Friday 31 March 2023

Sindh in history today (1st April). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {1st April} & My Good Wish for you. ************* ********* توجه طلب واقعا ************* 1.4.1839: ٻه مهينا اڳ اسان جي حڪمرانن رضا خوشئ سان ڪراچي ڌارين فرنگين کي لڳي ڏني. سيٺ نائونمل ٺٽي ۾ پاٽينجر سان گڏ هئو, سو ڪراچئ آيو. صدر بازار ۾ دوڪان ٺھرايائين. 1.4.1902: ميرپور خاص ۾ ميونسپالٽي قائم ڪئي وئي. 1.4.1913: نواب شاه ۾ ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جوڙي وئي. ان جو پريزيڊنٽ ڪليڪٽر ٿيندو. 9 ميمبرن کي سرڪار ٿاڦيندي ۽ ڇه ميمبر چونڊ ذريعي ايندا. 1.4.1921: حيدرآباد ۾ ”ائنٽي نان ڪو آپريشن سوسائٽي" قائم ڪئي وئي ته جيئن فرنگي سرڪار بابت وفادارئ جي تبليغ ڪجي ۽ خلافت خواه ڪانگريس جي مخالفت ڪئي وڃي. شمس العلماء مرزا قليچ بيگ ۽ نامياري شاعر ديوان ليلارام وطڻمل خاڪئ هن سوسائٽئ کي فعال بنائڻ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو. 1.4.1931: ڪراچئ ۾ ”جميعت العلماء ھند" جو ساليانو اجلاس ٿيو. هن اجلاس جي مهمانئ ۽ انتظام ۾ مولانا محمد صادق ڪليدي ڪردار ادا ڪيو 1.4.1931: ڪراچئ ۾ سباش چندر بوس جي صدارت ۾ ”سياسي مظلومن بابت ڪانفرنس" ٿي. ان ۾ فيصلو ڪيو ويو ته هندستان جي سياسي قيدين جي واهر لاء هڪ ڪميٽي ٺاهي ويندي, جيڪا سندن قانوني مدد ڪرڻ سان گڏ هنن جي متآثر ٿيل خاندانن جي سار لهندي. ڪانفرنس ۾ پنڊت موتي لال ۽ مولانا محمد علي جوهر جي وفات تي تعزيتي ٺھراء به پاس ڪيا ويا. 1.4.1935: برطانيه جي پارليامينٽ ”انڊيا ائڪٽ آف 1935" پاس ڪيو, جنهن ۾ سنڌ کي ممبئئ کان الڳ ڪرڻ جو فيصلو به شامل هو 1.4.1936: سالن جي سياسي جدوجهد کان پوء سنڌ کي ممبئئ کان علحدگي ملي ۽ ان کي صوبائي خودمختياري ڏني وئي. لينسلاٽ گراهم کي گورنر ۽ ايڇ.ڪي.ڪرپلاڻئ کي چيف سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. 1.4.1940: تعلقي ميروخان جي ننڍڙي ڳوٺ کبڙ ۾ مسلم ليگ جو زبردست جلسو ٿيو. انهئ جو اهتمام مسلم ليگ شاخ جي صدر مولوي علي محمد ڪيو ۽ جلسي جي صدارت مولوي محمد اسماعيل ڪئي. ٺھرائن ذريعي: 1. الله بخش سومري جي حڪومت ڊھڻ تي خوشئ جو اظھار ڪيو ويو,2. حڪومت کان مطالبو ڪيو وڃي ته رشوت ختم لاء قدم ورتا وڃن. 1.4.1941: سر هگ ڊو کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو. هو 1909 ۾ سنڌ ۾ اسسٽنٽ ڪليڪٽر ٿي آيو هو. 1927 کان 1933 تائين سکر بئراج جو روينو آفيسر ٿي رهيو. 1933 ۾ سرڪار هن جي چيئرمنئ ۾ “سنڌ ايڊمنسٽريٽو ڪميٽي" ٺاهي هئي .هن نڀاڳي جي ڏينھن ۾ اسان جا ڪونڌر ڦاهئ چڙھيا. ڊو ڪاليج/يونيورسٽي سندس نالي پٺيان آھي. 1.4.1941: سر حاجي عبدالله هارون جي ڪوششن سان خانبهادر کهڙي جي جاء تي مسلمان صحافين جي گڏجاڻئ ۾ مسلمان صحافين جي ھڪ ائسوسيئيشن قائم ڪئي وئي ۽ ان لاء ھن طرح عهديدار چونڊيا ويا: شيخ عبدالمجيد سنڌي (صدر), محمد خان غني ۽ آغا نظر علي (ٻئي نائب صدر) ۽ حاجي نذيرالدين (سيڪريٽري ۽ خزانچي). انھئ موقعي تي سر حاجي عبدالله هارون 50 روپيا, خانبهادر کهڙي 25 روپيا, جي.ايم.سيد 10 روپيا ۽ آغا غلام نبي پٺاڻ 10 رپيا ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌئ 5 روپيا مالي مدد طور ائسوسيئيشن کي ڏنا. 1.4.1951: لياقت علي خان جي پرائيويٽ سيڪريٽرئ کي قلات رياست جو وڏو وزير بڻايو ويو. 1.4.1970: ون يونٽ ٽوڙيو ويو. 1.4.2003: سنڌالاجئ ۾ سنڌ يونيورسٽئ جي وائيس چانسلر مظھرالدين صديقئ جي صدارت ۾ پير حسام الدين شاه راشدئ جي ورسي ملهائي وئي. حسين شاه راشدئ, شوڪت حسين شوري ۽ ٻين مرحوم جي شخصيت ۽ خدمتن تي روشني وڌي. ************* { پهرين اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} ************* [جنم ڏينهن:] 1 اپريل 1811ع مشهور شاعر خليفي