Monday 6 March 2023

Sindh in history today (7th March). By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {7th March} & My Good Day Wish. ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [Human being deserves to be treated as human, but not angel or animal. Because, angel can't understand and abide by Human values and animal can become wild any time. Ego, hatred and discrimination make us wild animals, whereas, love and respect for beauty and peace make us Lovely and loving ideal, as you are. ] هر ماٹھوء سان ماٹھو ٿي ھلجي، نہ ڪي فرشتو یا ٿي ڪو حیوان، اھي ڪم انا ۽ متڀيد نفرت سندا، جو دلین ذھنن ملڪن ۾ گھمسان،‏ جي من روح وجود آھن عالیشان، سي ساٿي سرت سونھن سلام جا.‏‎ ‎ ************* EVENTS FROM HISTORY (7th March): 1914: The Graduates Association of Shikarpur was one of very active NGO of Shikarpur. It rendered valuable social services for a long time. Today, it has organized lecture on the topic of social awareness. 1926: Shaikh Abdul Majeed Sindhi launches movement for awareness about importance of education. Today, his appeal for cause is published in the Daily Al-Waheed of Karachi, in which he has diverted attention of readers towards critical situation of education in Sindh. 1935: Sir Shahnawaz Bhutto, Minister for Self Local Government of Bombay Presidency presents Budget Estimates for Forests in the Bombay Legislative Council. 1937: Sindh Muslim Adabi Society of Hyderabad remained very active for years. Today, It has arranged ‘Al-Sindh Poetic sitting’ at Hyderabad. Poets presented their poems. 1962: Pakistan Government sanctions six new industrial units under cash ceiling of Rs.20,000,00 development program for the current year for the Multan Region. 1969: Nine persons are injured by the firing of pro-Ayub procession in Rawalpindi. 1971: ShaikhMujeeb announces a program of action for non-co-operation movement and puts conditions for attending the session of National Assembly to be held on 25th March. His conditions include end of Martial Law, sending army back to barracks and transfer of power to elected representatives immediately. 1977: General elections are held by PPP Government and PPP wins 155 while PNA wins 35 seats out of total of 200. PNA alleges pre- planned massive rigging. 1991:MQM Chairman Azim Tariq expels Badar Iqbal, Afaq Ahmad and Aamir Khan on charges of conspiracy to eliminate Altaf Hussain 1992: Syed Muzaffar Shah is elected unanimously as the leader of the house/Sindh Chief Minister. سڄڻ سائين! مان عظيم قوم جي عجيب نسل جو هڪ فرد آھيان. موجوده نسل کي ميلن ملاکڙن ملهائڻ, سالگرهون, ورسيون ملهائڻ ۽ جلسن جلوسن ڪڍن مان فرصت ملي ته اهو سوچي سگهن ته سنڌ ۽ سنڌين سان پنهنجن ۽ پراون ڪيڏيون نه ويساه-گهاتيون ڪيون آھن. 7 فيبروري 1839 تي اسان جي حڪمرانن پنهنهئ رضا خوشئ سان انگريزن کي ڪراچي لکي ڏني. اڃ باضابطه طور شھر ۽ پسگردائي ايسٽ انڊيا ڪمپنئ جو راڄ شروع ٿيو. اهو گهاؤ موجوده نسل کي ياد ڪونهي, جڏهن ته انهئ گهاؤ مان وهندڙ رت اڄ به بند نه ٿيو آھي ۽ اسان جا ناقابت انديش دين-ڀائي انهئ گهاؤ ۾ لوڻ مرڪي ڪراچئ کي وري اسان کان به لکرائي وٺڻ جي چال چلي رهيا آھن. فڪري ۽ نظرياتي غلامن کي قومي دک درد ياد نه رهندا آھن. تاريخ اهي سورن جا مذڪور ياد ڏياريندي آھي. ان ڪري اچو ته 7 مارچ جي حوالي سان تاريخ جو مطالعو ڪريون. اوهان کي دعا سلام آخر ۾ ڏبا. ** 1839ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ايسٽ انڊيا ڪمپني جي مڪمل ڪنٽرول ۾ اچي ويو. ** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ۾ مقرر انگريز عملدار