Friday 24 March 2023

Sindh in history today (25th March). By. Dr.Pathan

[24/03, 1:57 pm] Dur Muhammed Pathan: SINDH (icluding Pakistan) IN HISTORY TODAY {25th March} Post consists of: 1). My Good Day Wish, 2). Events from history, 3).Video Talk link. ************* ******* واقعاتي تاريخ ************* 25.3.1857: سنڌ جي ڪمشنر سنڌ جي سمورن ڪليڪٽرن کي حڪم ڏنو ته سڄي صوبي ۾ سمورن سرڪاري کاتن ۾ سنڌئ جو استعمال ڪريو. 25.3.1923: ڪن ڪٽر هندن طرفان ”شڌي تحريڪ“ هلائي, نئو مسلم ماڻھن کي زورئ هندو بنائڻ شروع ڪيو ته ان تي مسلمان عالمن رد عمل ڏيکاريو. ڪراچئ ۾ حڪيم فتح محمد سيوهاڻئ جي صدارت ۾ ”سنڌ جميعت الاسلام“ جي گڏجاڻي ۽ ان ۾ فيصلو ڪيو ويو ته آريا سماجين جي اهڙين سگرمين جو ڀرپور جواب ڏيڻ گهرجي. 25.3.1931: آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽي پنهنجي سالياني اجلاس جي سلسلي ۾ سنڌ ۾ ڏينهن جا ڏينهن سرگرم رهي. اڄ ان جي ”ورڪنگ ڪميٽئ“ جي ڪراچئ ۾ گڏجاڻي ٿي. 25.3.1838: لاڙڪاڻه بورڊ جي هيلٿ ڪميٽئ بورڊ کي سفارش ڪئي ته لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ميلن ملاکڙن تي پابندي لاڳو ڪئي وڃي 25.3.1951: سنڌ ۾ ايوب کهڙي جي حڪومت جڙي, جنهن ۾ قاضي فضل الله کي هوم منسٽر ڪري کنيو ويو. 25.3.1953: جي.ايم.سيد جي صدارت هيٺ ”عوامي محاذ بورڊ“ جي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌئ, پير الاهي بخش, غلام مصطفا ڀرڳڙئ, قاضي فيض محمد ۽ سوڀي گيانچنداڻئ شرڪت ڪئي.فيصلو ڪري هر ضلعي لاء سب ڪميٽي ٺاهي وئي ته جيئن چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن کي ٽڪيٽن ڏيڻ لاء بورڊ کي سفارش ڪري. انهئ گڏجاڻئ ۾ حيدرڀخش جتوئي, خدا بخش کهاڙ ۽ يار محمد شاه کي چونڊ وڙھڻ لاء ٽڪيٽ ڏني وئي. 25.3.1968: غوث بخش بزنجي کي قلم A)124) هيٺ گرفتار ڪيو ويو. 25.3.1969: صدر ايوب عوامي مخالفت جي دٻاء ڪري گوڏا کوڙيا ۽ استعيفا ڏئي اقتدار ڪمانڊر ان چيف يحى ا خان حوالي ڪيائين. هن همراه وري ملڪ ۾ ماشل لا لڳائي ڇڏيو. 25.3.1970: ميجر جنرل (ر) سرفراز خان چيو ته ون-يونٽ ٽوڙي حڪومت وڏي غلطي ڪئي آھي. 25.3.1977: سياسي ڌماچوڪڙئ ۾ ڀٽي جي حڪومت پنهنجي مخالفن, جهڙوڪ: مفتي محمود, پروفيسر غفور, ميان طفيل, مزارئ, شاه احمد نورانئ, ظھور ڀوپالئ, خضر حيات ۽ خواجا صفدر کي جيل اماڻي ڇڏيو.(ساڳو ئي مارچ جو مهينو آھي. عمران ۽ حڪومت جي سياسي ڌماچوڪڙي جاري آھي. پر عمران فى الحال حڪومت جي پڪڙ ۾ نه ٿو اچي). 25.3.1971: يارهن ڏينهن جي ناڪام سياسي جاکوڙ کان پوء صدر يحيا ڍاڪا مان هٿين خالي واپس موٽيو. ذوالفقار علي ڀٽو به شيخ مجيب کي مڃائي نه سگهيو ۽ چيائين ته شيخ مجيب جيڪا گهر ڪري ٿو, اها ملڪي آزادئ کان گهٽ ڪانهي. 25.3.1978: ڀٽي کي لاهور هاء ڪورٽ جيڪا موت جي سزا ٻڌائي, هن انهئ خلاف اڄ سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي. ************* 25 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 25 مارچ 1896ع شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽوجي ٽلٽيءَ ۾ پيدائش ٿي. 25 مارچ 1916ع ليکڪ ڄيٺانند لالواڻي (حيدرآباد / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 25 مارچ 1924ع ليکڪ ڪشن گرناڻي (نوابشاهه / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي. 25 مارچ 1929ع شاعر نشتر ناٿن شاهي جو جنم ڏينهن آهي. 25 مارچ 1929ع اداڪار موهن ڇاٻڙا (بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 25 مارچ 1931ع صحافي محمد خان شيخ (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. 25 مارچ 1937ع سگهڙ غلام حيدر ڀنڀرو جو جنم ڏينهن آهي. 25 مارچ 1945ع شاعر حزب الله ناشاد جو جنم ڏينهن آهي. 25 مارچ 1945ع سگهڙ دلمراد دلاور شر (رسول پور) جو جنم ڏينهن آهي. 25 مارچ 1947ع شاعر محمد صادق امين جو جنم ڏينهن آهي. 25 مارچ 1952ع ليکڪ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو(قمبر) جو جنم ڏينهن آهي. 25 مارچ 1952ع شاعر ڊاڪٽر منصور ملڪ(پڊ عيدن) جو جنم ڏينهن آهي. 25 مارچ 1955ع شاعر مختيار گهمرو (خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي. 25 مارچ 1957ع ليکڪ ملوڪ لنڊ (دادو) جو جنم ڏينهن آهي. 25 مارچ 1977ع ليکڪ عطا راهو (شهمير) جو جنم ڏينهن آهي. 25 مارچ 1982ع ليکڪ ڪاشف سومرو (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 25 