Tuesday 21 March 2023

Sindh in history today (22nd March). By. Dr.Pathan

Dur Muhammed Pathan: SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {22nd March} My Post consists of: 1). My Good Day Wish, 2). Events from history, 3). Link of my Video Talk on Sindh history. ************* Dr.Pathan‏ ‏wishes you Good Day. [Anybody can help you, but nobody can solve your problems. Ideologies & priorties, like & dislikes and tradions & training have put us at distance to extent that we can't listen and understand others. When we start believeing and behaving that only we are beauty, vision and wisdom, it will be high-risk for love and peace. It is situation in our society and it is position of our hearts and minds] جي ڪنھن ٻئي در دانھیندین، تون ڪوئي داد نہ پائیندین، درد دنیا کي جي ٻڌائیندین، پوء وڌ سور الم ڪمائیندین، جي پاڻ کي عاقل ڀائیندین، ڪڏھن بہ نہ عشق پرائیندین، لنئون سونھن سان لائیندین، سلام سرت ساڻ ٻڌائیندین. ************* SINDH IN HISTORY TODAY (22nd March) EVENTS: 1838: The Government of India asks Colonel Pottenger that apprise Sindh Rulers of views of British Government that the Government is surprised to know that they have submitted themselves to the Court of Persia and it has become matter of concern for the Government of India. 1948: Hindu members of Assemble holds meeting Quaid-i-Azam Muhammad Ali Jinnah at Dhaka to discuss and review the situation created by the partition and its impact/effect on Hindu community. 1949: Muhammad AyubKhuhro is disqualified for three year and now cannot take part in politics and political activities. 1951: Sindh Chief Minister Kazi Fazul-Ullah resigns. !956: The new constitution is promulgated in Pakistan. 1971: Bhutto is holding meeting with Mujeeb in Dhaka. General Yahya asks Doultana, Sardar Shoukat Hayat, Muti Mahood, Wali Khan and GhousBuxBizinjo to holds talks with Mujeeb to resolve important political matters. 1977: Z.A.hutto blames PNA for avoiding negotiating vital political issues with his Government.PNA blames and claims arrest of its ten thousand workers. 1978: Heads of States and Governments of Egypt, Syria, Iran, Indonesia, Qatar, Bahrain and Canadian House of Commons appeal to Zia to commute Z.A.Bhutto’s death sentence. Qadafi sends Special emissary. British, U.S and India refuse to comment ************* سڄڻ سائين! هي هڪ ڏينهن جو نه پر حياتئ جو ليکو آھي. جيسين زنده آھيان تيسين اوهان کي دعائون پيون ڏبيون ۽ تاريخ پئي ٻڌائبي. منهنجي مئي کان پوء اوهان کي هينئن تفصيل سان تاريخ ڪوئي ڪونه ٻڌائيندو. ان وقت ياد ڪندا, آئون ڪونه هوندس, پر انٽرنيٽ هي تاريخي مواد هوندو ۽ منهنجا تاريخ بابت يوٽيوب تي وڊيو ٽاڪس هندا. ان وقت اوهان کي بار بار اهو نه چوندس ته منهنجا وڊيو ٽاڪس سبسڪرائيب ڪريو. اڄ اوهان لاء کڻي آيو آھيان: 1). واقعاتي تاريخ, 2). ولادتن ۽ وفاتن جون تاريخون, 3). اوهان لاء دعا سلام, 4). سنڌ جي تاريخ بابت منهنجي وڊيو ٽاڪ جي لنڪ. ************* 1.