Saturday 11 March 2023

Sindh in history today (12th March). Post in English & Sindhi By. Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {12th March} & My Good Wish. ************* I have been telling history to my people since last decade with new additions, updating and interpretations. It is Single man`s humble and unique work. ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [None of us is Supernatural or subordinate. We are equal in all respects. Every body deserves love & beauty and respect & regards. Accept & respect all without discrimination. It is the real vision & wisdom, philosophy & ideology that we need] ماٹھو سمجھ ماٹھوء کي، ان کان مٿي نہ ھیٺ، عزت لائق ھر ڪو آدمي، چاھي محبت ۽ میٺ، وارو ملندو نیٺ، برھ برابرئ سرت سلام کي. ************* SINDH IN HISTORY TODAY (12th March) EVENTS: 1843: The Governor-General of India declares Sindh as the part of their Government of India. 1919: Sir W. Vincent moves consideration of Select Committee Report on Rowlaat Bill in Imperial Legislative Council. A hot debate starts, non-official Indians opposes the Bill in one voice. 1930: Gandhi starts his March to Mandvi to offer civil disobedience through violation of the provisions of the Salt Law. 1932: In Bombay Legislative Council, Sir Shahnawaz Bhutto opposes motion demanding Government to hold conference of the leaders of various parties to get feedback and guidance for the Round Table Conference and its Sub-Committees. 1935: Seth Haji Abdullah Haroon’s cut motion protesting against ‘repression in Balochistan’ is carried by the Bombay Legislative Council. 1936: The smaller states of Gujrat and Kathiwar wish to have confederation of their own instead of their amalgamation with larger Indian States. 1942: Public meetings arranged by the local branches of the Sindh Muslim league at Kambar, Dokri and Gatahar declare that they will not accept any move minus Pakistan. 1948: Karachi is declared as the capital of Pakistan. Kelat asks for three months to decide amalgamation with Pakistan. 1952: Joint Secretary, Department of Defense, Government of Pakistan, is appointed as first ever Chief Commissioner of Karachi. 1955: increasing of regional and international responsibilities have increased liabilities of our army, and we have to improve our professionalism, says Defense Minister General Ayub Khan. 1965: Faiz Ahmad Faiz is released from ShahiQila. 1972: Chief Martial Law Administrator Z.A.Bhutto issues Martial Law Regulation for implementation of Land Reforms. 1977: PNA demands resignation of Bhutto Government, dissolution of the Election Commission and formation of interim government. 1981: Pakistan Government agrees to release 55 prisoners demanded by the hijackers of PIA plane. ( 12 مارچ تي رونما ٿيندڙسنڌ جي تاريخ جا واقعا, ولادتون ۽ وفاتون) ** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان جي گورنر جنرل سنڌ کي هندستاني حڪومت جو حصو قرار ڏئي ڇڏيو، هن ڄاڻايو ته سنڌ تي به هندستان جي حڪومت هوندي، واضح رهي ته ان وقت ۾ انگريزن سنڌ تي قبضو ڪري ورتو هو. ** 1919ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سر ڊبليو ونسيٽ روولاٽ بل بابت سليڪٽ ڪاميٽي جي رپورٽ تي نظرثاني لاءِ رٿ پيش ڪئي، امپيريل ليجسليٽو ڪائونسل ۾ ان رٿ تي گرماگرم بحث ٿيو. ** 1930ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مهاتما گانڌي مانڊوي طرف مارچ شروع ڪيو، هن حڪومت خلاف سول نافرماني تحريڪ جو آغاز ڪيو هو، ان حوالي سان هن احتجاجي مارچ شروع ڪيو. ** 1932ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ سر شاهنواز ڀٽو گول ميز ڪانفرنس ۽ ان جي سب ڪاميٽين بابت رهنمائي حاصل ڪرڻ لاءِ سڀني پارٽين جي اڳواڻن تي ٻڌل ڪانفرنس ڪوٺائڻ واري معاملي جي مخالفت ڪئي. ** 1935ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ بلوچستان جي معاملي بابت سيٺ حاجي عبدالله هارون جي رٿ پيش ڪئي وئي. ** 1936ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گجرات ۽ ڪاٺياواڙ رياستن هندستان سان الحاق ڪري ڇڏيو. ** 1942ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ مسلم ليگ طرفان قمبر، ڏوڪري ۽ گٽهڙ ڳوٺ ۾ گڏجاڻيون ڪوٺايون ويون، جن ۾ اهو مطالبو ڪيو ويو ته مائنس پاڪستان واري ڪنهن به اڳڀرائي کي قبول نه ڪيو ويندو. ** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي کي ملڪ جي گادي جو شهر قرار ڏنو ويو، جڏهن ته قلات کي اهو چيو ويو ته پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ٽن مهينن جو وقت آهي، تيستائين حتمي فيصلو ڪيو وڃي. ** 1952ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي دفاع واري وزارت جي جوائنٽ سيڪريٽري کي پهريون ڀيرو ڪراچي جو چيف ڪمشنر مقرر ڪيو ويو. ** 1965ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ناليواري شاعر فيض احمد فيض کي شاهي قلعي مان گرفتار ڪيو ويو. ** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سول چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ذوالفقار علي ڀٽو زميني سڌارا آڻڻ لاءِ مارشل لا ريگيوليشن جاري ڪري ڇڏيو. ** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان نيشنل الائنس (پي اين اي) مطالبو ڪيو ته ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت استعيفا ڏئي، اليڪشن ڪميشن کي ٽوڙيو وڃي ۽ غير جانبدار نگران حڪومت قائم ڪئي وڃي ************* 12مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون جنم ڏينهن: 12 مارچ 1902ع ليکڪ چوهڙ مل هندوجا جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 12 مارچ 1922ع اسڪالر محبوب علي چنا (سيوهڻ) جو جنم ڏينهن آهي. 12 مارچ 1924ع صوفي راڳ جي مشهور ڳائڻي بيگم فقيرياڻي جي پيدائش ٿي. 12 مارچ 1935ع شاعر جمال الدين جوڳي جو جنم ڏينهن آهي. 12 مارچ 1944ع شاعر ۽ اداڪار شيوا شمع بوداڻي (سکر / الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي. 12 مارچ 1944ع ناليواري ڪهاڻيڪار، ناول نويس ۽ اديب غلام نبي مغلجو جنم ڏينهن آهي. 12 مارچ 1945ع ليکڪ ۽ آرٽسٽ قاضي خضر حيات (رتوديرو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 12 مارچ 1958ع ليکڪ عاشق دادوي جو جنم ڏينهن آهي. 12 مارچ 1963ع شاعر رجب ٻگهيو (سيوهڻ) جو جنم ڏينهن آهي. 12 مارچ 1967ع صحافي ربنواز ڪمالاڻي (قنمبر) جو جنم ڏينهن آهي. 12 مارچ 1972ع ليکڪ شمن لاشاري (واهي پانڌي) جو جنم ڏينهن آهي. 12 مارچ 1981عليکڪ ملڪ وحيد (دادو) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 12 مارچ 1925ع صوفي فقير موهن لال آهوجاديهانت ڪري ويو. 12 مارچ 1992ع شاعر ۽ فنڪار حسين بخش خادمجو انتقال ٿيو. 12 مارچ 1993ع انقلابي ۽ باغي شاعر حبيب جالب جي وفات ٿي.

No comments:

Post a Comment