Thursday 30 March 2023

Sindh in history today (31st March). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {31st march} & My Good Wish. ************* تاريخ ٻڌائي ٿي ته ڌاريا سنڌ ۾ ترقئ جي نالي تي اهي ڪم ڪرائيندا, جن مان کين فائدو ملي. انگريزن ڪو وڏو ڪاليج ته ڪو نه قائم ڪيو, پر ڪلارڪ ۽ منشي پيدا ڪرڻ لاء اسڪول کوليا. ان جي ثابتي اوهان کي وڊيو ٽاڪ مان ملندي. نامور فلاسافر ۽ سماجي سڌارڪ ڏيارام گدومل پوڙهائپ ۾ نوجوان ڇوڪرئ سان شادي ڪري, هندو سماج ۾ ڀونچال آڻي ڇڏيو. پر پوء ماڻھن کي هن عظيم انسان جي ڪارنامي جي خبر پئي ته هن جنهن ڇوڪرئ سان شادي ڪئي, اها پنهنجي فريبي دوست کان دوکو کائي ماء بڻجڻ واري هئي. ڏاهي ڏيارام گدومل انهئ ڇوڪرئ ۽ سندس خاندان جي عزت رکي ۽ ڇوڪرئ جي عيبن تي پردو وجهڻ لاء شادي ڪئي. ان جا تفصيل منهنجي وڊيو ٽاڪ ۾ موجود آھن. 1921 ۾ مسلمانن ضد ڪري هندن کي اڏيري لعل تي " چيٽي چنڊ" ميلو ڪرڻ نه ڏنو, وري 1927 ۾ ھندن لاڙڪاڻي ۾ 70 مسلمان جيل وجهرايا. ڪٽر هندن توڙي مسلمانن, ٻنھي سنڌ جي امن ۽ اتحاد کي نقصان ڏنو. ڪي شاهديون هن وڊيو ٽاڪ ۾ موجود آھن وڊيو ۾ اوهان جي معلومات ۽ دلچسپئ لاء اڃا کوڙ مواد موجود آھي. اهو ڏسو, ٻڌو , شيئر ڪريو. يوٽيوب تي سبسڪرائيب ڪرڻ نه وسارجو. https://youtube.com/watch?v=I-hcXIqkomA&feature=share ************ توجه طلب واقعا ************ 31.3.1857: انگريزن کان اڳ سنڌ جي شھرن ۾ قافله سرائيون هونديون هيون, جنھن ۾ واپاري ۽ ٻيا مسافر اچي رهندا هئا. انگريزن پنهنجي تجارتي, سماجي, ثقافتي ۽ دفاعي مقصدن لاء ريسٽ ھائوس/ڌرم شالائون ٺھرائڻ شروع ڪيون. اڄ سنڌ جي ڪمشنر کي ڪراچي ضلعي ۾ ڌرم شالائن ۽ بنگلن ٺھرائڻ لاء ممبئي سرڪار اجازت ڏني. 31.3.1857: سنڌ جي ڪمشنر ممبئي سرڪار کي لکيو ته حيدرآباد ۾ انگريزي اسڪول کولڻ جي نيت آھي, ان لاء در ماه 100 روپيا مالي مدد ڏيو. نوٽ ڪرڻ جي ڳالھ ھئ آھي ته سرڪار کي اسڪولن قائم ڪرڻ جو خيال پوء آيو. پر ان کان اڳ واپارين ۽ تاجرن لاء ڌرم شالا ٺھرائيا ويا. 31.3.1908: سکر ۾ ”سنڌ ٿياسافيڪل سوسائٽئ" جي شاخ (لاج) کولي وئي. ڪشنچند هن لاج جو باني صدر ٿيو. 31.3.1913: نامياري فلاسفر ۽ سماجي سڌارڪ ڏيارام گدومل جي عمر 56 سال هئي. هن پنهنجي دوست جي نوجوان ڌئ سان شادي ڪئي. سڄي هندستان ۾ ھل مچي ويو. گانڌي ۽ ابوالڪلام آزاد هن سان ملڻ آيا, هو ساڻن مليو ئي ڪونه. ڏيارام گدومل شهاڻي چوندو هئو ته هو بغاوت واري سال 1857 ۾ ڄائو آھيان ۽ بغاوت منھنجي طبيعت ۾ شامل آھي. سندس هن شادئ پٺيان هن جو وڏو ڪارنامو موجود آھي. 31.3.1921: هي اهو زمانو آھي جڏهن سنڌ جا هندو توڙي مسلمان خلافت ۽ ڪانگريس جي پليٽفارن تان فرنگي حڪومت کي ڏينھن جا تارا ڏيکاري رهيا هئا. پوء سرڪار "ويڙھايو ۽ حڪومت ڪريو" واري چال چلي. مذھب جي بنياد تي اٻوجھ هندن ۽ مسلمانن ۾ نفرتون پيدا ڪيون. اڄوڪئ تاريخ جي انگريزي اخبار "ڊيلي گزيٽ“ ۾ لکيو ويو آھي ته 1921 جي شروعاتي مهينن ۾ ”اڏيرو لعل" بابت هندو-مسلم تنازعو شروع ٿيو. حالتون اهڙيون بگڙجي ويون جو اڏيري لعل تي ٿيندڙ ”چيٽي چنڊ" واري ميلي تي سرڪار بندش وڌي ۽ هندن اهو ميلو وڃي نصرپور ۾ ملهايو. ڇو ته اڏيري لعل