واقعاتي تاريخ: 22.3.1836: انگريزن منافقئ تي ٻڌل سفارتڪارئ سان ميرن سان يارئ جو معاهدو ڪيو, جنهن جي هڪ شق اها به هئي ته مير ڪنهن ٻئي ملڪ سان اسان جي ٻڌائڻ کان سواء ناتو نه ڳڍيندا. انگريزن کي شڪ ٿيو ته مير ايران سان لاڳاپا وڌائي رهيا آھن. ان تي ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل اڄ پاٽينجر کي لکيو ته ميرن جي ايران سان يارئ وارئ ڳالھ ڏاڍو چيڙائي ڇڏيو آھي. ان ڪري ميرن کي سمجهاء ته معاهدي جي ڀڃڪڙي نه ڪن, اسان سندن اهڙئ بي وفائئ تي خاموش نه رهنداسين. 22.3.1948: قائد اعظم ڍاڪا ويو ته اسيمبلئ جي هندو ميمبرن ساڻس ملاقات ڪئي ۽ يقين ڏياريائون ته پاڪستان اسان جو وطن آھي ۽ اسان پاڪستان سرڪار سان غير مشروط سهڪار ڪنداسين. (جڏهن بنگلاديش ٺھيو ته بهارين کيس چيو ته اسان بنگلاديش کي نه ٿا مڃون, اسان کي پاڪستان موڪل). 22.3.1949: ايوب کهڙو ڪراچئ جي مالڪئ ۽ وارثئ تي مرڪزي سرڪار سان مهاڏو اٽڪائي سرڪار ۽ خاص طور تي وزير اعظم کي ناراض ڪيو. سرڪار سبب ۽ جواز ڳولهي مٿس پابندي مڙھائي ته کهڙو ٽي سال سياست ۾ حصو نه وٺندو. (سنڌ ۾ انهئ انياء تي ڀرپور وائويلا نه ٿي. ان تي کهڙي جو من مٽجي ويو هو ) 22.3.1956: پاڪستان کي نئين آئين جا ڳه ڳٺا ۽ لٽا ڪپڙا پاراياڌويا. 22.3.1971: ڍاڪا ۾ ڀٽي ۽ مجيب وچ ۾ ڳالهيون ٿيون. صدر ٻين سياستدانن کي به چيو ته مجيب سان مليو ۽ کيس سمجهايو. 22.3.1977: ڀٽي چيو اسان پي.اين.اي وارن سان ڳالهيون ڪرڻ لاء تيار آھيون پر هو تصادم ڪرڻ گهرن ٿا. هڏانهن وري پي.اين.اي وارن دانهون ڪيون ته ڀٽي سرڪار اسان جا ڏه هزار ورڪر گرفتار ڪيا آھن (اڄوڪي حڪومت ۽ عمران به ساڳي موڙ ۽ حالتن کي پهتا آھن). 22.3.1978: مصر, شام, ايران, قطر, بحرين, ڪئناڊا ۽ انڊونيشيا ضياء الحق کي ڀٽي جان بخشڻ لاء اپيلون ڪيون.(ڇا جا ملڪي مفاد ۽ ملڪ جي پرڏيهي پاليسي. ضياءالحق جو ذاتي ۽ گروهي مفاد ان ۾ هئو ته ڀٽي کي ڦاهي تي چاڙھجي) ************* 22 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون جنم ڏينهن: 22 مارچ 1897ع شاعر ۽ مذهبي اسڪالر مولانا دين محمد اديب جي ولادت جو ڏينهن آهي. 22 مارچ 1918ع شاعر اندر ديو ڀوڄواڻيجو جنم ڏينهن آهي. 22 مارچ 1938ع شاعر عبدالغفور سڪايل جو جنم ڏينهن آهي. 22 مارچ 1944ع شاعر عباس علي بيگ عباس (ٽنڊو آغا) جو جنم ڏينهن آهي. 22 مارچ 1954ع شاعر بلبل کورواهيجو جنم ڏينهن آهي. 22 مارچ 1980ع صحافي مصطفيٰ جروارجو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 22 مارچ 1805ع مذهبي اسڪالر مخدوم محمد عثمان مطلوي جو لاڏاڻو ٿيو. 22 مارچ 1866ع بزرگ پير علي محمد قريشي غوثپوٽو جو انتقال ٿيو. 22 مارچ 2005ع اداڪار رشيد خمار ڪراچي ۾ دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو. Video Talk link [22/03, 5:53 am] Dur Muhammed Pathan: https://youtu.be/nZ7gWQ876Ug

No comments:

Post a Comment