مارچ 1982ع شاعر عادل مهر (مبارڪ پور) جو جنم ڏينهن آهي. 25 مارچ 1987ع ليکڪ اياز ٻرڙو (ڪي اين شاهه) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 25 مارچ 1952ع ناليوارو سنڌي گويو ۽ موسيقار استاد بيبو خان حيدرآباد ۾ انتقال ڪري ويو. 25 مارچ 1975ع تي سعودي عرب جي بادشاهه شاهه فيصل کي سندس ڀائٽي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. Dr.Pathan wishes Good Day. [Dear! How to make you believe that ideologies are for the people , but not to sacrifice people. Misinterpretations of ideologies snatches hearts & minds and people become Living Dead or tools in hands of selfishness or anti-human forces. There will be no logic and justification, but decisions and actions regarding values, traditions and relations will be taken and applied one-sided and unilaterally. In such a situation those are in trouble, who follow and promote love & beauty, peace and sincerity] نظرون مٽائي پيو "نظرین" لاء ھي انسان سندو ایمان ! جن "قدرن ۽ نظرين" جو منطق بنیاد رڳو ڊپ وھم گمان،‏ "عملي آدم" جي بدران بٹجي ھر پل "مفروضاتي مھان"،‏ دل جي دیوان جي بدران پيو جوڙي خیالي ماڳ مڪان، ‏"یڪ طرفا" ناتا ڪٽ جوڙ ڪندي ڪري گوڙ گھٹو گھمسان،‏‎ پاڻ ئي لوڙي پاڻ ئي پيو جوڙي ظلم ۽ جھل سندو زندان،‏ مري اھو مستان، جو رھي سدا سرت سونھن سلام سان. ‏‎ ‎ ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY (25th March) EVENTS: 1857: The Commissioner of Sindh sends Circular NO.443 to all collectors of Sindhi issuing instructions as to use of Sindhi in the Revenue as well as in Judicial business. He asks them for adoption of Sindhi as the language of record throughout the Province. 1917: Eminent figure TarachandGajra delivers his lecture on the topic of ‘ What should one do for Samaj/Society?’. This lecture program was arranged by NGO ‘AryaSamaj’ of Karachi. 1923: ShudhiSabha’s activities regarding converting of New Muslims, irritates Religious Scholars. The meeting of the ‘Sindh Jamiat-ul-Ulema’ is held at Karachi with Hakim Fatih Muhammad Sehwani in chair and it is decided to face and deny the propaganda of AryaSamajis.1931: The working Committee of the All-India Congress Committee meets at Karachi. The city remained active spot of Congress activities for so many days. 1938: The Health Committee of the District Local Board recommends ban on Festivals. According to the opinion of the Committee, festivals are not only burden on economy but, are training centers for violation of Social values. 1953: The meeting of AwamiMahaz Board is held with G.M.Syed in Chair. It is attended by Shaikh Abdul Majeed Sindhi, PirIllahiBux; Ghulam Mustafa Bhurgri; KaziFaiz Muhammad and SobhoGiyanchandani. In this meeting District-wise Sub-Committees are formed or recommendation of party tickets to members interesting to contest election. HyderBuxJatoi, KhudaBuxKuhawar and Yar Muhammad Shah are awarded party tickets for Larkano District. 1969: President Ayub Khan resigns and handed over power to Yahya Khan. Martial Law is imposed in Pakistan. Admiral S.M.Ahsan, Air Martial Noor Khan ang General Hamid Khan are appointed as Deputy MLAs. 1970: Major General (R) Sarfraz Khan Vice President of PDP terms abolition of ‘One-Unit’ as a great mistake. 1971: President Yaya is back from Dhaka after an 11-day stay. Bhutto says that the question of autonomy sought by the Awami League is more than the autonomy. It is bordering on sovereignty. 1977: PNA leadership, Mufti Mahmood, Pro.AbdulGhafoor; MianTufailAhmad;MoulanaNoorani,; Mazari;ShahFarid;Khizir Hayat and KhowajaSarfraz are sentenced to three months imprisonment. 1978: Z.A.Bhutto’s appeal against the Lahore High court verdict is filed in the Supreme Court. [25/03, 5:48 am] Dur Muhammed Pathan: https://youtu.be/73cmLQ8EkaA

No comments:

Post a Comment