Saturday 4 March 2023

Sindh in history today in Sindhi and English (5th March). By.Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY (5th March) هن پوسٽ رکڻ جو بنيادي مقصد آھي ته اوهان کي تاريخ جو نياپو پهچايو وڃي. ان ڪري هن پوسٽ ۾ منهنجو سلام آخر ۾ پڙھي سگهندا. در اصل اسان ۾ تاريخ-بيني ۽ تاريخ-فهمئ جي ايتري تانگه ڪانهي. اسان وڏڙن جي عملن, تجربن ۽ مشاهدن مان ان ڪري لاڀ نه ٿا پرايون جو پاڻ کي علم عقل جو اڪابر سمجهون ٿا ۽ اهو ضروري نه ٿا سمجهون ته تاريخ جي صلاح ٻڌون. سوچ جي اهڙي قبلي اسان جي لوچ جو قبلو بدلائي ڇڏيو آھي ۽ اسان جاکوڙ ڪري, جلوس ڪڍي, مارون کائي به پنهنجئ ڪنهن به جدوجهد يا تحريڪ جا منطقي مقصد حاصل ڪري نه سگهندا آھيون. جڏهن سياسي ۽ نظرياتي هڪ هٽيون عوام کي ڪو دڳ ڏئي نه سگهن ته پوء اسان کي تاريخ کان دڳ پيچرا پڇڻ گهرجن. اڄوڪئ تاريخ تي جيڪو وهيو واپريو, اهو اوهان جي اڳيان عرض رکان ٿو: ** 1836ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مير نور محمد ٽالپر جي علاج لاءِ رکيل اسسٽنٽ سرجن هيٿورن کي واپس هندستان گهرايو ويو، سنڌ ۾ مقرر پوليٽيڪل ايجنٽ ڪرنل پوٽينجر پنهنجي حڪومت کي درخواست ڪئي ته اهڙي عمل جو مير نور محمد ٽالپر ٻيو مطلب وٺي سگهي ٿو، جڏهن ته پوٽينجر منشي ڄيٺانند کي اهو به ٻڌايو ته بمبئي مان ايندڙ واپارين لاءِ سنڌي ماڻهو مسئلا پيدا ڪري رهيا آهن، ان ڪري سنڌ حڪومت ان معاملي جو نوٽيس وٺي ۽ اهي حڪم جاري ڪري ته بمبئي مان ايندڙ ماڻهن جي ٻيڙين سان ڇيڙ ڇاڙ نه ڪئي وڃي. ** 1837ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز عملدارن ڪئپٽن ڪارليس ڪراچي پهتو، جتي سيٺ نائو مل سندس آجيان ڪئي. ** 1906ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ برٽش ايمپائير ليگ جي سنڌ شاخ قائم ڪئي وئي، اها تنظيم ڪيترن ئي سالن تائين سرگرم رهي ۽ برطانوي مفادن لاءِ ڪم ڪندي رهي. ** 1916ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي جي انتهائي سرگرم اين جي او ”ڪراچي سوشل سروس ليگ“ پنهنجي پهرين سالگرهه ملهائي، انهي سالگرهه جي پروگرام ۾ تنظيم جي سرپرست پروفيسر شهاڻي صدارت ڪئي، جڏهن ته ناليواري ليکڪ ڄيٺمل پرسرام، واڌو مل، لال چند امر ڏنو مل، سيٺ گدو مل فتحچند، شامداس گدواڻي، ڀيرو مل ليکراج، ڊاڪٽر خوبچند، ڊاڪٽر دولترام آڏواڻي، ديوان وسن مل، ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي، پرتاب سنگهه شهاڻي، ايسرداس پارو مل ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ** 1931ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي نئين دهلي ۾ آل انڊيا مسلم ڪانفرنس جو خصوصي اجلاس گهرايو ويو، جنهن ۾ سنڌ مان حاجي عبدالله هارون شرڪت ڪئي، ڪانفرنس ۾ گول ميز ڪانفرنس جي انهي فيصلي جي منظوري ڏني وئي ته سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪيو ويندو ۽ سنڌ ڌار صوبي جي حيثيت ۾ ڪم ڪندي. 5.3.1954: اسڪندر مرزا ملڪ جو بنان مقابلي صدر بڻجي ويو. ڪنهن به ساستدان سندس رستي-روڪ نه ڪئي. 5.3.1969: مجيب الرحمان ڍاڪا ۾ وڏي ميڙ کي خطاب ڪندي بهارين کي چيو ته پاڻ کي هن ڌرتئ جي سماجي, ثقافتي ۽ سياسي رنگ ۾ ريٽو ڪيو. ڌرتئ کي پنهنجو ڪندا ته ڌرتي اوهان کي به پنهنجو ڪندي. 5.3.1971: اوڀر پاڪستان جي ڪيترن شهرن ۾ ڪرفيو لڳايو ويو. 5.3.1977: اين.ڊي ڪاليج کي يونيورسٽئ جو درجو ڏنو ويو. 5.3.1995: ڪراچئ ۾ دهشتگردن عيد وارن ٽن ڏينهن ۾ 17 ماڻھون ماريا, جن ۾ رينجرس ۽ آرمئ وارا به هئا. (گل حيات انسٽيٽيوٽ ڪراچئ, حيدرآباد, ميرپور خاص شهرن ٿيل دهشتگردئ تي مواد گڏ ڪري Sorrows of Cities جي عنوان سان تمام گهڻو مواد گڏ ڪيو آھي. ************* 5 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 5 مارچ 1905ع ليکڪ الله بخش نظاماڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 5 مارچ 1910ع شاعر شيخ عبدالله عابد (ڪراچي) جو جنم ڏينهن آهي. 5 مارچ 1913ع شاعر حاجن شاهه هم وطن (سيتا روڊ) جو جنم ڏينهن آهي. 5 مارچ 1927ع ليکڪ نورالدين سرڪي جو جنم ڏينهن آهي. 5 مارچ 1930ع شاعر محسن لاڙڪاڻوي جو جنم ڏينهن آهي. 5 مارچ 1933ع سماجي ورڪر امرت ڪمار (سنڌ / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي. 5 مارچ 1942ع شاعر ۽ گلوڪار عبدالرحمان درگاهي جو جنم ڏينهن آهي. 5 مارچ 1943ع ليکڪ منير ماڻڪ (نوشهرو فيروز) جو جنم ڏينهن آهي. 5 مارچ 1944ع شاعر راشد مورائيجو جنم ڏينهن آهي. 5 مارچ 1951ع سگهڙ اميد سولنگي جو جنم ڏينهن آهي. 5 مارچ 1953ع شاعر محمد خان مصروف منڌرو جو جنم ڏينهن آهي. 5 مارچ 1954ع صحافي خليل قاضي (نصرپور) جو جنم ڏينهن آهي. 5 مارچ 1957ع سياستدان اعجاز جکراڻي(جيڪب آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 5 مارچ 1959ع سماجي اڳواڻ علي حسين بروهي (سگا) جو جنم ڏينهن آهي. 5 مارچ 1960ع ليکڪ نظر حيات (سيوهڻ) جو جنم ڏينهن آهي. 5 مارچ 1961ع شاعر انيس گل عباسي (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. 5 مارچ 1963ع سياستدان عبدالرزاق ڏيرو جو جنم ڏينهن آهي. 5 مارچ 1969ع شاعر عبدالستار شاد وساڻ (پيرگڊو / خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي. 5 مارچ 1972ع شاعر جعفر جاني جو جنم ڏينهن آهي. 5 مارچ 1977ع شاعر عبدالحميد آس جو جنم ڏينهن آهي. 5 مارچ 1978ع شاعر ساجد سنڌيجو جنم ڏينهن آهي. 5 مارچ 1975ع شاعر غلام علي آسي جو جنم ڏينهن آهي. 5 مارچ 1982ع شاعر مرتضى ڦل جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 5 مارچ 1909ع مير فيض محمد خان والي خيرپور رياست جو انتقال ٿيو. 5 مارچ 2012ع شاعر سرڪش سنڌي جو لاڏاڻو ٿيو. 5 مارچ 2013ع وينزويلا جي مشهور سياستدان هوگو شاويزجو لاڏاڻو ٿيو. 5 مارچ 2018ع ناميياري سياستدان ڪا مريڊ ڄام ساقي جو لاڏاڻو ٿيو. EVENTS: 1836: Assistant Surgeon Hathorn who was deputed to take medical care of Mir Noor Muhammad, is recalled from Sindh. Colonel Potenger, Political Agent in Sindh requests and suggests his Government that this act can be taken by Mir Noor Muhammad in another way. On this day and date Potenger also informs MunshiJethanan that Bombay merchants have been disturbed by Sindhi people. Therefore Sindh Government may issue orders not to interfere with their boats . 1837: Captain Carless arrives at Karachi and received by Seth Naomal. 1906: The Sindh Branch of British Empire League is formed at Karachi. It remained active for years and worked for creating loyalty for the British in masses. 1916: Very active NGO ‘Karachi Social Service League’ celebrates its first anniversary. The function is presided over by Prof.Shahani, Patron of the League. Other participants include Jethmal Parsram (Eminent Writer), Wadhumal; LalchandAmardinomal (Eminent Writer); Seth GidumalFatihchand,;ShamdasGidwani (Secretary of the NGO); Bheromal Lekhraj; Dr.Khubchand, Dr.DoulatramAdvani; DiwanWasanmal; BheromalMaharchandAdvani (Eminent Writer), PartabsingShahani; H.Mevaram; EsardasParomal&Toormal. 1931: The Special session of the All-India Muslim Conference held at New Delhi and attended by Haji Abdullah Haroom, resolves that: “ This Conference approves the decision of the Round Table Conference that Sindh be separated from the Bombay Presidency and constituted into a separate Governor’s Province and demands that such separation should take effect prior to or simultaneously with the inauguration of the new constitution”. 1939: Mahatma Gandhi continues his fast at Rajkot, numerous messages not only from individuals but from some of the provincial governments are sent to the Viceroy to intervene. 1956: Governor-General Iskandar Mirza becomes President of Pakistan. 1977: Government decides to upgrade NED Engineering college Karachi as full-fledge university. 1995: Seventeen people including three police constables, a ranger and army personnel are killed during three days of Eid in Karachi.

No comments:

Post a Comment