Sunday 12 March 2023

Sindh in history in English & Sindhi (13th March). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {13th March} & My Good Day Wish. ************* It is Dr.Pathan`sa humble effort since last decade to present record of actions and reactions of forefathers. ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Paulo Coelho says that "Love is an untamed force. When we try to control it, it destroys us. When we try to imprison it, it enslaves us. When we try to understand it, it leaves us feeling lost and confused".But, we are a nation, that has nothing to do with human love and respect. We see beauty in ourselves only and love our own interests. We respect ego, hatred and discrimination. Human-being is Social animal, but we are animals and not social. We have lost ourselves and values] بره بنا هئ بي رنگي دنيا ان ۾ ناهي رات يا ڪو ئي ڏينهن, انا نفرت متڀيد جي جنڊ ۾ تن من روح جي پينهان پينهن, وسن نہ هت وڏ-ڦڙا ڪي محبت مروت ماڻھپي جا مينهن, گدڙ بہ ڏر تي شينهن, پر اسان بي همتا سونهن سلام سان. ************* SINDH IN HISTORY TODAY EVENTS: 1843: Charles Napier is feeling threat in northern Sindh. He has asked the Bombay Government to send two regiments of infantry and one of artillery to Sukkur. But, he is advised to contact Naval officers at Karachi to send guns and mortars. 1907: The British Empire League, Karachi branch celebrates its first anniversary. The function is presided over by its Vice President M.de.Web. New office-bearers for the next year are also elected on the occasion. The details of the meeting and the Karachi branch of British Empire League are available at Dr.Pathan`s website 1929: Soon after offering celebration of EidRamzan, a public meeting is held at Amrote and it is decided to launch movement for saving demolition of mosques during construction work of canals. 1932: The Governor of the Bombay Presidency declares Congress Committees of Hyderabad and Nawabshah Districts . This action is taken under Indian Criminal Law (Amendment) Act of 1908. 1934: Jageerdars of Sindh decides to hold ‘Sindh Zamindar and Jageerdar Conference’ in April at Hyderabad so as discuss the situation created by Sukkur Barrage. 1949: The Hari Committee in its meeting held at Hyderabad with HyderBuxJatoi in chair demands abolition of Jageerdari system in Sindh. 1952: Sindh Judicial court is upgraded as Chief Court. 1972: Thirteen hundred civilian officers are pre-maturely retired. 1977: PPP Government offers unconditional talks with PNA. قوم جا فرد جيڪڏهن وڏڙن جي تجربن مان لاڀ نه پرائيندا, ته اڳتي وڌڻ بدران چاڪئ جي ڏاند جيان حالتن جي گهاڻي ۾ چوڌاري پيا ڦرندا, پر اڳتي وڌي نه سگهندا. اسان پنهنجي وڏڙن جي تجربن, خوبين ۽ خامين مان سبق ڪيئن پرائينداسين, جڏهن تاريخ ئي ڪونه پڙھنداسين. اسان سان تاريخ ڳالهائڻ چاهيندي آھي ۽ اڄ به ڳالهائي ٿي. اچو ته کيس غور سان ٻڌون. EVENTS FROM SINDH HISTORY (13th March) By: Dr. Pathan ** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي چارلس نيپيئر اتر سنڌ ۾ خطرو محسوس ڪندي پنهنجي حڪومت کي آگاهي ڏني، هن بمبئي حڪومت کي خط لکي درخواست ڪئي ته فوج جي انفينٽري ڊويزن جون 2 ريجمينٽ موڪليون وڃن، جڏهن ته هڪ آرٽلري سکر موڪلي وڃي، هن اهو به چيو ته ڪراچي ۾ موجود نيول ڪمانڊرن سان رابطو ڪري انهن کي بندوقون ۽ بارود موڪليو وڃي. ** 1929ع ۾ اًڄوڪي تاريخ تي امروٽ ۾ اهم گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ جي مختلف علائقن ۾ مسجدن کي شهيد ڪيو پيو وڃي، اهڙي عمل کي روڪڻ لاءِ تحريڪ هلائي ويندي. واضح رهي ته ان دور ۾ ڪئنالن جي تعمير دوران رستي ۾ ايندڙ مسجدن کي شهيد ڪيو پئي ويو. ** 1932ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بمبئي پريزيڊينسي جي گورنر حيدرآباد ۽ نوابشاهه ضلعن جي ڪانگريس ڪاميٽين کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو، بمبئي سرڪار اهو قدم انڊين ڪرمنل لا (ترميمي) ايڪٽ آف 1908ع جي قانون تحت کنيو. ** 1949ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حيدرآباد ۾ هاري ڪاميٽي جي گڏجاڻي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي صدارت ۾ ٿي، گڏجاڻي ۾ مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ مان جاگيرداري نظام جو خاتمو آندو وڃي. ** 1952ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي جوڊيشل ڪورٽ کي اپ گريڊ ڪري سنڌ چيف ڪورٽ بڻايو ويو. ** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ملڪ جي 1300 اعليٰ ڪامورن کي وقت کان اڳ رٽائرڊ ڪيو ويو. ** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت پي اين اي کي ڳالهين جي غير مشروط آڇ ڪئي، جنهن تي پي اي اي اڳواڻن چيو ته اهي ڳالهين لاءِ تيار آهن، پر مطالبا ساڳيا رکيا ويندا. ************* ڏينهن 13 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون جنم ڏينهن: 13 مارچ 1828ع مغربي محقق ۽ لطيف جي پارکو ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپجي جرمنيءَ ۾ پيدائش ٿي. 13 مارچ 1911ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ شاعر ۽ پبلشر ديو ساڀاڻي جي پيدائش ٿي. 13 مارچ 1918ع شاعر انيس مهيري (ٽنڊو محمد خان) جو جنم ڏينهن آهي. 13 مارچ 1927ع شاعر ۽ گلوڪار پرشتم چاند (ڪراچي / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 13 مارچ 1941ع صحافي عبدالغفار صديقي (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 13 مارچ 1946ع شاعر تيرٿ چاندواڻي (حيدرآباد / جهونا ڳڙهه) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 13 مارچ 1955ع قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر مظهر مغل (لاڙڪاڻو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 13 مارچ 1955ع سگهڙ بشير ابڙو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 13 مارچ 1963ع ناليواري شاعر حليم باغي(روحل واء لڳ عمرڪوٽ) جو جنم ڏينهن آهي. 13 مارچ 1968ع صحافي نور حسين ڀٽي (ٽنڊو محمد خان) جو جنم ڏينهن آهي. 13 مارچ 1976ع سوشل ميڊيا ايڪٽيوسٽ، ليکڪ ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي باني محمد سليمان وساڻجو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 13 مارچ 1857ع بزرگ خواجه ناظم الدين جي وفات ٿي. 13 مارچ 1935ع غلام حسين فقير شيخ (شڪارپور / شيخ اياز جو والد) جو انتقال ٿيو. 13 مارچ 2007ع سينيئر صحافي احمد علي خانجو انتقال ٿيو. 13 مارچ 2009ع فلمي اداڪار ڪيفي جو انتقال ٿيو. 13 مارچ 2016ع قومپرست سياستدان ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ جو انتقال ٿيو.

No comments:

Post a Comment