گُل محمد هالائي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 1 اپريل 1879ع شاعر ۽ اسڪالر محمد صديق مسافر جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1881ع اديب ڀڳت کيمچند(مٺي) جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1903ع اسڪالر ڀوڄراڄ ناگراڻي (حيدرآباد / ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1918ع تعليمدان، سياستدان ۽ سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر ۽ سابق وفاقي وزير سيد غلام مصطفى شاهه جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 1 اپريل 1922ع ليکڪ ڀڳوان پشپ (حيدرآباد / بمبئي) جي پيداائش جو ڏينهن آهي. 1 اپريل 1929ع صحافي عمرالدين بيدار جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1930ع شاعر نياز همايونئ جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1933ع شاعر امير بخش نظر سنڌي(مورو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 1 اپريل 1936ع ايٽمي سائنسدان ڊاڪٽر قدير خان جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1937ع صحافي ناصر بروهي (ڪراچي) جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1937ع ليکڪ ناصر مورائي جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1940ع مشهور آرڪيالاجسٽ احسان ايڇ نديم جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1942ع شاعر ۽ اسڪالر ڊاڪٽر بشير احمد شاد(لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1943ع ليکڪ ۽ سماجي ورڪر, ليکڪ ۽ ايڊووڪيٽ منير احمد چانڊيو (ٻيڙو چانڊيو) جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1947ع نامور محقق ڊاڪٽر بدر اڄڻ جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1952ع ليکڪ، صحافي، تاريخدان، آرڪيالاجسٽ محمد عثمان ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1960ع ڪهاڻيڪار اختر ٽانوري(بوزدار وڏا) جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1961ع اسڪالر ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو(شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1961ع ليکڪ ۽ پبلشر قربان منگي (خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1962ع ڪهاڻيڪار رزاق سهتو جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1963ع ليکڪ بشير منگي جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1967ع ليکڪ ابراهيم کرل(خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1958ع ليکڪا، شاعره ۽ فيمينسٽ ايڪٽوسٽ عطيه دائود جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1974ع شاعر امر اقبال(خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1975ع شاعر وفا ٻرڙي جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1975ع شاعر، ليکڪ ۽ صحافي واحد پارس هيسباڻي جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 1 اپريل 1982ع محقق ۽ تاريخدان پير حسام الدين راشدي جو لاڏاڻو ٿيو. Dr.Pathan wishes you Good Day. [Dear! You are every thing for me: brave & bold, beauty & love and even cause & aim of my life. I am nothing, but zero. Accept me as suffix and prefix' in number, it will raise and increase its value and importance. Be my Number, because, you are only my number and number One] آئون ٻڙي تون ٻڙو ٻاجھ جو، تون ئي آھین ڇانو ڇپر، تنھجئ طلب ۽ تانگھ سواء، ڪو پنھنجو ناھي ثمر، تون آھین برہ جو بر بحر، طاقتور اثر سرت سلام جو. ‏‎ ‎************ SINDH (including Pakistan)IN HISTORY TODAY {1st APRIL} EVENTS: 1939: Seth Naomalreturn Karachi in company of Colonel Pottenger who is due to proceed to Bombay. Seth Naomal stays six months here and provides all required services and help to British Camp . During his stay, he got constructed his shops in the Saddar Bazar. 