙڪاڻو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 23 مارچ 1978ع ليکڪ امداد ٻرڙو (ميرپور ٻرڙو) جو جنم ڏينهن آهي. 23 مارچ 1984ع شاعر سجاد حسين سجاد (سيتا روڊ) جو جنم ڏينهن آهي. 23 مارچ 1986ع ليکڪ اسلم پاٽائي جو جنم ڏينهن آهي. 23 مارچ 1988ع شاعر انتظار ابڙو (جيڪب آباد) جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 23 مارچ 1809ع اسڪال مخدوم عبدالواحد سيوستاني جي وفات ٿي. 23 مارچ 1931ع آزادي جي ويڙهه وڙهندڙ شهيد ڀڳت سنگه کي ڦاهي ڏني وئي. 23 مارچ 1958ع صوفي سوامي رام فقير (دادو / اجمير) جي ديهانت ٿي. 23 مارچ 1992ع ليکڪ عادل سخيراڻي (دادو) جو انتقال ٿيو. 23 مارچ 1998ع گلوڪار استاد وحيد علي خان جو لاڏاڻو ٿيو. Dr.Pathan wishes you Good Day. [Relation stand ceased and human values stand violated, when we avoid to reciprocate in complex that it is duty and need of others to love & serve us without any return and condition. This is an ugliest kind of social, ideological and emotional exploitation that has been depriving people of love & beauty and peace & progress] ھوتن کي ھٿوڙا سدائين ھٿن ۾ پر تارازي نہ کٹن ڪڏھن ساڻ، ان لاء ملڪن ۾ مانڌان، ماٹھون مرن سونھن سڪون سلام لاء. ************* SINDH IN HISTORY EVENTS: 1843: Charles Napier writes to Mir Sher Muhammad Khan that if you choose to meet me tomorrow, as I march to attack you at the head of army; if you will surrender yourself as a prisoner without any other conditions than that your life will be safe, I will receive you. 1923: The meeting of ShudiSabha is held at Parbati Pati Sukkdani Mandar it is presided over by Seth RamchandFatihchand. The strategy regarding reconverting New Muslims (Sanjogi Shaikhs) to Hinduism was finalized. 1930: Sindh Khilafat Conference is held at Mehar. It is attended by eminent Khalfat Leaders. 1931: Sindh observe complete hartal to protest against execution of Bhagatsing and others. 1935: R.D.Bell, Home Member assures Indian Legislative Assembly that the Government has decided to order enquiry into Karachi firing in which more that 40 Muslims were killed by the military firing. 1938: The Leader of the ‘Itad Party’, K.B.AllahBux Soomro forms Sindh Government. PirIllahiBux and Nihchaldas are inducted as ministers. 1940: Those who participated in All-India Muslim League session of Lahore and favored/supported ‘Pakistan Resolution’ are: G.M.Syed, K.B.Khuhro, M.A.Khaiq, Syed HussainBux Shah (Mirabpur), Haji Dost Muhammad of Larkano, Pir Ali Muhammad Shah Rasdi, Amir Ahmad of Larkano, Muneer Ahmad of Larkano, K.B.Haqnawaz (Shikarpur), GhulamMahuddin, Abdul Hai Siddiqui (Sukkur), Abdul Rauf (Karachi), Muhammad Aslam (Karachi), Muhammad HashimJunijo, Muhammad Ramzan, Muhammad Ali Choudhri (Thar), Maqbool Ahmad (Thar), ChooudhriRahmatullah (Thar), Mirza Rahman Beg (Sukkur), RaisAfzal Khan Khero (Moro). 1941: All the branches of Sindh Muslim League observe Pakistan Day. 1946: The Cabinet Mission reaches at Karachi. 1951: Muhammad AyubKhuhro is sworn in as the Chief Minister of Sindh. 1956: Bengal is renamed as East Pakistan and Federal Court as Supreme Court. 1965: Ayub is sworn as the President of Pakistan for another five years. Z.A.Bhutto is inducted as minister. Malik Amir Muhammad Khan and Abdul Monem khan are appointed Governors of West Pakistan and East Pakistan respectively. [23/03, 4:02 am] Dur Muhammed Pathan: https://youtu.be/JJlzb-nHDTI

No comments:

Post a Comment