ميجر آئوٽرام سرچارلس نيپيئر کي سيوهڻ مان آگاهه ڪيو ته سنڌو درياءَ جا وهڪرا گهٽجي رهيا آهن، ان ڪري اسان سڄو ڏينهن هتي گذاريو آهي، آئون توهان کي ٽالپر حڪمرانن جي حيدرآباد آمد بابت پڻ تفصيلن کان آگاهه ڪندو رهندس. ** 1931ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ آزاد پارٽي جي نوابشاهه ۾ شاخ قائم ڪئي وئي، آخوند عبدالواحد، رئيس غلام صديق خان ۽ عبدالخالق ترتيبوار صدر، نائب صدر ۽ خزانچي چونڊيا ويا، ان دور ۾ هڪ ٻي پارٽي سنڌ آزاد ڪانفرنس پڻ قائم ٿيل هئي جيڪا سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي کان ڌار ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهي هئي، جڏهن ته سنڌ آزاد پارٽي پڻ ساڳئي مقصد تحت جدوجهد شروع ڪئي، شيخ عبدالمجيد سنڌي سنڌ آزاد پارٽي جو باني هو ۽ سنڌ آزاد ڪانفرنس نالي پارٽي حيدرآباد ۾ ٿيل آزاد ڪانفرنس جي موقعي تي وجود ۾ آئي، جنهن ڪانفرنس جي صدارت پنجاب جي علامه يوسف علي ڪئي هئي، سر شاهنواز ڀٽو سنڌ آزاد ڪانفرنس پارٽي جو پهريون صدر چونڊيو ويو هو. ** 1949 ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم لياقت علي خان پير الاهي بخش جي ڪابينا کي برطرف ڪري ڇڏيو، جنهن تي سنڌ جي سياستدانن ۽ سنڌي پريس اهو واضح نموني موقف اختيار ڪيو ته سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن سان سياسي انتقامي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. ** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان مان ايندڙ مهاجرن کي پاڪستان ۾ پناهه ڏيڻ جي معاملي کي قانوني شڪل ڏيڻ لاءِ گورنر جنرل هڪ آرڊيننس جاري ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو ته هندستان مان ايندڙ مهاجرن کي شهرن ۽ ٻهراڙين وارن علائقن ۾ رهايو ويندو ۽ انهن کي ملڪيتون پڻ ڏنيون وينديون. ** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڊي اي سي نالي مخالف ڌر جي اتحاد جي اڳواڻن صدر ايوب خان جي ڳالهين واري آڇ تي غور شروع ڪيو، نوابزاده نصرالله خان صدر ايوب خان کان مطالبو ڪيو ته ملڪ مان ايمرجنسي ختم ڪئي وڃي، قلم 144 کي واپس ورتو وڃي، ڊي پي آر کي ختم ڪيو وڃي ۽ سڀني سياسي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي ته پوءِ ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. ** 2008ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي شهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ پنڊي پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي، جن جا نالا حسنين ۽ رفاقت ڄاڻايا ويا. 7 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون جنم ڏينهن: 7 مارچ 1844ع شاعر ۽ مذهبي اسڪالر مولانا عبدالغفور مفتون جي پيدائش جو ڏينهن آهي . 7 مارچ 1916ع پينٽر ديو ڪرشن ڀوڄواڻي (حيدرآباد / بمبئي) جي ولادت ٿي. 7 مارچ 1919ع ليکڪ لالچند آريا (آرائين / نئين دهلي) جو جنم ڏينهن آهي. 7 مارچ 1924ع ليکڪا بادام ناتوان (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 7 مارچ 1940ع ليکڪ موهن لال ناگديو (سکر / آگره) جو جنم ڏينهن آهي. 7 مارچ 1954ع صحافي محمد عثمان (جيڪب آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 7 مارچ 1955ع ليکڪ ناز ڪاظمي جو جنم ڏينهن آهي. 7 مارچ 1955ع ليکڪ عبدالڪريم پريمي جو جنم ڏينهن آهي. 7 مارچ 1955ع باليووڊ اداڪار انوپم کير جو جنم ڏينهن آهي. 7 مارچ 1964ع ليکڪ حاجي خان چاچڙ جو جنم ڏينهن آهي. 7 مارچ 1965ع ليکڪ طارق امر آريجو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 7 مارچ 1974ع ليکڪ بخاري افضل جو جنم ڏينهن آهي. 7 مارچ 1981ع ليکڪ مير دلشاد ڌاريجو جو جنم ڏينهن آهي. 7 مارچ 1981ع آرٽسٽ حبيب خاصخيلي جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 7 مارچ 1998ع ترقي پسند اديب، شاعر ۽ صحافي ڪامريڊ برڪت علي آزادجي وفات ٿي. 7 مارچ 1999ع ڪميونسٽ ۽ مزدور اڳواڻ ڪامريڊ امام علي نازشجو انتقال ٿيو. 7 مارچ 2000ع سياستدان بيگم طاهره آغاجو انتقال ٿيو.

No comments:

Post a Comment