جو جنم نصرپور ۾ ٿيو هو. 31.4.1931: ڪراچئ ۾ 29 مارچ کان انڊين نئشنل ڪانگريس جو پنجيتاليهون ساليانو اجلاس شروع ٿيو هو. اهو اڄ پڄاڻئ تي پهتو. انھئ جي صدارت سردار ولڀ ڀائي پٽيل ڪئي هئي. ھن اجلاس جي مڪمل ڪاروائي اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھي. 31.4.1934: ڪراچئ جي خالق ڏني هال ۾ لالچند نولراء جي صدارت ۾ ”سنڌ هندو ڪانفرنس" ٿي,جيڪا ٻه ڏينھن هلي. هن ڪانفرنس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ کي صوبائي خودمختياري نه ڏجي ۽ ان کي ممبئي پرڳڻي جو حصو ڪري رکيو وڃي. 31.3.1954: ڪاش! اسان فقط ڳالهيون نه ڪيون. پر, جيڪڏهن سنڌ جي نه ته پنهنجي تعلقي يا ضلعي جي سياسي, سماجي, ادبي, ثقافتي, تعليمي ۽ ثقافتي تاريخ تي مواد گڏ ڪريون ۽ پوء انھئ مواد جي آڌار تي تاريخ مرتب ڪريون. سرڪار اڳي هر سال کاتن جي پروگريس رپورٽ شايع ڪرائيندي هئي. 1954 وارئ تعليم کاتي واري رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آھي ته ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پرائمري اسڪولن جو تعداد 495 هو. ان مان 456 بوائيز اسڪول هئا ۽ فقط 39 ڇوڪرين جا اسڪول هئا. 29028 ڇوڪرا ۽ 3012 ڇوڪريون پڙھنديون هيون. سال ۾ پرائمري تعليم تي سرڪار 1090285 روپيا خرچ ڪيو. 31.3.1958: ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿان. اسڪندر مرزا ملڪ جي اڻ-چونڊيل صدر اوڀر پاڪستان جي گورنر اي.ڪي.فضل الحق کي ڊسمس ڪيو ۽ اتان جي صوبائي حڪومت کي ختم ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته اي.ڪي.فضل الحق 1940 ۾ لاهور واري مسلم ليگي اجلاس ۾ ”پاڪستان ٺھراء" کي پروپوز ڪيو هو. 31.3.1969: ڏاڍي لٺ کي ساڳيا ئي ٻه مٿا. چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جنرل يحيا خان پنهنجو پاڻ کي صدر مقرر ڪري ڇڏيو!!!! ************ {31 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 31 مارچ 1914ع اديب مير الله بخش ٽالپرجو جنم ڏينهن آهي. 31 مارچ 1936ع سياستدان ۽ ڪاموري امداد الله انڙ جو جنم ڏينهن آهي. 31 مارچ 1939ع صحافي محمد يوسف بروهي (قنمبر) جو جنم ڏينهن آهي. 31 مارچ 1941ع شاعر محمد ڇٽل فراز (آراضي) جو جنم ڏينهن آهي. 31 مارچ 1950ع شاعر سڪندر آهه جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 31 مارچ 1984ع شاعر شفيق الرحمان ذاڪر (ٺل) جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 31 مارچ 1964ع صحافي ۽ فريڊم فائيٽر مولانا عبدالڪريم چشتي(شڪارپور) جي وفات ٿي. 31 مارچ 1987ع صحافت ۽ ٻوليء لاء ڪم ڪندڙ علي محمد ڀٽو انتقال ڪري ويو. Dr.Pathan wishes you Good Day. [There is no provision for logic and arguments in love affair. It requires sincerity, trust and dedication. Surrender before dear, you will find yourself very near to him/her. If you believe Allah religiously, do not shift responsibility of performing your duties to Him. Because, He has empowered you properly and accordingly. Do, what you have to do. Don't insist on taking and getting, if you are not ready to give. Dear! Revisit and revise your vision & wisdom, strategy & life-craft] بحث برہ ۾ ۽ ڪو منطق محبت ۾ جائز ناھ، ڪرٹو سب ڪجھ پاڻ کي بار نہ اھو لاھ، ڳالھ اھڙي ٺاھ، جو ڄاٹین سونھن سلام کي ************* SINDH (including Pakistan)IN HISTORY TODAY {31st March} EVENTS: 1857: The Commissioner in Sindh writes to the Government of Bombay requesting sanction to a grant-in-aid of Rs.100 per mensem to a school proposed to be established at Hyderabad. 1934: Sindh Hindu Conference held in Khalikdina Hall at Karachi and presided over by LalchandNavalrai demands that Sindh shall remain annexed with Bombay Presidency. The resolution proposed by RaiBahadurHiranandKhemchand sates that even Bombay Provincial Committee of the Simon Commission, including its member Shahnawaz Khan Bhutto has opposed the separation of Sindh, hence the demand of Sindh Hindu Conference is justified. 1908: The Sukkur Lodge of the Sindh Theosophical Society is chartered. Kishinchand is elected as its founder President. 1913: The Philosopher and great Social worker Diwan Dayaram GidumalShahani marries Urmila Devi- daughter of his Malbari friend. It was a drastic action taken by a man of name and fame and it was termed as violation of Hindu norms. He is criticized at large and is not influenced by any propaganda. Later on Mahatma Gandhi and Moulana Abu-al-Kalam Azad tried to see him, but he regretted to see any one. 1917: Eminent Scholar Dr.Gurbuxani delivers his lecture on the topic of ‘Our Community’. This lecture program is arranged by ‘The Young Amils’ Association’ of Karachi. 1921: Sindh- the land of love and lovely people is being converted into ‘fire-place’ by its sons of soil. British ruleres policy to ‘divide & rule’ has brining its results. Hindus and Muslims have disputed over celebrations of ‘Cheti Chand’. The Government impose ban on the celebration of event at Uderolal, hence, it is celebrated at Nasrpur, the Birth place of Uderolal. 1954: The official Report says that 37,608 students are enrolled in Government recognized 532 schools of the Larkano district and it is 7.5 % of the Population. Out of these 532 schools the number of Primary schools is 495, 456 for boys and 39 for girls. 29028 boys and 3012 girls are enrolled in these Primary schools. The Government’s annual expenditure on Primary education in the district is Rs. 10, 90,285/. 1958: The President IskandarMirza removes A.K .Fazul-ul-Haq from the office of Governor of East Pakistan. In 1940, in the Muslim League Session of Lahore, the ‘Pakistan Resolution’ was proposed by the removed Governor A.K.Fazul-ul-Haq! 1969: CMLA Yahya Khan assumes the office of President of Pakistan to be effective from 25th of March.

No comments:

Post a Comment