Saturday 18 March 2023

Sindh in history today (19th March). By. Dr. Pathan. Post in Sindhi & English

Dur Muhammed Pathan: SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {19th March). Post consists: 1). My Good Day Wish, 2).Events from history, and 3).Link of my Video Talk on history. ************* سنڌ جي تاريخ ۾ ڇا ٿي گذريو, ان لاء ھي واقعا پڙھو: 19.3.1832: اسلام ڪوٽ جي کوسن فرنگين ۽ سندن سهولتڪارن کي ڏوهي وارداتون ڪري نڪ ۾ دم ڏنو. پالنپور جي سوڍر راٻڙئ کي ڏاڍو تنگ ڪيائون. ان تي هن کوسن خلاف فرنگي عملدارن وٽ دانهيو. ڀڄ جي ائڪٽنگ ريزيڊنٽ ميرن کي خط لکي کين گذارش ڪئي ته سوڍر راٻڙئ تان کوسن جو آزار لاهيو. 19.3.1843: چارلس نيپيئر اڄ مير شير محمد کي لکيو ته اسان تو سان ڪڏهن کؤنس ڪانه ڪئي, پر اسان تي جنگ مسلط ٿو ڪرين. هاڻي ٻي ڳالھ ناهي, بس هٿيار ڦٽا ڪري اچي پيش پؤ 19.3.1850: سنڌ ۾ ميرن جي حڪومت وئي ۽ ڌارين فرنگين جي حڪمراني شروع ٿي ته انهئ اقتدار جي مٽجڻ دوران جابلو قبيلن سنڌ ۾ ڦرلٽ جي بازار گرم ڪري ڇڏي. انهن ڦرلٽ ڪندڙن مان بگٽي قبيلو به هڪ هئو. فرنگي حڪومت ”لٺ ۽ چٺ “ واري حڪمت علمي هلائي. ڦورو قبيلن جي فردن کي پڪڙيو به ته انهن جي مٿي تي هٿ رکي ڪن کي سنڌ ۾ زمينون به ڏنيون. ڏاتو مندراڻي بگٽي قبيلي جو خطرناڪ ڏوهاري هو. شڪارپور جي ڪليڪٽر هن کي پڪڙڻ ۽ سختين ڪرڻ کان پوء ھن تي اعتماد ڪري کيس زمين ڏيڻ جي آسري تي مٿس اهو ڪم رکيو ته هو بگٽي قبيلي جي ٻين ڦورو ماڻھن سان ملي ۽ کين ڏوهن کان باز رکي ۽ پڪ ڏئي ته هو ڏوه نه ڪندا ته کين سنڌ ۾ زمينون ڏئي آباد ڪبو. شڪارپور جي ڪليڪٽر جڏهن اها چال چلندي ڏاتي مندراڻئ کي آزاد ڪيو ته اڄ سنڌ جي ڪمشنر هن کان پڇيو ته ڪهڙن سببن ۽ حالتن ڪري, هن ڏاتي مندراڻئ کي آزاد ڪرڻ جو جوکم کنيو آھي. 19.3.1913: اڄ اسڪائوٽنگ جي بانئ بيڊن پاول ”سنڌ اسڪائوٽ“ تنظيم کي الحاق ڏنو. گذريل سال ”سنڌ اسڪائوٽ“ جا 12 ميمبر/اسڪائوٽ ھئا ۽ هاڻي انهن جو تعداد 32 کي پهتو آھي. ياد رهي ته ”سنڌ اسڪائوٽ“ طرفان سنڌئ ۾ ماهوار رسالو به جاري ڪيو ويو هو. 19.3.1916: ڪراچئ ۾ ”سوشل سروس ليگ“ نالي هڪ تنظيم هوندي هئي, جيڪي ٻين سرگرمين کان سواء ڊراما به ڪندي هئي ته جيئن ڏوڪڙ ڪمائي, غريب شاگردن جي مالي مدد ڪري سگهن. 19.3.1920: سنڌ ۾ وڏي پئماني تي ”خلافت ڊي“ ملهايو ويو. 19.3.1935: غلام حسين هدايت الله ۽ محمد ايوب کهڙي ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ سنڌ جي زميندارن جي حقن لاء آواز اٿاريو. 19.3.1935: ڪراچئ ۾ غازي عبدالقيوم کي دفنائڻ لاء ڪڍيل جلوس تي سرڪار گولي هلرائي 40 مسلمان ماري وڌا هئا. ان تي ڪي.ايل.گابا انڊين ليجسليٽو ڪائونسل ۾ موشن پيش ڪيو هو, جيڪو ڪائونسل اڄ پاس ڪيو. ان مطابق حڪومت تي ڇوه ڇنڊيا ويا. 19.3.1954: مختلف حڪومتن ۽ خاص ڪري مسلم ليگي حڪومتن ملڪ ۾ جيڪو ويل ڪيو, ان تي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ اوڀر پاڪستان جي بنگالين عملي شعور جو مظاهرو ڪيو. اتي ”يونائٽيڊ فرنٽ“ نالي سياسي اتحاد جوڙيو ويو, جنهن اوڀر پاڪستان جي اسمبلئ ۾ اڄ چونڊن ۾ 237 مسلم سيٽن مان 151 سيٽون کٽي ورتيون. مسلم ليگ نالي ماتر سيٽون کٽيون. 19.3.1958: سردار عبدالرشيد, جيڪو اولھ پاڪستان جو گورنر هئو, تنهن کي وفاقي وزير بڻائي مظفر علي قزلباش کي گورنر مقرر ڪيو ويو. 19.3.1964: ڍاڪا ۾ بنگالين مطالبو ڪيو ته بنيادي جهموريت جي ميمبرن کان چونڊ ڪرائڻ بدران بالغ راء دهئ جي بنياد تي چونڊون ڪرايو. حڪومت طرفان مٿن ڏنڊا وسايا ويا. 19.3.1969: پورهيتن جي بيچيني ھڙتالن ۾ بدلجي وئي. اڄ ڪراچي بندر جي پوهيتن هنگامو ڪيو, جنهن ۾ هڪ پوهيت مري ويو ۽ ڪيترا ڦٽجي پيا. 19.3.1971: شيخ مجيب ۽ ملڪي صدر وچ ۾ ڳالهين جو دؤر ٿيو. 19.3.1973: بلوچستان صوبي ۾ ڀرپور هڙتال ٿي ۽ ماڻھن نئشنل عوامي پارٽئ جي حڪومت ڊاهڻ خلاف احتجاج ڪيو. 19.3.1990: نواز شريف کي ٻيهر آء جي آء جو چيف چونڊيو ويو. 19.3.1992: نواز شريف اڄ رئيس غلام مصطفا جتوئئ ۽ سندس پارٽئ کي آء.