Wednesday 8 March 2023

Sindh in history today (9th March). By.dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {9th March} & My Good Day Wish. ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [Dear! We have misunderstood 'independence', hence, have ignored the importance of 'dependence'. Whereas, life requires us to depend on each other, to share and extend cooperation with others. But, we avoid to trust each other and create communication gap and don't believe in Give & Take, we become target of misunderstantings individually] آئون سورن ۽ تون پورن منجھ پورو، ھوت حیاتیون باھ جو جیئن کورو، تنھنجو منھنجو ایئن سپنو اٹپورو، راز سمورو، اوریئون نہ سلام جیان. ************* SINDH (including Pkistan) IN HISTORY TODAY {9th March} EVENTS: 1917: A. Jeejibhoy speaks in a lecture program arranged by ‘Karachi Citizen’s Association’. Topic was the ‘Commerce and its cultivation’. 1945: The dismissal of Sardar Shukat Hayat Khan in Punjab is discussed and debated in the Punjab Assembly and action of the Governor is termed as unconstitutional. 1949: The Sindh Assembly appoints ‘Select Committee’ consisting of three ministers and five MPAs to discuss “Tenancy Act’. Select Committee members are Mir Ghulam Ali Talpur (Minister), Kazi Fazul-ullah (Minister), Agha Ghulam Nabi Pathan (Minister), Moula Bux Soomro, GhulamRasoolJatoi, NabiBux Bhutto, Jaffar Khan Jamali and TahilramTeckchand. 1951: Prime Minister Liaquat Ali Khan discloses conspiracy against Government; it gives birth to ‘Rawalpindi Conspiracy case’. Case is registered against Major General Akbar Khan, Brigd. Latif, Faiz Ahmad Faiz and others. It was first strong action against Communists in Pakistan. 1956: Moula Bux Soomro is inducted as state minister. 1972: Martial Law will be lifted on August 14. Bhutto makes announcement on Radio and T.V network. 1981: President Zia contacts Hafiz al-Asad of Syria on telephone to seek his help for release of PIA plane and passengers. توجه طلب واقعا-9 مارچ ************* ** 1949ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ اسيمبلي ٽن وزيرن ۽ پنجن ايم پي ايز تي ٻڌل سليڪٽ ڪاميٽي جوڙي ورتي، جنهن کي ٽيننسي ايڪٽ تي غور لاءِ ذميواري ڏني وئي، سليڪٽ ڪاميٽي جي ميمبرن ۾ مير غلام علي ٽالپر، قاضي فضل الله، آغا غلام نبي پٺاڻ، مولا بخش سومرو، غلام رسول جتوئي، نبي بخش ڀٽو، جاکر خان جمالي ۽ ٽهليرام ٽيڪچند شامل هئا. ڪاميٽي کي چيو ويو ته اها عوام کان ٽيننسي ايڪٽ بابت راءِ معلوم ڪري. ** 1951ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم لياقت علي خان حڪومت خلاف سازش کي بي نقاب ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ راولپنڊي سازش ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ ميجر جنرل اڪبر خان، برگيڊيئر لطيف، فيض احمد فيض ۽ ٻين جا نالا جوابدار طور شامل ڪيا ويا. ** 1956ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مولا بخش سومرو کي رياستي معاملن جو وزير بڻايو ويو. ** 1967ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سوويت جي جوزف اسٽالن جي ڌيءَ ڀارت ۾ آمريڪي سفارتخاني ۾ سياسي پناهه وٺڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي، سويتلانا گهڻو عرصو ماسڪو ۾ رهي، هن ڀارت جي هڪ شخص سان ٽين شادي ڪئي هئي، ان جي وفات بعد ڀارتي اختيارين کيس رهڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيو، جنهن بعد هن آمريڪي سفارتخاني ۾ پناهه جي درخواست ڏني. ** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر ذوالفقار علي ڀٽو ريڊيو ۽ ٽي وي تي قوم کي خطاب ڪندي اعلان ڪيو ته مارشل لا 14 آگسٽ تائين ختم ڪئي ويندي ۽ ملڪ ۾ جمهوري نظام آندو ويندو. ** 1981ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جنرل ضياءُالحق شام جي صدر حافظ الاسد سان رابطو ڪيو ۽ پي آءِ اي جي هائيجيڪ ٿيل جهاز ۽ مسافرن جي آزادي لاءِ مدد طلب ڪئي، فون تي ٿيل رابطي ۾ حافظ الاسد صدر ضياءَ کي خاطري ڪرائي ته هو پي آءِ اي جو هائيجيڪ ٿيل جهاز ۽ مسافر آزاد ڪرائڻ ۾ ضرور مدد ڪندو. ** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاهور کان ڪوئيٽا ويندڙ ريل گاڏي چلتن ايڪسپريس ۾ ڇانگا مانگا ريلوي اسٽيشن وٽ بم ڌماڪو ٿيڻ جي نتيجي ۾ 10 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا ۽ سوين زخمي ٿي پيا.جڏهن ته ساڳئي ڏينهن تي سکر جي سيشن ڪورٽ ۾ به بم ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ هڪ ماڻهو مارجي ويو ۽ 12 کان وڌيڪ زخمي ٿيا. ** 2001ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انساني حقن جي اڳواڻ عاصمه جهانگير کي نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي عورتن واري اداري طرفان ملينيم پيس پرائيز ڏنو ويو. ************* 9 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون جنم ڏينهن: 9 مارچ 1846ع شاعر آخوند فقير محمد ”عاجز“جو جنم ڏينهن آهي. 9 مارچ 1931ع سايستدان راڻا چندر سنگهه جو جنم ڏينهن آهي. 9 مارچ 1942ع ليکڪ، نقاد ۽ صحافي ممتاز مهرجي پيدائش ٿي. 9 مارچ 1961ع ليکڪ منظور مشوري جو جنم ڏينهن آهي. 9 مارچ 1963ع صحافي محمد عالم سومرو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 9 مارچ 1969ع ليکڪ سعيد شاهه جو جنم ڏينهن آهي. 9 مارچ 1975ع صحافي صفدر وڳڻ جو جنم ڏينهن آهي. 9 مارچ 1978ع شاعر عبدالڪريم آواز چاوڙو جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 9 مارچ 1924ع سياستدان رئيس غلام محمد ڀرڳڙئ جي وفات ٿي. 9 مارچ 1939ع شاعر فقير هدايت علي نجفي تارڪجو انتقال ٿيو. 9 مارچ 1985ع شاعر ۽ فريڊم فائيٽر جي الانا جو انتقال ٿيو. 9 مارچ 2000ع سرائيڪي زبان جو ناميارو لوڪ راڳي پٺاڻي خان انتقال ڪري ويو. 9 مارچ 2010ع شاعر، محقق ۽ اديب ڊاڪٽر ملڪ نديم جو انتقال ٿيو.

No comments:

Post a Comment