Wednesday 29 March 2023

Sindh in history today (30th March). By. Dr.Pathan

Dur Muhammed Pathan: EVENTS FROM SINDH HISTORY (30th March) By: Dr. Pathan ** 1839ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريزن جي سنڌ ۾ مقرر پوليٽيڪل ايجنٽ ڪرنل پوٽينجر ٺٽي جي آفيسر ڪمانڊنگ کي سفارش ڪئي ته فوجي دستن کي اها هدايت ڪئي وڃي ته اهي سنڌ جي حڪمرانن جي علائقن مان گذرڻ وقت انهن جي شڪارگاهن کي متاثر نه ڪن.ڇوته سنڌي حڪمران شڪارگاهن جي حوالي سان گهڻا فڪرمند رهندا آهن. ** 1918ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ سنڌ صوبائي ڪانفرنس جي شروعات ٿي، جنهن جي صدارت مرليڌر جئرامداس ڪئي، جيڪو ان وقت جو مشهور اڳواڻ هو، ڪانفرنس ۾ سنڌ جي مختلف شهرن مان اٽڪل 500 وفدن شرڪت ڪئي. ** 1919ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ روولاٽ بل خلاف سخت احتجاج ڪيو ۽ ان حوالي سان سنڌ جي مختلف شهرن ۾ جلوس پڻ ڪڍيا ويا. ** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاهور ۽ ڍاڪا ۾ ٽي وي اسٽيشنون قائم ڪرڻ لاءِ جاپان جي اليڪٽرانڪ ڪمپني نائيپون اليڪٽرڪ سان معاهدا ڪيا ويا. ** 1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو مخالف ڌر جي اڳواڻن کي ڳالهين جي آڇ ڪئي، جنهن تي اپوزيشن جماعتن صلاح مشوري بعد جواب ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. ** 1984ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان اعلان ڪيو ته ائٽمي پروگرام جاري رکيو ويندو، ان حوالي سان ڪنهن به قوت جو دٻاءُ قبول نه ڪيو ويندو. ** 1995ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر فاروق احمد لغاري ڪراچي ۾ امن امان جي بهتر صورتحال لاءِ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن کي ڳالهين لاءِ ايوان صدر اسلام آباد سڏائي ورتو. ** 2002ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي برطانوي راڻي ايلزبيٿ ٽو جي ماءُ گذاري وئي. هن جي عمر 101 سال هئي، سندس وفات جو اعلان بڪنگهم پئلس طرفان ڪيو ويو.سندس آخري رسمن ۾ اٽڪل 10 لک ماڻهن شرڪت ڪئي. *********** ڏينهن 30 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون جنم ڏينهن: 30 مارچ 1863ع مذهبي اسڪالر مولانا غلام رسول (شڪارپور) جي پيدائش ٿي. 30 مارچ 1905ع ليکڪ الله بخش نظاماڻيجو جنم ڏينهن آهي. 30 مارچ 1941ع سياستدان ۽ اڳوڻي صدر وسيم سجادجو جنم ڏينهن آهي. 30 مارچ 1944ع شاعر خادم حسين همدم (هالا) جو جنم ڏينهن آهي. 30 مارچ 1945ع اديب آخوند عبدالحميدجو جنم ڏينهن آهي. 30 مارچ 1970ع ليکڪ احمد خان احمداڻي (ڊگهڙي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 30 مارچ 1970ع صحافي ايم اشرف افغان (شهداد ڪوٽ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 30 مارچ 1979عاسڪالر ۽ محقق ڊاڪٽر مخمور بخاري (هالا) جو جنم ڏينهن آهي. 30 مارچ 1980عشاعر مير بيتاب پريو (نوابشاهه) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 30 مارچ 1981عليکڪ سهيل اختر ڪوريجو (پيارو ڳوٺ) جو جنم ڏينهن آهي. 30 مارچ 1984ع شاعر غلام عباس وفا جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 30 مارچ 1726ع بزرگ مخدوم ابو القاسم ٺٽوي جو لاڏاڻو ٿيو. 30 مارچ 1878ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ شاعر مير حسين علي خان حسينجو انتقال ٿيو. 30 مارچ 2002ع مشهور شاعر آنند بخشيجي ديهانت ٿي. 30 مارچ 2011ع اداڪاره روشن عطاجو انتقال ٿيو. *********** Dr.Pathan wishes you Good Day. [Superiority complex is not only seed of sorrows & longings but, it is self-dodging act that generates hatred & discrimination. None of us is only and only beautiful & bold and saint & wise in the ,, but everybody is combination of good and bad. Nobody will be respected, if no one is accepted accordingly ] سیاٹو، سھٹو, سیبتو پيا سورهيہ سڏایون ، پر دنيا جهان ۾ فقط اسان ئي تہ ناھیون، ڀلي فرشتن ڌن-ڌڻين جيان پاڻ جتایون، ‏‎ ‎ ڄمڻ مرڻ جذبن امنگن م بنه برابر آھیون، انا ۽ نفرت, جي دل تان وهم گمان لاھیون، تہ ڀائیون ۽ آھيون سونهن سلام اسان ئي *********** SINDH (including Pakistan)IN HISTORY TODAY {30th Marcha} EVENTS: 1839: Colonel Pottenger recommends and requests Officer Commanding Thatta that army be instructed not to damage Shikargahs of Sindh Rulers while they are passing through their territory. 1918: The Sindh Provincial Conference opens in Karachi. It is being presided over by MurlidharJeramdas, a Pleader of Shikarpur. Nearly 500 delegates from all parts of Sindh are participating. Details are available on Our website 1919: Sindh protest against Rowlaat Bill. Processions are taken out and meetings are held in major cities. 1954: An agreement is signed with NIPPON Electric Co. of Japan to establish two experimental T.V. stations at Lahore and Dhaka. 1955: Pakistani flag is desecrated at Kabul, Qandhar and Jalalabad. 1972: ‘Pakhtoonistan’ is no longer issue with our party, says NAP chief. 1973: Bhutto invites opposition for talks. 1979: Z.A. Bhutto’s habeas-corpus pleas are dismissed. 1984: Pakistan’s Nuclear program to continue, says Chief of Army Staff, General Abdul Waheed . 1995: President Frooq Laghari holds talks with MQM leaders in bid to restore peace and normalcy in Karachi. تاريخ بابت منهنجي وڊيو ٽاڪ جي لنڪ [30/03, 7:58 am] Dur Muhammed Pathan: https://youtu.be/tdK4pbF1m-M

No comments:

Post a Comment