جي.آء مان ڪڍي ڇڏيو. 2. تاريخ 19 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 19 مارچ 1406ع عظيم تاريخدان ۽ فلاسافر ابن خلدونجي تيونس ۾ پيدائش ٿي. 19 مارچ 1885ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ شاعر ڪشنچند بيوسجو جنم ڏينهن آهي. 19 مارچ 1886ع تاجپور جي نواب ۽ شاعر نواب خداداد خان ثاني جو جنم ڏينهن آهي. 19 مارچ 1898ع شاعر ۽ فريڊم فائيٽر سيد ميران محمد شاهه مير جي پيدائش ٿي. 19 مارچ 1933ع شاعر ۽ گلوڪار ساجنداس ڪندناڻي (ڀنڀور / بيلاسپور) جو جنم ڏينهن آهي. 19 مارچ 1933ع شاعر عبد بٺورائي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 19 مارچ 1975ع شاعر غلام رسول سماٽ (ٿرڙي محبت) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 19 مارچ 1937ع شاعر ۽ ليکڪ قاضي محمد دائود ٽکڙائي جي وفات ٿي. 19 مارچ 1963ع مذهبي عالم ۽ فريڊم فائيٽر مفتي محمد حسين جي وفات ٿي. 19 مارچ 1973ع مٺي سان تعلق رکندڙ اديب ڀڳت کيمچند جي ديهانت ٿي. 19 مارچ 1979ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ مصور گُل محمد کتري جو انتقال ٿيو. 19 مارچ 2006ع ناليواري فلمي اداڪارمحمد علي جو انتقال ٿيو. 1. Dr.Pathan wishes you Good Day. [ If your Dear is in your heart and your eyes are waiting to see him/her, you are with noble cause of loving human beings. You will love the love and hate the hatred & discrimination] نشو پرین جي نینھن جو، جن نیٹن ٿیو نصیب، سوچن لوچن سپنن اندر، دل ۾ دوست حبیب، ساري دنیا سندن رقیب، پر ساریندس سلام سان. ************* 2. SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY (19th March) EVENTS: 1843: Charles Napier writes to Mir Sher Muhammad of Mirpurkhas that ‘I will make no terms with you, except unconditional surrender, and security for your person, as other Amirs have received. We were at peace with you; we made no war with you; you have made unprovoked war upon us, and have cut off our dawks. If you do not surrender yourself as prisoner of war before the 23rd instant, I will march against you and give you battle’. 1913: The Sindh Scout is awarded affiliation by the Head Quarter, London and the document is signed by Lt. General Sir Robert Beden Powel. The Commissioner is made Patron of the organization. The Sindh Scout started with 12 Scouts and this year the number reaches to 31. 1916: The NGO Karachi Social Service League stages drama so as to earn and collect money for the benefit of children studying in Municipal Schools of Karachi. 1920: On the initiate and call of RaisGhulam Muhammad Bhurgri and Seth Haji Abdullah Haroon Sindh observes 2nd Khilafat Day. People were asked to remain peaceful and avoid to create law & order situation. As it was Friday, therefore, Muslims hold meetings soon after offering Juma Prayers. The Day was observed in length and breadth of Sindh. 1934: Ghulam Hussain Hidayatullah and Muhammad AyubKhuhro while taking part in the debate during the session of the Bombay Legislative Council demand protection of rights of landlords of Sindh. 1935: The Indian Legislative Council carries the motion of K.L.Gauba censuring the Government regarding Karachi firing and killing about 40 persons by Military. 1982: Life-term punishment for desecration of the Holy Quran, an Ordinance is promulgated.1992: Nawaz Sharif expels NPP of RaisGhulam Mustafa Jatoi from IJI. ************* 3. Video Talk link [18/03, 7:19 pm] Dur Muhammed Pathan: https://youtu.be/tRESrPmnJK8

No comments:

Post a Comment