1902: Municipality is created at Mirpurkhas. 1913: The District Local Board is created at Nawabshah. The Board composes of nine nominated and six elected members with Collector as its President. 1921: Anti-Non-Cooperation Society is formed at with Diwan Lilaramsing Watanmal ‘Khaki’- an eminent poet.,Mirza Qalich Beg is also in the Society. This is first ever move initiated by Sindhi poets and writers to help and support British Government of Sindh in rainy days. The Government is facing tough time from Khilafat and Congress as both parties have launched Non-Co-Operation Movement against the Government.1924: The Local Adult Education Movement Association is formed at Karachi to impart English Language education and make it popularized. Classes are started in Theosophical Hall. 1931: It is day of political activities in Karachi. On the initiate of Moulana Muhammad Sadiq of Khada and Hakim Fatih Muhammad Sehwani, Annual Session of the Jamiat-ul-Ulema Hind opens at Karachi. Details and speeches are uploaded on Gul Hayat website. Subhas Chandra Bose presides over the Political Sufferers’ Conference here. Swami Govindanand is the chairman of the Reception Committee. It is decided to form ‘ IndianPrsioners Relief Committee. 1936: Sindh gets Provincial status and is separated from Bombay Presidency. Sindh with area of 123080 k.m was an independent country in 1843. She lost its sovereignty in the same year and became a Province of the Governor and CMLA for four years. In 1847 was annexed with Bombay Presidency and lost its Provincial Status. Today her provincial status is restored. Sir Lancelot Grahm is appointed its Governor, with H.K.Kirpalani as Chief Secretary to the Government of Sindh. 1939: The District Larkano Board withdraws Toll Tax. 1940: On the initiate of Moulvi Muhammad Ali, President of Muslim League local branch of Khabar of TalukaMirokhan, a public meeting is held with Moulvi Muhammad Ismail in chair. The meeting is happy on the fall of Allah BuxSoomro’s Government and also congratulates Shaikh Abdul Majeed Sindhi on his election as member of Sindh Legislative Assembly from this Constituency and defeating Sir Shahnawaz Bhutto. 1941: Sir Hugh Dow is appointed as the Governor of Sindh. He started his career as Assistant Collector in Sindh in 1909. He remained Sukkur Barrage Revenue officer from 1927 to 1933. He was appointed the Chairman of ‘Sindh Administrative Committee in 1933. During his tenure as the Governor our two Freedom Fighters: Hemon Kalani and Sooreh Badshah PirPagaro were sentenced to death. On the same date and year and on the initiate of Sir Haji Abdullah Haroon, G.M.Syed, Shaikh Abdul Majeed Sindhi and K.B. Khuhro ‘Sindh Muslim Journalists Association is formed.Shaikh Abdul Majeed Sindhi (President), Muhammad Khan ;Ghani’ (V.P), Agha Nazar Ali Khan (V.P), Haji Nazir-u-din, editor ‘Hayat’, Karachi (Secretary & Treasurer) are elected as first ever office-bearers. 1952: Government withdraws Camps (Lorhas) and Hurs are made free.

No comments:

Post a Comment